مواد ڏانھن هلو

آڪاش منڊل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شمسي سرشتي جو خاڪو

آڪاش مَنڊَل‘ يا‘ شمسي سرشتو سِجَ ۽ ان سان ثقلاً واڙيل فردوسي اجسام تي ٻڌل آهي، جن ۾ ڌرتيءَ سميت اٺ گِرَهه ۽ سندن هيستائين دريافت ڪيل 165 چنڊ، ٽي ننڍ گِرَهه ۽ سندن هيستائين دريافت ڪيل چار چنڊ، ۽ اربين ٻيا ننڍا اجسام شامل آهن. آخري زمري ۾ گِرَهِڙيُون (Asteroids)، ڪائيپر پَٽِيءَ جون وٿون، پُچُڙ تارا (Comets)، وساڙا (Meteoroids)، ۽ بين الگرهياتِي ڌوڙ شامل آهن.

شمسي سرشتي ۾ اَٺ گرھ آهن. سج کان فاصلي جي ترتيب سان انهن جا نالا هيءَ آهن.

  1. عطارد
  2. زھرہ
  3. زمين
  4. مريخ
  5. مشتري
  6. زحل
  7. يورينس
  8. نيپچون

شمسي نظام ۾ ڪيترائي ننڍا گرھ پڻ موجود آهن، جن ۾ ڪجهه هيٺيان آهن.

  1. سيريز
  2. پلوٽو
  3. هاميا
  4. ايرِس
  5. خارون
  6. سيڊنا

1781ع عيسوي تائين اسان جو علم صرف سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ ڇهين گرهن تائين محدود هو، يعني اسان کي نظام شمسي جي اٺن ميمبرن جي خبر هئي.

  1. سج (سن SUN)
  2. عطار (مرڪيوري MERCURY)
  3. زهره (وينس VENUS)
  4. زمين (ارٿ EARTH)
  5. مريخ (مارس MARS)
  6. مشتري (جيوپيٽر JUPITER)
  7. زحل (سئٽرن SATURN)
  8. چنڊ (مون MOON)

پوءِ وري 1781 ۾ ئي يورينس (URANUS) دريافت ٿيو. وري 1846ع ۾ نيپچون (NEPTUNE) دريافت ٿيو ۽ 1930ع ۾ پلوٽو (PLUTO) دريافت ٿيو. اهڙيءَ طرح اسان جي نظام شمسي جا ڪل يارنهن ميمبر ڳڻيا ويا. نيپچون (NEPTUNE) گرهه جي ڳولا ائين ٿي هئي، جو ماهرين فلڪيات محسوس ڪيو ته يورينس URANUS گرهه پنهنجي مدار تي متوازن نموني سان گردش نه پيو ڪري، پر ائين ٿو لڳي ته ڪا اڻ ڏٺي قوت ان تي عمل ڪري، ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، پوءِ ڳولا ڪرڻ تي اها اڻ ڏٺي طاقت نيپچون گرهه جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. پوءِ وري جڏهن نيپچون جي مدار کي به غير متوازن محسوس ڪيو ويو ته پوءِ خبر پئي، ته هڪ ٻيو سيارو ”پلوٽو“ ان تي طاقت لڳائي رهيو هو، اهڙي نموني پلوٽو دريافت ٿيو. پر هاڻي وري سائنسدانن جو سڪون ان ڳالهه تي برباد آهي ته پلوٽو سيارو به پنهنجي مدار تي متوازن گردش نه پيو ڪري. بلڪه پوري نظام شمسي ۾ ان جي گردش جو انداز سڀ کان زياده عجيب آهي. ان کان علاوه پلوٽو پنهنجي ليکي تمام ننڍڙو ۽ گهٽ وزن وارو سيارو آهي. اٽڪل 2900 ميل پکيڙ اٿس، يعني زمين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ننڍڙو. ان جي ڪري اهو تسليم ڪري نٿو سگهجي ته پلوٽو پاڻ کان تمام وڏن سيارن يورينس ۽ نيپچون کي طاقت لڳائي غير متوازن ڪري سگهي ٿو. عراق مان لڌل آثارِ قديمه مان هڪ قوم سميرين جي باري ۾ زبردست انڪشاف ٿيا آهن، جن جي مطابق اها قوم تمام گهڻي ذهين هئي ۽ اصل ۾ اسان جي نظام شمسي جي ڏهين سياري (NIBIRU). نيبيرو تان آئي هئي ۽ سائنس ۾ تمام گهڻي ترقي ڪيل هيس. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهو ئي ڏهون گرهه آهي، جيڪو نظامِ شمسي جي سڀني گرهن کان وڏو آهي ۽ سڀني تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.[1] پلوٽو جو شمار ھاڻي سيارن ۾ ناھي ٿيندو.

روشنيءَ جي هڪ رفتار آهي. روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 1 لک 86 هزار، 2 سو 88 ميل يا لڳ ڀڳ 3 لک ڪلوميٽر آهي. اها روشني هڪ منٽ، هڪ ڪلاڪ ۽ هڪ ڏينھن رات ۾ ڪيترو پنڌ ڪري ٿي ۽ جڏھن هڪ سال ۾ ڪيترو پنڌ ڪري ٿي، ان کي هڪ نوري سال پنڌ چئبو آھي. اها روشني، ان رفتار سان هڪ لک سالن ۾ جيترو پنڌ ڪري ٿي، اها اسان جي کير پٽي يا کيرائين واٽ Milky way جي ڊيگھ آهي.

ٽارچ يا بلب ٻارڻ سان اڳتي جي روشني رفتار 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي يعني ڪو ٽارچ ٻاري ۽ ٻيو همراھ ٽي لک ڪلوميٽر پري بيٺل هجي تہ هن کي ٽارچ ٻرڻ کان پوءِ پوري هڪ سيڪنڊ بعد ان جي روشني نظر ايندي. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي ڇو جو چنڊ اسان کان 376300 ڪلوميٽر پري آهي. سج جي روشني 500 سيڪنڊن ۾ پھچي ٿي ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 150 ملين ڪلوميٽر پري آهي. هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته 500 سيڪنڊ يعني ساڍن اٺن منٽن بعد پهچڻ وارو روشني وارو سج اسان کان ڪيترو پري آهي. اتي هڪ مھينو يا هڪ سال بعد پھچڻ واري روشني جو تارو ڪيترو پري هوندو. هڪ نوري سال معنيٰ هڪ سال جا سيڪنڊ ڪڍي ان کي روشنيءَ جي رفتار ”300،000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ“ سان ضرب ڪرڻ سان 9460730472580 ڪلوميٽر ٿيو.

سج ۽ تمام فلڪي منڊلن جي مجموعي کي شمسي نظام چئبو آھي جيڪي سڌا سنوان يا اڻ سڌي طرح سج جي ثقلي پڪڙ ۾ اچن ٿا.

سج جو قطر زمين کان 109 دفعا وڏو آھي ھن ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم گئس پاتي وڃي ٿي. سج جي سطح جي گرمي پد ساڍا پنج ھزار سنٽيگريڊ آھي جڏھن تہ سج کان خارج ٿيندڙ  روشني ۽ گرمي انتھائي قليل مقدار ۾ گهٽ پھچي ٿي.

سج نظام شمسي جي مرڪز ۾ واقع آھي. زمين ۔ گرھ ۔ اپگرھ ۽ ٻيا جسم سج جي چوڦير گردش ڪن ٿا. سج جو مقدار نظام شمسي جي ڪل مقدار 99 سيڪڙو جيترو آھي. سج زمين کان تقريبن 14,95,98,000 ڪلوميٽر پري آھي.

سج جي چوڌاري جسمن کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو آھي

(1) سيارا Planets

(2) بونا سيارا Dwarf planets

(3) ننڍا شمشي گرھ Small Solar System bodies

ان کان سوا سيارن کي پنھنجا سيارچا يا اپگرھ Satellite ٿين ٿا.

سائنس مطابق پنھنجو شمسي نظام 4.6 ارب سال پھرين وجود ۾ آيو. اسان جي  شمسي نظام ۾ سڀ کان وڏو تارو Star سج آھي، باقي  سڀ سيارا Planets سج جي  چوڌاري گهمي رھيا آھن. سج زمين کان 15ڪروڙ ڪلوميٽر پري آھي. سج ويجھو سيارو  عطارد Mercury آھي جيڪو سج کان 79 لک ڪلوميٽر پري آھي. ٻئي نمبر  تي زھرا Venus سيارو آھي .جيڪو 35 ڪلوميٽر في سيڪنڊ  رفتار سان چڪر لڳائي رھيو آھي. ٽئين نمبر تي اسان جي زمين Earth آھي جيڪا 30 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سج جي چوڌاري گهمي رھي آھي. چوٿين نمبر تي مريخ، پنجين نمبر تي مشتري Jupiter، ڇھين نمبر تي سيٽرن (Saturn)، ستين نمبر تي يورنيس Uranus، اٺين نمبر تي نيپچون Neptune آهي.

ڪائنات ۾ اسان جو شمسي نظام ننڍي ۾ ننڍو آهي. ڪائنات ۾ اسان جي سوچ کان بہ وڌيڪ ڪھڪشائون آهن. اسان جي ڪھڪشان سِجَ ۽ ان سان ثقلي واڙيل فلڪي جسم تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ڌرتيءَ سمیت اٺ گِرَھ ۽ سندن ھیستائین دريافت ڪیل 165 چنڊ، ٽي ننڍا گِرَھ ۽ سندن ھیستائین دريافت ڪیل چار چنڊ، ۽ اربین ٻیا ننڍا جسم شامل آھن. آخري زمري ۾ سيارچا (بونا گرھ) Asteroids ، ڪائیپر پَٽِيءَ جون وٿيون، پُچُڙ تارا Comets، وساڙا Meteoroids، ۽ بین الگرھیاتِي ڌوڙ شامل آھن. عام مفھوم ۾ نظام شمسي ۾ سج ۔ 4 اندريان گرھ ۔ بونا گرھ ۔ 4 ٻاھريان گرھ ۽ ڪوئپر پٽي تي مشتمل آھن. ڪوئپر پٽي کان پري ڪافي جسمن کي بہ شمسي نظام جو حصو تسليم ڪيو وڃي ٿو. سج جي فاصلي جي اعتبار کان سيارن جي ھي ترتيب آھي. عطارد ۔ زھره ۔ زمين ۔ مريخ ۔ مشتري ۔ زحل ۔ يورينس ۔ نيپچون. انهن مان 6 گرھن جي چوڌاري انهن جا پنھنجا بونا گرھ گردش ڪن ٿا جن کي زمين جي چنڊ جي مناسبت سان چنڊ چيو وڃي ٿو. چئن بيروني گرھن جي چوڌاري ننڍا پھاڙي جسم ۔ ذرا ۽ ڌوڙ ايراضي جي شڪل ۾ گردش ڪن ٿا. ٽن بونن گرھن ۾ پلوٽو ڪوئپر پٽي جو سڀ کان وڏو معلوم جسم ۔ سيرس سيارچن جي پٽي جو سڀ کان وڏو جسم ۽ ارس ڪوئپر پٽي کان پري واقع آھي. شامل آھن. پلوٽو کي گرھن جي فھرست مان خارج ڪيو ويو آھي ھاڻي بونن گرھن ۾ شامل آھي.

اسانجي شمسي نظام ۾ چئن انتهائي وڏن گئس مان ٺھيل گرھن جوپيٽر، سيٽرن، نيپچون ۽ يورينس کي تمام مضبوط مقناطيسي قوت آھي. زمين کي وچٿري ۽ مَرِڪَري کي انتھائي ڪمزور قوت آھي جڏھن تہ وينس ۽ مريخ کي ڪا مقناطيسي قوت ناھي.

اسان جو نظام شمسي سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرڻ وارن 8 سيارن ۔ مختلف سيارن جي اپگرھن ۽ لاتعداد بونن گرھن تي مشتمل آھي. اسان جي نظام شمسي ۾ ڦرندڙ سيارا سج کان ڪيترو پري آھن انهن جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو.

اسان جي شمسي نظام ۾ گرھن جو سج کان فاصلو :-

(1) عطارد :- 57910000KM يعني 5 ڪروڙ، 79 لک، 10 ھزار ڪلوميٽر

(2) زھرا: 108200000KM يعني 10 ڪروڙ، 82 لک ڪلوميٽر

(3) زمین: 149600000KM يعني 14 ڪروڙ، 96 لک ڪلوميٽر

(4) مریخ: 227940000KM يعني 22 ڪروڙ، 79 لک، 40 ھزار ڪلوميٽر

(5) مشتري: 778330000KM يعني 77 ڪروڙ، 83 لک، 30 ھزار ڪلوميٽر

(6) زحل: 1429400000KM يعني 1 ارب، 42 ڪروڙ، 94 لک ڪلوميٽر

(7) یورنیس: 2870990000KM يعني 2 ارب، 87 ڪروڙ، 9 لک، 90 ھزار ڪلوميٽر

(8) نیپچون: 4504300000KM يعني 4 ارب، 50 ڪروڙ، 43 لک ڪلوميٽر

مداري گرھن جون خاصيتون :-

سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ ھر گرھ ھيٺين خاصيتن وارو ٿئي ٿو.

ان جو مقدار گهٽ ۾ گهٽ ايترو ھجي جو پنھنجي ثقلي ڪشش جي ڪري گولدار شڪل اختيار ڪري پنھنجي ڪشش ثقل سان پنھنجي مدار ۽ ان جي آسپاس جي علائقي جي ننڍن جسمن کي صاف ڪري چڪو ھجي.

بونن سيارن جي مدار جي آسپاس عام طور تي ننڍا جسم پاتا وڃن ٿا انهن ۾ ايتري ڪشش مضبوط نٿي ٿئي جيڪا پاڙي جي صفائي Clearing the neighbourhood ڪري سگهي.

ڪجهه ٻيا جسم جيڪي مستقبل بونا جسم قرار ڏنا ويا آھن انهن ۾ Sedna ،Orcus ۽ Quaoar شامل آھن۔

پلوٽو کي 1930ع ۾ پنھنجي دريافت کان 2006ع تائين سيارو تسليم ڪيو ويندا ھيو پر 20 صدي جي آخر ۾ ۽ 21 صدي جي مھڙ ۾ پلوٽو سان ملندڙ جلندڙ گهڻا بونا گرھ نظام شمسي جي ٻاھران دريافت ڪيا ويا انهن ۾ ارس جيڪو جسامت ۾ ميپلوٽو کان وڏو آھي.

سج جي چوڌاري ۾ باقي تمام جسم ننڍن شمسي جسمن Small Solar System bodies ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا.

قدرتي سيارچا يا چنڊ اھي جسم آھن سج جي بجاء ٻين گرھن يا بونن سيارن يا SSSBs جي چوڌاري گردش ڪن ٿا.

ڪنھن بہ سياري جو سج کان فاصلو يڪسان نٿو رھي ڇوجو سيارن جو مدار عمومن بيضوي ٿئي ٿو ڪنھن سياري جي سج کان گهٽ فاصلي کي ان جو سج مدار Perihelion

چئبو آھي ۽ ساري جي سج کان وڌيڪ فاصلي کي ان جو اوج Aphelion چئبو آھي.

فلڪي ماھرن مطابق عام طور تي فلڪي منڊلن (فلڪي گرھن) جي گڏيل فاصلن جي پيمائش لاء فلڪي اڪايون Astronomical Unit يا AU تقريبن سج کان زمين تائين فاصلي جي برابر ٿين ٿيون. ھڪ فلڪي اڪائي تقريبن AU سج کان زمين تائين فاصلي جي برابر ٿئي ٿي. سج جو زمين کان فاصلو 149598000 ڪلوميٽر يا 93000000 ميل آھي. پلوٽو سج کان 38 فلڪي اڪاين AU ۽ مشتري 5.2 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي.

ھڪ نوري سال جيڪو ستارن جي مابين فاصلن جي معروف ترين اڪائي آھي تقريبن 63,240 فلڪي اڪاين جي برابر ٿئي ٿو.

غير رسمي طور تي نظام شمسي جي الڳ خطن Zones ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي. اندروني نظام شمسي ۾ چار سيارا ۽ سيارچن جي پٽي شامل آھي. ڪجهه فلڪي ماھر ٻاھريين نظام شمسي ۾ اپ گرھن (سيارچن) کان پري تمام سيارن ۽ ٻين جسمن کي شامل ڪن ٿا. جڏھن تہ ٻين مطابق ٻاھريون نظام شمسي نيپچون کان پوء شروع ٿئي ٿو ۽ مشتري ۔ زحل ۔ يورينس ۽ نيپچون ھڪ الڳ وچين خطي جو حصو آھن.

اسان جو شمسي نظام ۽ سج :-

سج نظام شمسي جو مرڪزي ستارو ۽ سڀ کان اھم حصو آھي. ھي مقدار ۾ زمين کان 332,946 ڀيرا وڏو آھي. ھن جي ڀاري مقدار ھن کي اندروني گهاٽائي فراھم ڪري ٿي جنھن سان ھن جي مرڪز ۾ جوھري رچاء رھي ٿو. جوھري رچاء جي ڪري تمام وڏي مقدار ۾ توانائي پيدا ٿئي ٿي جنھن جو وڌيڪ حصو برقناطيسي لھرن Electromagnetic ۽ تابڪارن Radiations جي شڪل ۾ خلا ۾ وکري ٿو. سج کي ستارو مڃيو وڃي ٿو.

اسان جو نظام شمسي خلا ۾ حرڪت ۽ سفر ڪندو رھي ٿو. نظام شمسي جي اندر انفرادي ستارا سج جي چوڌاري ڦرندا رھن ٿا. سيارا مختلف رفتار سان سفر ڪندا رھن ٿا. ان کان سوا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. سج جي ڪشش ثقل ان پوري نظام کي يڪسو مدار ۾ رکي ٿي. جيڪو گرھ سج جي ويجهو ھوندو ان تي سج جي قوت وڌيڪ ھوندي جيڪو سيارو سج کان پري ھوندو ان تي سج جي قوت گهٽ ٿيندي سج گهمندڙ گئس جو گولو آھي. سج جي مرڪز ۾ واقع ٿيندڙ ايٽمي ردعمل فوٽان جي صورت ۾ خارج ڪندا رھن ٿا. سج جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي ھيليم ۾ تبديل ٿيندڙ شرح 60 ڪروڙ ٽن في سيڪنڊ آھي. ان جي نتيجي ۾ جيڪا توانائي پيدا ٿئي ٿي اھا خلا ۾ سفر ڪري ٿي

سج ان ڪيميائي رد عمل جي ڪري ھر ھڪ منٽ ۾ پنھنجي ڪل مقدار مان 40 لک ٽن مقدار وڃائي رھيو آھي.

سج جو خلا ۾ ڪافي وشال ايراضي تائين پکڙيل آھي. سج جي تھ مان جيڪي گئسون نڪرن ٿيون انهن جي ڪري شمسي طوفان اچن ٿا. ھي شمسي طوفان پاڻ سان گڏ سج مان ھڪ مقناطيسي ميدان کڻي اچي ٿي. سج جي گهمڻ جي ڪري ھي مقناطيسي ميدان ڦيريدار شڪل وارا ٿي وڃن ٿا. ھن شمسي طوفان جي غلبي ۾ اچڻ واري خلا کي سج گولو Heliospere سڏيو وڃي ٿو.

سائنسدانن مطابق ھن وقت سج پنھجي عروج تي آھي ۽ ان ۾ جلڻ لاء ڪافي ٻارڻ موجود آھي. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي چمڪ ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو.

سج ۾ ھيڊوجن ۽ ھيليم جي تناسب سان اندازو ٿئي ٿو تہ سج پنھنجي وچين عمر ۾ ھلي ٿو پيو. وقت گذرڻ سان گڏ سج جي جسامت ۽ چمڪ ۾ اضافو ٿيندو ويندو ۽ ڳاڙھسرو ٿيندو ويندو. تقريبن 5 ارب سالن ۾ سج ھڪ ڳاڙھو ديو Giant بنجي ويندو. ان وقت سج جي چمڪ ان جي موجودھ چمڪ کان ڪيئي ھزار ڀيرا وڌيڪ ھوندي.

سج اول آبادي Population I جو ستارو آھي. ڪائناتي ارتقا کان گهڻو پوء جي مرحلي ۾ پيدا ٿيو ھو ان جي بيھڪ ۾ ٻي آبادي Population II جي ستارن جي نسبت ۾ ڀاري عنصرن جي مقدار وڌيڪ آھي. انهن ڀاري عنصرن کي فلڪياتي زبان ۾ ڌاتون چون ٿا پر علم ڪيميا ۾ ڌاتن جي وصف ان کان مختلف آھي ھيڊوجن ۽ ھيليم کان ڀاري عنصر قديم ڦاٽڻ وارن ستارن جي مرڪز ۾ بنيا ھئا. ان لاء ڪائنات ۾ انهن عنصرن جي موجودگي جي لاء ستارن جي پھرين نسل Generation جو مرڻ ضروري ھو. قديم ترين ستارن ۾ ڌات جي تمام گهٽ مقدار پاتي وڃي ٿي. فلڪياتي ماھرن جي خيال ۾ سج جي اوچي ڌاتيت ان جي چوڌاري گرھن جي جوڙ لاء انتھائي اھم ھئي. ڇوجو گرھ ڌاتن جي ارتڪام Accretion مان بنيا ھئا.

اسان جو نظام شمسي ۽ ڪھڪشان :-

اسان جو نظام شمسي کير پٽي يا کيرائين واٽ Milky Way ۾ واقع آھي. ھي ھڪ ڪماني پکال ( ڪماني پيٽ يا ڪماني جليبي) Barred spiral ڪھڪشان آھي. اسين جيڪڏهن کير پٽي يا کيرائين واٽ Milky Way کي ايڏو پري کان ڏسون جو اهو گراٺ جيترو مس نظر اچي تہ

(1) مٿان يا هيٺان کان ڏسڻ مھل اهو جرڪيدار جليبي جهڙي ٿالهي نظر ايندي.

(2) پاسي کان ڏسڻ مهل چُھنبدار ڏِيٽي (ڏِڪِيءَ) يا وچ ۾ ٿلهي پاسيرو جهليل جليبي جيان نظر ايندي. هڪ پاسي کان ٻي پاسي تائين اسان جي کيرائين واٽ يا کير پٽي ڪهڪشان جي ڊيگھ هڪ لک نُوري سال Light-year آهي.

سج ۽ تمام فلڪي منڊلن جي مجموعي کي شمسي نظام چئبو آھي جيڪي سڌا سنوان يا اڻ سڌي طرح سج جي ثقلي پڪڙ ۾ اچن ٿا.

ڪھڪشان جو قطر ھڪ لک سال نوري تي مشتمل آھي ھن ۾ 2 کرب تارا موجود آھن. اسان جو سج ڪھڪشان جي ٻاھرين ٻانھن ۾ مقامي ٻانھن spur ۾ موجود آھي. سج کان اسان جي ڪھڪشان جو مرڪز 25 ھزار کان 28 ھزار نوري سال جي دوري تي آھي. اسان جو سِج منڊل يا سج سرشتو (نظام شمسي) اسان جي کيرائين واٽ جي وچ (سرائي) کان 30 لک نوري سالن جي مفاصلي تي آهي ۽ ان جي چوڌاري 170 ميل يا 220 ڪلوميٽر في سيڪنڊ مداري رفتار Orbital speed سان ڊوڙي (چڪر هڻي) رهيو آهي، تڏهن وڃي 2200 لک سالن کان 2500 لک سالن يعني 22.5 کان 25 ڪروڙ سالن ۾ هڪ چڪر پورو ڪري ٿو. ھن چڪر کي نظام شمسي جو ڪھڪشائون سال Galactic year سڏجي ٿو. اھڙي طرح سج تقريبن ھر 1190 سالن ۾ ھڪ نوري سال يا ھر 7 ڏينھن ۾ Astronomical unit ھڪ فلڪياتي اڪائي جو فاصلو طئي ڪري ٿو.

ماھرن مطابق سج جنھن جڳھ تي آھي اھا جڳھ جي ڪري زندگي جي ارتقا جاري آھي. سج جو مدار تقريبن گول آھي ۽ ھي ان رفتار سان ڪھڪشان جي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪري رھيو آھي جنھن رفتار سان شمسي نظام جون ٻانھون گردش ڪن ٿيون ڇوجو شمسي نظام جي ٻانھن ۾ خطرناڪ سپرنووا جي ڪثرت پاتي وڃي ٿي. سج جو اتان نہ گذرڻ زمين کي انهن خطرناڪ اثرن کان نسبتن محفوظ رکي ٿو ۽ زندگي جي ارتقا کي  محفوظ موقعو فراھم ڪري ٿو.

سج ستارن جي ڳتيل آبادي واري خطي کان تمام پري آھي. جيڪڏھن سج مرڪز جي ويجهو ھجي ھا تہ ٻين ستارن جي قريب ھجڻ ڪري ان جي ڪشش ثقل اورت بادل جي جسمن کي لڳاتار مدار تان ھٽائي اندروني نظام شمسي طرف موڪليندي رھي ھا ۽ ان ۾ تمام گهڻا جسم ڌرتي سان ٽڪرائي زندگي لاء تباھڪن ٿي سگهيا پئي ڪھڪشان جي مرڪز ويجهو اچڻ وارين برقناطيسي لھرون پيچيدھ جانورن جي ارتقا ۾ خلل وجهي سگهيون پئي.

اسان جي ڪھڪشان ۾ G2 جماعت جا تقريبن 10 ڪروڙ تارا آھن. سج کي پھرين غيراھم ۽ ننڍو تارو سمجهيو ويندو ھو پر ھاڻي معلوم ٿي چڪو آھي تہ سج اسان جي ڪھڪشان جي 85 سيڪڙو تارن کان جيڪي اڪثر ڳاڙھا ٿين ٿا انهن کان وڌيڪ روشن آھي. اسان جي شمسي نظام ۾ هڪ سج ۽ 8 ڌرتيون آهن، جنهن مان صرف اسان جي ڌرتي تي جاندار رهي سگهن ٿا ۽ وري اهڙي طرح اسان جهڙا 500 جي لڳ ڀڳ شمسي نظام اسان واري کيرپٽي Galaxy ۾ لڌا ويا آهن ۽ هر سال 2 کان 3 اهڙا شمسي نظام لڀجي رهيا آهن. سائنسدانن جي مطابق 100 ارب کان بـ مٿي شمسي نظام رڳو اسان جي کيرپٽي Galaxy ۾ موجود آهن. اهي 500 نظام هَبل ٽيليسڪوپ جي ذريعي ڏسي سگهجن ٿا.

نظام شمسي جو ٺھڻ :-

نظام شمسي نيبولائي نظريي جي مطابق وجود ۾ آئي. ھي نظريو عماويل ڪينٽ 1755ع ۾ پيش ڪيو ھو. ھن جي نظريي مطابق 4 ارب 60 ڪروڙ سال پھرين ھڪ وڏي ماليڪيولي بادل  جي ثقلي ڌڙام Gravitational collapse جي ڪري نظام شمسي وجود ۾ آئي. ھي بادل شروع ۾ پنھنجي وسعت ۾ ڪيئي نوري سال تي محيط ھيو ۽ اھو خيال آھي تہ ان جي ڌڙام سان ڪيترن ستارن جنم ورتو ھوندو. قديم شھابن ۾ اھڙن عنصرن جا مقدار يا ذرا پاتا ويا آھن جيڪي صرف وڏن ڦاٽي ستارن Exploding stars ۾ تشڪيل پائن ٿا. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سج جي تشڪيل ستارن جي ڪنھن اھڙي ستاري جهرمٽ Star cluster ۾ ٿي جيڪو قريب پنھنجي ڪيئي سپرنووا جي ڌماڪن ۾ ھئي. انهن ڌماڪن سان پيدا ٿيندڙ ڌوڏيندڙ لھرن Shock waves پنھنجي پاڙي جي نيبولا جي گئسي مادي تي دٻاء وجهي وڌيڪ گئسي گهاٽائي جا خطا پيدا ڪري ڇڏيا جنھن سان سج جي ٺھڻ جي ابتدا ٿي. انهن گهاٽن خطن ۾ ثقلي قوت کي بھتر طور تي اندروني گئسي دٻاء تي قابو پائڻ جو موقعو مليو ۽ پوء ھي ڪشش ثقل پوري بادل جي ڌڙام Collapse جو سبب بڻي.

ھن گيسي بادل جو اھو حصو جيڪو بعد ۾ شمسي نظام بنيو پنھنجي قطر ۾ قريبن 7 ھزار کان 20 ھزار فلڪي اڪاين AU تي مبني ھيو ۽ ان جي مقدار ھاڻوڪي سج جي مقدار کان وڌيڪ ھئي. ھن کي فلڪي ماھر اڳوڻو شمسي نيبولا چون ٿا. جيئن جيئن نيبولا سڪڙيو، زاويائي معيار حرڪت Conservation of angular momentum وڌندي وئي. جيئن جيئن مادو ان بادل جي مرڪز ۾ ڪٺو ٿيندو ويو، ايٽمن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي تڪرار جي انتھائي توان Frequency وڌندي وئي ۽ ان جي ڪري مرڪز ۾ گرمي پد وڌڻ لڳو. مرڪز جتي تمام گهڻو مادو ڪٺو ٿي چڪو ھيو، اھو گرم کان گرم ٿيندو ويو ۽ ان جو گرمي پد باقي بچيل  بادل جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ ٿي ويو. گردش ۔ ڪشش ثقل ۔ گئسي دٻاء ۽ مقناطيسي قوتن جي اثر ھيٺ سڪڙيل نيبولا آھستي آھستي گردش ڪندو سيارن کان اڳ طشتري ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو جنھن جو قطر تقريبن 200 فلڪي اڪايون AU ھيو ۽ جنھن جي مرڪز ۾ ھڪ گرم ۽ گهاٽو جنم وٺندڙ ستارو ھيو.

تقريبن 10 ڪروڙ سال کان پوء سڪڙيل نيبولا جي مرڪز ۾ ھيڊوجن جي گهاٽائي ۽ دٻاء ايترو ھيو جو ھتي مرڪزي ڪٺاڻ جو عمل شروع ٿي ويو. مرڪزي ڪٺاڻ جي رفتار ان وقت تائين وڌندي وئي جيستائين آبسڪوني توازن Hydrostatic equilibrium پيدا نہ ٿيو. ھن موقعي تي مرڪز مان پيدا ٿيندڙ توانائي دٻاء جي قوت ڪشش ثقل جي برابر ٿي وئي ۽ وڌيڪ سڪڙ جو عمل رڪجي ويو. ھاڻي سج مڪمل ستارو بنجي چڪو ھو بادل جي باقي بچيل ڌوڙ ڌوڌڙ ۽ گئسن مان گرھن جي جوڙجڪ ٺھي.

سج ۽ گرھن جي بيھڪ :-

سج ھڪ جي 2 اھم سلسليوار  main sequence G2 ستارو آھي ۽ نظام شمسي جو مرڪز آھي. سج شمسي نظام جي مقدار جي حساب سان 99.86 سيڪڙو آھي ۽ ثقلي طور تي ٻين جسمن تي حاوي آھي. مشتري ۽ زحل سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ گرھن مان وڏا گرھ آھن، باقي بچيل گرھ مقدار ۾ 90 سيڪڙي وارا آھن.

سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن سڀني گرھن جا مدار (پلوٽو سيارو ناھي) زمين جي مدار جي يا برابر آھن يا ان کان تمام گهٽ گول زاويو ٺاھن ٿا. ھن جي مقابلي ۾ پڇڙ سيارا ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جا مدار زمين جي مدار کان ڪافي زاويي تي آھن.

سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارا گرھ پنھنجي محور ۾ گردش ڪندا رھن ٿا. جيڪڏھن سج جي قطب اتر جي عين مٿان معائنو ڪيو وڃي تہ سواء چند جسمن جي، جيئن ھيلي جو پڇڙ سيارو ۽ تمام سيارا پنھنجي محور جي چوڌاري مخالف گهڙي وار طرف ۾ گردش ڪندا رھن ٿا.

سج جي چوڌاري تمام جسم ڪيپلر جي قانون مطابق حرڪت ڪن ٿا. ھر جسم جو مدار بيضوي آھي ۽ بيدي جي ھڪ مرڪز Focus تي سج واقع آھي.

سج جي قريب وارا جسم پري وارن جسمن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گردش ڪن ٿا. گرھن جو مدار تمام گهٽ بيضوي پر تقريبن گول آھن پر گهڻن بيضوي گرھن ۔ اپگرھن (سيارچن) ۽ ڪوئپر پٽي جي جسمن جي مدار انتھائي بيضوي ٿئي ٿي.

گرھن جي مدار ھڪ ٻئي کان تمام گهڻي فاصلي تي ٿئي ٿي ۽ ٻن مدارن جي وچين فاصلي ۾ تغير بہ تمام وڌيڪ پاتو وڃي ٿو. ھي فاصلا نقشن ۾ ڏيکارڻ تمام ڏکيا آھن، عام طور تي شمسي نظام جي نقشن ۾ سياري کي ھڪ ٻئي کان يڪسان فاصلي تي ڏيکاريو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ڪجهه مثالن کان سوا ڪوبہ گرھ سج کان جيترو دور آھي اوترو ان جي مدار جو فاصلو پنھنجي کان اڳين سيارن جي مدار کان فاصلو ايترو ئي وڌيڪ آھي مثال طور زھرا جو مدار عطارد جي مدار کان 0.33 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي جڏھن تہ زحل مشتري کان 4.3 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي ۽ نيپچون يورينس کان 10.5 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي.

اندروني نظام شمسي :-

اندروني نظام شمسي ان خطي جو روايتي نالو آھي جنھن ۾ سج ۔ پھريان چار گرھ ۔ ۽ اپ گرھ اچن ٿا. ھي سيارا ۽ اپ گرھ سليڪيٽ ۽ ڌاتن سان ملي جڙن ٿا ۽ سج جي نسبتن قريب آھن. ھن پوري خطي جو رداس مشتري ۽ زحل جي گڏيل فاصلي کان بہ گهٽ آھي.

اندروني گرھن کاٻي کان ساڄي پاسي عطارد ۔ زھره ۔ زمين ۽ مريخ انهن سيارن جو مقدار ان جي اصل مقدار جي برابر آھي. نظام شمسي جا اندروني سيارا کاٻي پاسي کان ساڄي پاسي پنھنجي بيھڪ ۾ باقي سيارن کان مختلف آھن. انهن جي سطح عام طور تي پھاڙن ۽ تمام گهڻي نموني ڄمندڙ معدنيات مثال طور سليڪٽ وغيرھ سان ٺھيل آھي. انهن جي ٺوس سطح جي ھيٺ انتھائي گرم ۽ نيم پاڻيٺ ڌاتو پاتا وڃن ٿا ۽ انهن جو غالب جز سليڪيٽ معدنيات آھن. انهن جو مرڪز لوھ ۽ نڪل جو بنيل آھي. چار مان ٽي گرھ زھرا ۔ زمين ۽ مريخ ۾ ھوا موجود آھي. انهن سڀن ۾ شھاب ثاقب جي ٽڪرائڻ جي ڪري ٽڪرا کڏا موجود آھن ڇوجو انهن جي ٺوس سطح جي ھيٺان پاڻيٺي ڌاتو مينٽل اندر حرڪت ڪندو رھي ٿو ان لاء ان جي سطحي رڳڙ (قرش) بہ وقت بوقت حرڪت ڪندو رھي ٿي. رڳڙ (قرش) جي ان حرڪت جي ڪري سطح تي ٻرندڙ جبل ۽ کاھيون جنم وٺن ٿيون. اندوني شمسي منڊل ھي آھن.

(1) عطارد    Mercury

(2) زھرہ       Venus

(3) زمين       Earth

(4) مريخ       Mars

اپگرھ پٽي :-

اپگرھ عام طور تي ننڍا فلڪي جسم ٿين ٿا جيڪي پھاڙن ۔ ڌاتن ۽ ٻين گرھن وانگر ناقابل تبخير ۽ تصعيد non-volatile مادن مان ٺھيل آھن. اپگرھ پٽي مريخ ۽ مشتري جي درميان سج کان 2.3 کان 3.3 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي. ماھرن جو خيال آھي تہ ھي جسم شمسي نظام جي تخليق جي وقت مشتري جي ثقلي دخل جي ڪري ڪٺا ٿي گرھ بنجڻ کان رھجي ويا.

اپگرھ پنھنجي جسامت ۾ خوردبيني ذرن کان وٺي ڪيئي سو ڪلوميٽر چوڙي ديو قامت پھاڙن جيترا ٿي سگهن ٿا. انتھائي وڏا اپگرھ جيئن سيرس کان علاوہ تمام اپگرھن کي فلڪي جسمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مستقبل ۾ وڌيڪ تحقيق کان پوء ڪجهه وڏا گرھ مثال ويسٽا Vesta ۽ ھيجيا Hygieia کي بہ اپگرھ قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

اپگرھ پٽي ۾ اھڙا ھزارين پر لکين ممڪن طور تي پاتا وڃن ٿا ان جي باوجود اھو امڪان گهٽ آھي تہ اپگرھ پٽي جو ڪل مايو ڌرتي جي مايي جي ھزارن حصن کان وڌيڪ ھجي. اپگرھ پٽي ۾ اپگرھ ھڪ ٻئي کان ڪافي دور دور ٿين ٿا ۽ خلائي جھاز عام طور تي ان خطي مان بغير ڪنھن ٽڪراء جي آساني سان گذري وڃن ٿا ننڍا اپگرھ جن جو قطر 1 ملي ميٽر کان 10 ميٽرن تائين ھجي ان کي شھاب ثاقب چئبو آھي.

سيرس       Ceres :-

سيرس اپگرھ پٽي جو سڀ کان وڏو جسم آھي ۽ اپگرھ بہ آھي. ھي سج کان 2.77 فلڪياتي اڪائي جي فاصلي تي آھي. ھن جو قطر 1000 ڪلوميٽر کان ڪجهه گهٽ ٿئي ٿو جنھن ڪري گولائين شڪل اختيار ڪري ويو آھي. 19 صدي جي شروعات ۾ جڏھن سيرس دريافت ٿيو تہ ھن کي گرھ سمجهيو ويو پر 1850ع ۾ ٻين سيارن جي دريافت کان پوء ھن جو درجو گهٽ ڪري ھن کي اپگرھن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو پر 1850ع ۾ ھن جو درجو ٻيھر تبديل ڪري ھن کي بونو گرھ قرار ڏنو ويو. اپگرھ گروھ اپگرھن کي ان مداري خاصيتن جي بنياد تي گروھن ۽ خاندانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آھي. اپگرھ چنڊ اھي اپگرھ آھن جيڪي پاڻ کان وڏن گرھن جي چوڌاري ڦرن ٿا. ھي گرھن جي عام چنڊن وانگر سڃاتا نٿا وڃن ۽ ڪي وري تقريبن گرھن جي برابر ٿين ٿا جن جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. اپگرھ پٽي ۾ ڪجهه پڇڙ سيارا Main-belt comets پاتا وڃن ٿا. ماھرن جو خيال آھي تہ زمين تي پاڻي انهن اپگرھ پٽين جي پڇڙ گرھن ذريعي پھتا.

وچون نظام شمسي :-

شمسي نظام جي وچئين حصي ۾ ديو قامت گئسي گرھ ۔ ان جا وڏا وڏا چنڊ ۽ گهٽ مدت وارا پڇڙ گرھ پاتا وڃن ٿا. ھن جو ڪوبہ روايتي نالو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ٻاھريون نظام شمسي چئجي ٿو پر حاضر دور ۾ ھي نالو وڌيڪ نيپچون جي پري جي حصي لاء استعمال ٿئي ٿو.

ٻاھريون نظام شمسي :-

سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ واري تمام مادي ۾ 99 سيڪڙو چار ٻاھريان گرھ يا گيسي ديو آھن. مشتري جي فضا وڌيڪ ھيڊوجن يا ھيليم تي مشتمل آھي. يورينس ۽ نيپچون جي فضا ۾ امونيا ۽ ميٿين جي وڌيڪ مقدار پاتي وڃي ٿي. انهن برفاني مادن جي ڪري ڪجهه فلڪي ماھر انهن ٻنهي گرھن کي ھڪ الڳ زمري ۾ رکن ٿا جنھن کي ھو يوراني گرھ يا برفاني ديو چون ٿا. انهن چئني سيارن جي چوڌاري ايراضيون ٿين ٿيون پر زحل جي ايراضي زمين کان صاف طور تي چٽي نظر اچي ٿي.

سج جي ٻاھرين ايراضي ۾ 4 گرھ اچي وڃن ٿا جيڪي ھي آھن.

(1) مشتري     Jupiter

(2) زحل         Saturn

(3) يورينس    Uranus

(4) نيپچون     Neptune

بي پرو نيپچون خطو     Trans-Neptunian region :-

نيپچون جي پري جو خطو جنھن کي ٻاھريون خطو (ماورا نيپچون) سڏيو وڃي ٿو. ھي وڌيڪ کوجنا کان ٻاھر Unexplored آھي. ظاھر ۾ ھي خطو برفاني ۽ پھاڙي مادن سان جڙيل ننڍن جسمن تي مشتمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن خطي ۾ ھيستائين دريافت ٿيل جسمن ۾ سڀ کان وڏو جسم قطر ۾ زمين کان 5 ڀيرا ننڍو ۽ مقدار ۾ اسان جي چنڊ کان بہ تمام ننڍو آھي.

ڪوئپر پٽي :-

ڪوئپر پٽي ۾ نيپچون ۽ پلوٽو جا مدار اصل قطر جي متناسب نظر اچن ٿا. ڪوئپر پٽي جيڪا ھن خطي جي شروع ۾ واقع آھي اھا اپگرھي (سيارچي) پٽي وانگر ڌوڙ ڌڌڙ ۽ ملبي تي ٻڌل وڏو علائقو آھي. پر سيارچي پٽي جي برعڪس ھي گهڻو ڪري برف تي مشتمل آھي. ھي علائقو سج کان 30 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي پکڙيل آھي. ھي خطو گهٽ مدت جي پڇڙ سيارن جيئن ھيلي پڇڙ سياري وارو خيال ڪيو وڃي ٿو. ھن پٽي جا اڪثر جسم شمسي نظام جي ننڍن جسمن جي زمري ۾ اچن ٿا پر ان ۾ ڪجهه وڏا جسم جيئن Varuna ،Quaoar ۽ Orcus آھن جن کي مستقبل ۾ بونو گرھ تسليم ڪري سگهجي ٿو. ماھرن جي اندازي مطابق ڪوئپر پٽي ۾ 50 ڪلوميٽر کان وڌيڪ قطر وارا لک کان وڌيڪ جسم موجود آھن پر انهن جي خيال ۾ ھن پٽي جو مجموعي مايو ڌرتي جي مايي جي ڏھين يا سوين حصي جي برابر آھي. ھن پٽي ۾ اڪثر جسمن جا ھڪ کان وڌيڪ چنڊ آھن ۽ اڪثر جا مدار ڌرتي جي مدار کان مختلف زاوين تي آھي.

 

گمگي ۽ روايتي ڪوئپر پٽي :-

گمگي جسم جا مدار ڳاڙھي رنگ جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا جڏھن تہ روايتي جسمن جا مدار نيرا اچن ٿا. ڪوئپر پٽي ٻن پٽين تي مشتمل آھي.

روايتي پٽي

گمگي پٽي   Resonant belt

گمگي پٽي جا جسم نيپچون سان ھڪ گمگي رشتي resonance relationship ۾ جڙيل آھن. ڪوئپر پٽي ٻن جسمن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿي يعني سج جي چوڌاري ان جي گردش جو وقت نيپچون جي ڪشش ثقل جي اثر ھيٺ رھي ٿو. نيپچون جي پنھنجي مدار ۾ ھر ٽيون چڪر پورو ڪرڻ تي ھي جسم سج جي چوڌاري پنھنجا 2 چڪر پورا ڪن ٿا يا وري ان جي ھر ٻن چڪرن جي مقابلي ۾ ھڪ گمگي پٽي نيپچون جي مدار اندر شروع ٿي وڃي ٿي. روايتي پٽي جي جسمن جو نيپچون جي ھلندڙ گردش سان ڪو واسطو ناھي ۽ ھي پٽي تقريبن 39.4 کان 47.7 فلڪي اڪاين جي فاصلي تائين پکڙيل ٿئي ٿي. روايتي پٽي جي جسمن کي ڪيوبوينا Cubewanos بہ چيو وڃي ٿو ھي عجيب نالو دراصل ھن پٽي جي سڀ کان پھرين دريافت ٿيڻ واري جسم ڪيو بي ون QB1 جي نالي تي رکيو ويو آھي جيڪو 1992 ۾ دريافت ٿيو.

ڪوئپر پٽي جا اپگرھ :-

ھزارين سال پھريان قديم نجوم جي ماھرن جڏھن آسمان ڏانھن ڏٺو تہ انھن کي لڳو تہ ڪجهه شيون ھنن جي اميد جي خلاف ھيڏي ھوڏي وڃن ٿيون جڏھن تہ تارا ھڪ جاء تي آھن، انھن کي رولو تارن Planets جو نالو ڏنائون. انھن پنج عطارد، زھرہ، مريخ، مشتري، زحل کي ڏٺائون ۽ سڃاڻپ خاطر نالا رکيائون. صدين کان جن سامان سان آسمان جو مشاھدو ٿيندو ھو اھي اوزار بھتر کان بھتر ٿيندا ويا ته ٽن نون گرھن يورينس، نيپچون ۽ پلوٽو جي کوج ٿي. ماھرن مطالعو جاري رکيو . ھنن کي ٻاھرين گرھن جي مطالعي مان جلد ئي خبر پئجي وئي تہ پلوٽو اڪيلو نہ آھي. نيپچون کان پري وڌ کان وڌ شيون دريافت ٿيون جيڪي پلوٽو سان گڏ ۽ ان جي ماپ جون پڻ ھيون. ھينئر تائين پنج اعلانيا طور مڃيل بونا گرھ آھن. سيريز Ceres, پلوٽو Pluto, ايريز Eris, ھائوميا Haumea, ماڪيماڪي Make make آھن.

پلوٽو :-

پلوٽو سج کان 39 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي. ھڪ بونو گرھ ۽ ڪوئپر پٽي جو سڀ کان وڏو جسم آھي. جڏھن ھي 1930ع ۾ دريافت ٿيو تہ ھن کي نظام شمسي جو گرھ تسليم ڪيو ويو پر 2006ع ۾ بين لاقوامي فلڪياتي اتحاد طرفان سياري جي نئين تعريف تحت ھن کي بونو گرھ قرار ڏنو ويو. پلوٽو جو مدار ڪافي بيدوي ۽ ترڇو آھي. ڌرتي جي مدار کان ھن جو زاويو 17 درجا آھي. پنھنجي اوج aphelion ۾ ھي سج کان 49.5 فلڪي اڪايون دور ھليو وڃي ٿو. ڪيرون پلوٽو جو سڀ کان وڏو چنڊ آھي جڏھن تہ اھو پنھنجي مدار perihelion ۾ سج کان ھن جو فاصلو صرف 29.7 فلڪي اڪايون رھجي وڃي ٿو. ڪيرون پلوٽو جو سڀ کان وڏو چنڊ آھي. ھن ڳالھ جو مضبوط امڪان آھي تہ فلڪي ماھر ڪيرون جي درجہ بندي ڪري ان کي بہ بونو گرھ قرار ڏين. ڪيرون دراصل پلوٽو جي چوڌاري گردش نٿو ڪري پر پلوٽو ۽ ڪيرون ٻئي جسم پنھنجي درميان خلا ۾ ھڪ ثقلي توازن جي نقطي سان گردش ڪن ٿا ۽ جاڙا اپگرھ محسوس ٿين ٿا. ٻہ ننڍا چنڊ نڪس ۽ ھائڊرا انهن ٻنهي جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. پلوٽو گمگي پٽي Resonant belt ۾ واقع آھي ۽ نيپچون جي پنھنجي مدار ۾ ھر ٽئين چڪر پوري ڪرڻ تي ھي پنھنجا 2 چڪر پورا ڪري ٿو. ڪوئپر پٽي جا اھي جسم جيڪي نيپچون سان گڏ سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا اھي پلوٽو جي مناسبت سان پليٽون plutinos بہ سڏجن ٿا.

سيريز      Ceres :-

سيريز 1801ء ۾ دريافت ٿيو. ڇاڪاڻ تہ ھي اندرئين گرھن ۾ اڪيلو بونو گرھ ۽ شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt ۾ واقع آھي. ھن جي کوج سان ھن کي پنجون گرھ مڃيو ويو. ھن جي دريافت کي ھڪ سال مس گذريو تہ ھن جي ويجھي وڌيڪ شيون دريافت ٿيون . ڪجهه ڏھاڪن ۾ ٻارنھن کن جسم دريافت ٿيا. 1850ع ۾ ماھرن فيصلو ڪيو تہ اھي سڀ گرھ تہ نہ ٿا ٿي سگھن . ان مھل ھڪ نئون نالو Asteroid متعارف ڪرايو ويو. سيريز سان گڏ تمام ملندڙ شين کي Asteroid شمار ڪيو ويو. آخرڪار 2006ع ۾ ھن کي بوني گرھ جو نالو ڏنو ويو. ھن تي 2015ع تي ڊان Dawn probe موڪليو ويو جيڪو 6 مارچ 2015 تي ھن جي مدار ۾ داخل ٿيو. ھي شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt جي تمام جسمن کان وڏو ۽ ٽوٽل پٽيءَ جي ٽيون حصو آھي. ھي پنھنجي مدار تي 9 ڪلاڪ ۾ ڦيرو مڪمل ڪري ٿو ۽ سج کي ڦرڻ ۾ 4.6 سال لڳائي ٿو. ھي 33 ھون نظام شمسي جو وڏو ناليوارو جسم آھي. ھن کي گھپ انڌيري ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيڪڏھن نظر بہ تکي ھجي. ھن جي اسپيڊ 17.9 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي. ھي اڪيلو بونو گرھ آھي جنھن کي چنڊ ڪونھي. ھن تي China space agency پنھنجو خلائي مشن 2020ء ۾ موڪلڻ جي تياري ڪري پيو.

ايريز      Eris :-

ھن جو نالو يونانين جي ديوتا تي رکيو ويو. ھن جي کوج 2005ع ۾ ٿي. کوج سان ھن کي ڏھون گرھ مڃيو ويو. ايريز پلوٽو کان ٿورو جسامت ۾ ننڍو ۽ ماس پلوٽو کان وڌيڪ آھي . مڃيو وڃي ٿو ته ھن جو ماس گھڻو آھي جيڪو ميٿين برف سان ڍڪيل آھي. ايريز نظام شمسي جو نائون نمبر وڌيڪ ماس رکندڙ جسم آھي جيڪو سج کي سڌو ڦري ٿو جڏھن تہ 16 نمبر تي وڌيڪ ماس رکندڙ جسم پڻ آھي. ڇاڪاڻ تہ 7 چنڊ وڌيڪ ماس رکندڙ آھن. ھي سج کان 96 اسٽرونوميڪل يونٽ Astronomical unit AU پري آھي جيڪو پلوٽو کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آھي. ايريز سولر سسٽم جو ٻي نمبر تي سڀني کان پر آبجيڪٽ آھي جيتوڻيڪ پھرين نمبر تي V774104 آھي جنھن کي نومبر 2015 تي دريافت ڪيو ويو. ھن جي سج کان مفاصلو 103 AU اسٽرونوميڪل يونٽ آھي.  ھن کي ھڪ چنڊ Dysnomia نالي آھي. ايريز ۽ ھن جو چنڊ پلوٽو جي مقابلي سج کان وڌيڪ پري کان ڦرن ٿا. حساب لڳايو ويو آھي ته ھي سج کي ھڪ چڪر 558 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن تي خلائي مشن موڪلڻ جو پروگرام آھي. جيڪو مشتري جي گريوٽي کي استعمال ڪندي 16 سالن کان پوء ھن وٽ پڄندو. ھي مشن 2032 يا 2044ء روانو ٿيندو

ھائوميا      Haumea :-

ھن جي کوج 2005 ۾ ٿي.  17 ستمبر 2008 تي ھن کي بونو گرھ مڃيو ويو.  ٻين بونن گرھن جي مقابلي ھائوميا جي شڪل رگبي جي بال وانگي آھي. ھي اسانجي سولر سسٽم جو سڀني کان تيز ڦرندڙ شين مان آھي. ھي پنھنجي مدار تي ھڪ ڦيرو فقط چار ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن جو سج کي ھڪ چڪر 284.12 سالن ۾ پورو ٿي ٿو.  ھن جو نالو ھوائي Hawaii جزيري جي ماڻھن جي پيدائش ۽ ذرخيزي جي ديوتا تي رکيو ويو. ھي Kuiper belt ۾ پلوٽو ۽ ماڪيماڪي کان پوء ٽين نمبر تي وڌيڪ روشن جسم آھي. 2017ء ۾ ھن جو رنگ دريافت ٿيو.  ھن کي ٻہ چنڊ ھائيڪا Hiaka ۽ نماڪا Namaka آھن. چنڊن جا نالا ديوتا جي ٻن ڌيئرن جي نالي تي رکيا ويا.

ماڪيماڪي     Makemake :-

پنجين ۽ آخري بوني گرھ جي سڃاڻپ ماڪيماڪي جي نالي سان آھي. ھن جي کوج پڻ 2005ع ۾ ٿي. ھن جو نالو ايسٽرلينڊ Easter Land جي راپانيو Rapa Nui ماڻھن جي پيداڪندڙ ديوتا جي نالي تي رکيو ويو. ڪوئپر بيلٽ Kuiper Belt جي ٻين جسمن وانگي ھن جو مٿاڇرو بہ برف سان ڍڪيل آھي. ھي برف ميٿين، ايٿين ۽ نائٽروجن جو ٿي سگھي ٿو. ھن جو ڊائياميٽر پلوٽو جو ٽيون حصو آھي. ھن جو برف سان ڍڪيل مٿاڇرو ھن کي ڪوئپر پٽي ۾ پلوٽو کان پوء ٻي نمبر تي روشن ترين شيء ٺاھي ٿو . ھي سج کان 52.4 AU اسٽرونوميڪل يونٽ پري آھي. ھي پنھنجي مدار تي 7.77 ڪلاڪن ۾ ھڪ چڪر ۽ جڏھن تہ 309.09 سالن ۾ سج کي ھڪ چڪر پوري ڪندو آھي. 2016ع تي ھن جي ھڪ چنڊ جي کوج ٿي جنھن کي اڃان نالو نه ڏئي سگھيا آھيون. ھن جو چنڊ 175 ڪلو ميٽر جو آھي. جيڪو ڪراچي کان حيدرآباد جو مفاصلو آھي. ھي چنڊ ماڪيماڪي کان 21،000 ڪلو ميٽر پري کان ڦري ٿو. ھن چنڊ جي کوج ھبل ٽيلي اسڪوپ ذريعي 26 اپريل 2016ع تي ٿي.

ٽڙپکڙ مشتري :-

ٽڙپکڙ طشتري جا جسم ڪارا ۽ سرمئي رنگ جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. منتشر طشتري ڪوئپر پٽي کان Overlap ڪري ٿو پر ھي ان کان اڳتي پکڙيل آھي. منتشر طشتري جا جسم دراصل ڪوئپر پٽي کان آيل آھن ۽ نيپچون جي ابتدائي زندگي ۾ جڏھن ان جو مدار سج کان پري ٿي رھيو ھو تہ ان جي ڪشش ھيٺ جسم بي ترتيب مدارن ۾ ھليا ويا. وڌيڪ منتشر طشتري جسم سج مداري perihelion ڪوئپر پٽي جي اندر واقع آھن جڏھن تہ ان جي اوج aphelion سج کان 150 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي. ان جي جسمي مدار زمين جي مدار کان ڪافي زاويا بنائين ٿا ۽ اڪثر جا مدار زمين جي مدار کان عمودي طور 90 درجي جي زاويي تي واقع آھن. ڪجهه فلڪي ماھر ٽڙپکڙ طشتري جسمن کي ڪوئپر پٽي جو حصو سمجهن ٿا ۽ انهن کي ڪوئپر پٽي  جا ٽڙپکڙ جسم چون ٿا.

ارس :-

ارس ٽڙپکڙ مشطري جو سڀ کان وڏو معلوم جسم آھي. ھي سج کان 68 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي پلوٽو کان 5 ڀيرا وڏو آھي. ھن جي قطر جو اندازو 2400 ڪلوميٽر يا 1500 ميل آھي. فلڪي ماھرن جو اڪثر تي بحث رھيو آھي ڇوجو 2006ع تائين پلوٽو کي ننڍي ھجڻ باوجود ھن کي گرھ جو درجو حاصل ھيو جڏھن تہ ارس پلوٽو کان وڏو ھجڻ باوجود گرھ جي اعزاز کان محروم رھيو جڏھن تہ ھن وٽ ھڪ چنڊ  ڊسنوميا آھي. ڊسنوميا جو مدار پلوٽو وانگر بيدوي آھي ھن جو اوج Perihelion سج مدار کان 38.2 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي آھي جيڪو تقريبن پلوٽو جي سج کان سراسري فاصلي جي برابر آھي ۽ ان جو اوج Perihelion جيڪو 97.6 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي آھي. ان جو مدار زمين جي مدار کان ڪافي ترڇو آھي.

پرانھون خطو :-

اھو نقطو جتي شمسي نظام ختم ٿئي ٿو اتي نجمي خلا Interstellar space شروع ٿئي ٿي ان جو ٺيڪ طرح سان تعين ڪري نٿو سگهجي ڇوجو ھي حد ٻن مختلف قوتن کي طي ڪري ٿي.

(1) باد شمسي

(2) سج جي ڪشش ثقل

باد شمسي جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو تہ اھا پلوٽو جي مدار جي چئوڻي فاصلي تي ختم ٿي وڃي ٿي پر سج جي ڪشش ثقل ان جي ھزاروڻ فاصلي تي بہ اثر رکي ٿي.

شمسي سڪون :-

شمسي گولو Heliosphere ٻن حصن ۾ تقسيم آھي. شمسي باد پنھنجي پوري رفتار سان تقريبن 95 فلڪي اڪاين AU يا پلوٽو جي مدار جي ٽيڻ فاصلي تائين وڃي ٿو. ھتي ھن جو ٽڪر مخالف طرف کان ايندڙ نجمي خلائن جي ھوا سان ٿئي ٿو. ان ٽڪر جي نتيجي ۾ شمسي باد جي ھوا ۾ گهٽتائي اچي ٿي ان جي گهاٽائي وڌي وڃي ٿي ۽ ھي وڌيڪ بي سڪون Turbulent ٿي وڃي ٿي. ھن جڳھ تائين شمسي گولو ھڪ درست گولي جي شڪل ۾ آھي پر اڳتي ھلي ھي بيضوي شڪل جو ٿي وڃي ٿو جنھن کي شمسي نيام Heliosheath سڏجي ٿو. شمسي نيام شڪل ۽ نموني جي عمل ۾ ھڪ پڇڙ سياري جي پڇ وانگر ٿئي ٿو. ھي ان مقام کان ڪھڪشان ۾  سج جي حرڪت جي طرف ۾ تقريبن 40 فلڪي اڪاين AU تائين وڃي ٿو پر ان جي مخالف طرف ۾ ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ فاصلي تائين پکڙيل ٿئي ٿو. شمسي سڪون جيڪو شمسي گولي جي ٻاھرين حد آھي ھي اھو نقطو آھي جتي شمسي باد مڪمل طور تي رڪجي وڃي ٿي ۽ ٻاھرين فلڪي خلا شروع ٿي وڃي ٿي. اڄ تائين ڪوبہ جھاز شمسي سڪون کان اڳتي ناھي ويو ۽ اھو ڄاڻڻ مشڪل آھي تہ اڳتي خلا ۾ ڇاھي. ايتري بہ خبر ناھي تہ شمسي گولو شمسي نظام کي نقصاندھ ڪائناتي شعائن cosmic rays کان ڪيتري حد تائين بچائي ٿو.

نظریاتي (hypothetical) اورت :-

بادل اورت کربين جسمن جو ھڪ وڏو مجموعو آھن جيڪي نظام شمسي کي چئني طرفن کان وڪوڙيون ويٺا آھن. ھي سج کان 50 ھزار کان لک فلڪي اڪاين جي فاصلي تي پکڙيل آھي ۽ وڏي وقت جي عرصي وارا پڇڙ سيارا ھتان اچن ٿا. ماھرن مطابق ھن جا وڌيڪ جسم پڇڙ سيارا آھن جيڪي اندرئين شمسي نظام کان ٻاھرين گرھن جي ڪشش ثقل جي ڪري خارج ٿي ويا ھئا. اورت بادل جا جسم تمام آھستي رفتار سان حرڪت ڪن ٿا ۽ ان جي حرڪت ۾ ڪڏھن ڪڏھن ٿيڻ وارا واقعا جيئن ٻين جسمن سان ٽڪر ۔ ڪنھن گذرندڙ ستاري جي ڪشش ثقل ۔ ڪھڪشان جي مدجذر آساني سان خلل وجهي سگهن ٿا.

اندروني اورت بادل :-

90377 سيڊنا ھڪ ڳاڙھاڻ مائل پلوٽو وانگر جسم سج جي چوڌاري انتھائي وڏي مدار ۾ گردش ڪري رھيو آھي. ھن جو مدار انتھائي بيضوي ۽ ھي پنھنجي سج مدار ۾ سج کان 76 فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تي ٿئي ٿو پر پنھنجي اوج ۾ سج کان 928 فلڪي اڪاين جي فاصلي تي ھليو وڃي ٿو. سج جي چوڌاري ھڪ چڪر پورو ڪرڻ ۾ ھن کي 12,050 سال لڳن ٿا. سيڊنا کي دريافت ڪندڙ مائيڪ برائون Mike Brown مطابق سيڊنا ڪوئپر پٽي يا ٽڙپکڙ طشتري جو حصو ٿي نٿو سگهي ڇوجو ان جو اوج نيپچون کان ھجرت جي اثر ھيٺ اچڻ جي لحاظ کان تمام گهڻي فاصلي تي آھي. ٻيا فلڪي سيڊنا کي الڳ گروھ جو تسليم ڪن ٿا جنھن کي ھو اندروني اورت بادل جو نالو ڏين ٿا. پڪو امڪان آھي سيڊنا ھڪ بونو گرھ آھي جيڪو اڃان روپ نموني مان معلوم ٿي نہ سگهيو آھي.

نظام شمسي جو ھڪ وڏو حصو اڃان نامعلوم آھي. سج جي ڪشش ثقل جي باري ۾ اندازو آھي تہ اھا 2 نوري سال يا 15 ھزار فلڪي اڪاين AU جي فاصلي تائين ٻين ستارن جي ڪشش تي حاوي آھي. ھن جي مقابلي ۾  اورت بادل ممڪن طور تي 50 ھزار فلڪي اڪاين جي فاصلي تائين پکڙيل ٿي سگهي ٿو.سيڊنا جھڙي جسم جي دريافت باوجود ڪوئپر پٽي ۽ اورت بادل جي درميان خطو جن جو رداس ھزارين فلڪي اڪاين تي مشتمل آھي اھو وڌيڪ غير مرسوم Uncharted آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. {رسالو: سرتيون؛ مئي 1994؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}