حياتيات

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
microscopic view of E. Coli a Thompson's Gazelle in profile facing right
a Goliath beetle facing up with white stripes on carapace A tree fern unrolling a new frond
حياتيات زندگيءَ جي علم بابت ٻڌائي ٿي.
  • مٿي: اي ڪولائي بيڪٽيريا ۽ جھنگلي هرڻ
  • هيٺ: تڏ ۽ پنن جو مشاهدو

حياتيات يا بائيولاجي (انگريزي ٻولي: Biology) زندگيءَ يا حياتيءَ جي علم کي چئجي ٿو. هيءُ هڪ وسيع ۽ گهڻ رخو علم آهي، جيڪو ڪائنات جي سمورن ساهوارن سان لاڳاپيل آهي. علم حياتيات، زندگيءَ جي بنيادي ايڪي، جيوگهرڙي ۽ زندگيءَ جي ارتقا کان وٺي هن دور جي جديد ڄاڻ تائين ڦهليل آهي، جنهن ۾ جاندارن جي قسمن، واڌويجهه، کاڌخوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا سمورا عنصر شامل آهن. زندگيءَ جي ابتدا جو جديد نظريو اصل ۾ ڪيميائي ارتقا تي زور ڏئي ٿو، ۽ اُها ارتقا زمين جي تاريخ ۽ شروعاتي ماحول جو ڏس ڏئي ٿي.

مذهبي نظريو[سنواريو]

قرآن شريف ۾ به ان ڳالهه جون شاهديون ۽ گواهيون ملن ٿيون: وَجَعَلنَا مِنَ المَآءِ کُلَّ شَيءِ حَيٍّ اَفَلَا يُؤمِنُونَ (سورة الانبياء- آيت 30) ’۽ سڀ ڪنهن جيئري شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو سون، ۽ پوءِ ڇو نه ايمان آڻيندا آهن.‘ (حوالو: القرآن الڪريم سنڌي ترجمو ڪنز الايمان) زندگيءَ جي شروعات، مادي ۾ تبديليءَ جو مظهر آهي ۽ زندگي ڪيميائي تبديليءَ ۽ ارتقا جي عمل وسيلي ظاهر ٿي. وجود بعد حياتي مختلف قسمن جي جاندارن ۾ ورهائجي وئي ۽ انسانذات جي صورت تائين وڃي پهتي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته: وَاللهُ خَلَقَ کُلَّ دَآبَّةٍ مِّنْ مَّاءٍ-ج فَمِنْهُمْ مَّنْ يَّمْشِىّ عَلىٰ بَطْنِهٖ ج وَمِنْهُمْ مَّنْ يَّمْشِىْ عَلىٰ رِجْلَيْنِج وَمِنْهُمْ مَّنْ يَّمْشِىْ عَلٰٓى اَرْبَعٍ ط يَخْلُقُ اللهُ مَا يَشَآءُ ط اِنَّ اللهَ علىٰ ڪُلِّ شَىْءٍ قَدِيۡرٌ. (سورة النور- آيت 45) [ترجمو: ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آهي، پوءِ انهن مان ڪجهه ٻن پيرن تي هلندا آهن، ۽ منجهانئن ڪي چئن پيرن تي هلندا آهن. الله تعاليٰ جيڪو گهُرندو آهي، سو پيدا ڪندو آهي، ڇو ته الله تعاليٰ سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي.] (حوالو: القرآن الڪريم سنڌي ترجمو: ڪنز الايمان) هيءَ ڪائنات ’ڪُن فيڪون‘ جو ازلي عمل آهي، هيءُ اهو دور آهي، جڏهن ’الست بربڪم‘ جو ناد عالمِ ارواح ۾ گونجيو، ۽ ’قالو بَليٰ قلب سين‘ چئي لکين ڪروڙين اربين ڪهاڻين جنم ورتو، ڪائنات ۽ ان جي ڪهاڻي جو خالق الله تعاليٰ آهي.

سائنسي نظريو[سنواريو]

ابتدا ۾ ڪائنات جي ڪنهن به مادي ۽ ان جي توانائيءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي پوءِ سائنسدانن اندازو لڳايو ته 15 بلين سال اڳ هڪڙو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کي ’بگ بئنگ‘Big Bang) ) چئجي ٿو، ان بعد ڌرتيءَ جو گولو ٻين گرهن کان الڳ ٿي، ٿڌو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ شمسي نظام جا ٻيا گرهه به هڪ سرشتي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا.ان کان اڳتي هلي ’پرِي ڪيمبرين‘ دور سڏيو ويو، جڏهن ڌرتيءَ ٻين گرهن کان الڳ ٿي، هڪ شڪل اختيار ڪئي. ان کانپوءِ ڪيترن ورهين تائين ڌرتيءَ جي گولي تي هائڊروجن گئس جا تهن مٿان تهه موجود هئا ۽ پوءِ زميني سخت مٿاڇري تي گئسن جا رد عمل ٿيا ۽ ٻيا ڪيترا عنصر وجود ۾ آيا. اُن وقت زميني ماحول، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، نائٽروجن ۽ هائڊروجن تي مشتمل هو ۽ آڪسيجن کليل ماحول ۾ نه هئي، ڌرتيءَ تي گرمي پد جڏهن گهَٽيو ته انهن گئسن ڄمي ڪڪرن جو روپ اختيار ڪيو. ڌرتيءَ جي گولي تي شديد بارشن جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهنڪري سمنڊ وجود ۾ آيا. هن دور کي انٿراپالاجيءَ جا ماهر ’پاليئوزاڪ‘ دور چون ٿا، هيءُ اهو ئي زمانو آهي، جنهن ۾ بارشن سبب گجگوڙ/ کنوڻ ۽ الٽرا وايوليٽ ريڊيئيشن جي ڪري گئسن جو پاڻ ۾ ردعمل شروع ٿيو، جنهن سان هڪڙو سادو نامياتي ماليڪيول (Simple Organic Molecule) وجود ۾ آيو، جيڪو برساتي ڦڙين وسيلي سمنڊن، درياهن ۽ مٽيءَ ۾ وڃي ڪِريو ۽ ساڳيءَ حالت ۾ سالن تائين موجود رهيو، شايد اُهو ئي دور آهي، جڏهن حياتيءَ جا درخشان اهڃاڻ نمودار ٿيا، جن جي ڪري زندگيءَ جي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ مادن ’الجي‘ ۽ ’پروٽوزُئا‘ سرجڻ شروع ڪيو يا وري اُنهن نامياتي ماليڪيولن ڪافي عرصي کان پوءِ امائينو ايسڊس (Amino Acids) ۽ پروٽين (Protein) کي وجود ۾ آندو، جيڪي زندگيءَ جي شروعات جو ذريعو بڻيا. ميٿين (Methane)، امونيا (Amonia)، هائڊروجن (Hydrogen) ۽ پاڻي (H2O) جي مرڪبن بجليءَ جي شعاعن گذرڻ سان، امائينو ايسڊس سان مِلي کنڊ (Sugar)، سڻڀ ۽ ڊي. اين. اي (D.N.A) کي جنم ڏنو، جيڪي زندگيءَ جا بنيادي ايڪا آهن. زندگيءَ جي شروعاتي حالت کليل (آزاد) پروٽين جي دائري يا رائبو نيوڪلڪ ايسڊ (R.N.A) وانگر هئي، جنهن کان پوءِ ان جي چوڌاري هڪڙو پردو وجود ۾ آيو، جنهن سان Cell يعني جيوگهرڙو ٺهي پيو. ان وقت زمين جي کليل ماحول ۾ آڪسيجن ڪا نه هئي، پر جيوگهرڙي، آڪسيجن کانسواءِ Anaerobic ساهه کنيو پئي ۽ ٻين نامياتي مادن کي جذب ڪري، توانائي حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ جيوگهرڙو غير جنسي پيدائشي عمل واري طريقي سان پنهنجو نسل به وڌائيندو رهيو.

جيو گھرڙو[سنواريو]

اهو جيوگهرڙو، جيڪو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو ۽ جاندار آهي، اڳتي هلي خود رو (Autotrophic) جاندار بڻجي ويو، جنهن سج جي روشنيءَ مان پنهنجو کاڌو تيار ڪرڻ شروع ڪيو. سج جي روشنيءَ مان کاڌي تيار ڪرڻ واري روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) واري عمل ۾ گهڻي انداز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿيندي ۽ آڪسيجن خارج ٿيندي آهي، جنهنڪري ان عمل جاندارن لاءِ جياپي جا رستا کولي ڇڏيا. زندگيءَ جي ارتقائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن آئي، جڏهن ڪجهه جاندارن/جيوگهرڙن جنسي پيدائش جو سلسلو شروع ڪيو، پاليئوزاڪ دور ۾ ئي سمنڊن، مڇين، وڻن، ٻيلن ۽ ڪوئلي جو وجود پيو. لکين سال گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي ميووزائڪ دور آيو، جنهن ۾ريڙهيون پائيندڙ جانور، ڊائنوسار ۽ وڏا اُڏامندڙ پکي منظر عام تي آيا، اهي جاندار زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ حياتيات جي اصولن مان گذري، عروج تي رسيا هئا. لکن سالن جي ان دور کان پوءِ ڪينوزاڪ دور شروع ٿيو، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو، هن دور جو هڪ حصو ’ٽيٽائيري‘ هو، جنهن ۾ نوان ٻوٽا ۽ کير پياريندڙ جانور نمودار ٿيا، ۽ ٻئي حصي ’ڪواٽرنري دور‘ ۾ جيوگهرڙي هڪ نئين ارتقا ڪري، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي. زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي علم حياتيات ارتقا جو سفر شروع ڪيو. قديم انسان کان وٺي هاڻوڪي جديد ۽ سُلجهيل انسان، علم حياتيات تي پنهنجا مفروضا مڙهڻ ۽ مشاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. وقت گذرڻ سان هن علم ۾ واڌارو ۽ ترقي ٿي، جنهن انساني بقا ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي.

تاريخ[سنواريو]

لکن سالن کان وٺي حياتيءَ جي ارتقا يا جيوت جي اوسر ۾ بقاءِ اصلاح (Survival of Fittest) وارو اصول عمل ۾ رهيو، ان ئي اصول ئي هر جاندار زنده رهيو ۽ ان پاڻ کي حالتن ۽ ماحول آڌار هيرائي ڇڏيو. علم حياتيات ۾ سڀ کان پهرين يونان ۾ تحقيق ٿي. علم حياتيات جو نالو بائيولاجي (Biology) به يوناني ٻوليءَ جو مشتق آهي، جيڪو بائيوز (Bios) ۽ لوگاس (Logos) مان گڏي ٺاهيو ويو آهي. بائيوز جو مطلب حياتي يا زندگي، ۽ لوگاس جو مطلب سمجهه، دليل بازي يا علم آهي. مطلب ته ساهوارن جي علم کي حياتيات يا بائيولاجي سڏيو وڃي ٿو.

يوناني نظريا[سنواريو]

يونان جي گهڻن رُخي شخصيتن ارسطو ۽ ٻين جا علم حياتيات ۾ ڪيل ڪارناما اڄ سوڌو ياد ڪيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ ٿيوفراسٽس پڻ حيوانات ۽ نباتات متعلق وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي. يونان، علم حياتيات ۾ جيڪا شروعاتي ڄاڻ مهيا ڪئي، سا 287 ق. م کان 380 ق. م تائين آهي. ان کان سواءِ يونانين پنهنجي ملڪ سان گڏ ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ جاندار جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري، سندن بناوت تي تفصيل سان لکيو. يونانين جي ڏنل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ مسلمانن جي دور تائين ڪم هلندو رهيو، پر اسلامي دور ۾ علم حياتيات سان سائنس جي ٻين علمن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيو. نه صرف ايترو پر تجربن جو استعمال به اسلامي دور ۾ شروع ٿيو، جنهن سان علم ۽ ڄاڻ جا نوان رُخ سامهون آيا. اٺين کان پندرهين صديءَ تائين مسلمانن سائنس ۾ بي پناهه ترقي ڪئي، انهن يوناني ادب ۽ علم جو مطالعو ڪيو، ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪتابن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو.

دور جديد[سنواريو]

ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ جڏهن يورپ جي واپارين تجارتي مرڪز ڳولڻ لاءِ نوان نوان ملڪ ڏٺا، تڏهن اهي نين قومن، جانورن ۽ ٻوٽن سان روشناس ٿيا، جنهنڪري هن علم تي وڌيڪ تحقيق ٿي ۽ نتيجا سامهون آيا، يورپ جي سائنسدانن مختلف ٻوٽن ۽ جانورن جون درجه بنديون (نسلي ورهاستون) ڪيون، جانورن جا گروهه ٺاهيا ويا. انهيءَ حوالي سان چارلس ڊاروِن ويهه سال ان نظريي تي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي ارتقائي نظريي جي حق ۾ ثابتين سان ڀرپور مشاهدا پيش ڪيا. ڊاروِن جي مشاهدن، علم حياتيات ۾ اضافو ڪيو ۽ پنهنجا گهَرا اثر مرتب ڪيا. سندس مشاهدا ٻين سائنسدانن جيان ساڳي نوعيت جا هئا ته نوان جاندار تبديلين جي مرحلن مان گذرڻ بعد پراڻن جاندارن مان ئي پيدا ٿيل آهن. انهن تبديلين جو سبب ورهاست جو عمل آهي. سندس مشاهدن موجب انسان کي به جانور قرار ڏيندي چيو ويو ته انسان به جانور جي سُڌريل شڪل آهي ۽ اهو پهرين بن مانس/ گوريلو يا لُنڊي پڇ وارو ڀولڙو هو.

چارلس ڊارون[سنواريو]

چارلس ڊاروِن جي انهيءَ نظريي کي اوڻويهين صديءَ ۾ رڳو يهودي يا مشرقي قدامت پرست ڪليسا جي روايتي مذهبي رسمن جي آڌار تي رد ڪيو ويو ۽ قدامت پرست عقيدن چارلس ڊارون جي نظريي کي ائين چئي رد ڪري ڇڏيو ته انسان جي تخليق لاءِ دنيا جي تخليق کي مد نظر رکيو وڃي ته هيءَ دنيا ۽ روح ڪيئن خلقيا ويا. جنهن کانپوءِ خوردبين ايجاد ڪئي وئي، جنهن بعد ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ جاندارن، جيوگهرڙي بابت وڌيڪ کوجنا جو ڪم شروع ٿي ويو، جنهن تمام گهڻا لاڀائتا نتيجا ڏنا. علم حياتيات سبب انسان کي طب کان وٺي جراحت تائين ڄاڻ ملي، جنهن انساني توڙي حيواني ۽ نباتاتي جيوت جي بقا لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو.

شروعاتي شاخون[سنواريو]

شروع ۾ علم حياتيات کي ٻن شاخن ۾ ورهايو ويو هو، جن ۾ حيوانن/ جانورن جي علم کي علم حيوانات (Zoology) ۽ ٻوٽن يا نباتات جي علم کي علم نباتات (Botany) چيو ويندو هو.

حيوانات[سنواريو]

مڇيءَ جو قسم

زولاجي يوناني ٻوليءَ جو آهي، جيڪو ٻن لفظن مان ٺهيل آهي. زو (Zoo) مطلب جانورن ۽ لوگاس (Logos) معنيٰ علم آهي. علم حيوانات يا زولاجيءَ جي معنيٰ جانورن جي علم واري آهي. علم حيوانات ۾ Animal Kingdom يعني (حيوانن جي راڄ) جو ارتقا کان جديد دؤر تائين جو علم ۽ فلسفو سمايل آهي. علم حيوانات، علم حياتيات جي هڪڙي وسيع شاخ آهي، جنهن ۾ مڙني جاندارن جهڙوڪ: انسانن، حيوانن (جانورن)، پکين پکڻن، جيتن جڻين جي بناوت، ارتقا، رهڻي ڪهڻي، پيدائشي عمل، سڀاءُ، بيماريون وغيره مطلب ته هر اُهو عنصر، جيڪو سندن جياپي سان وابسته آهي، اچي وڃي ٿو.

علم نباتات[سنواريو]

علم نباتات Botany يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو اصل ۾ بوٽين (Botane) هو. باٽني (نباتات) جو علم ٻوٽن جي بناوت (ساخت) جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. حياتيات جي هيءَ شاخ تمام وسيع آهي، جنهن ٻوٽن جي بيمارين کان وٺي جينيٽڪس ۾ وڏي ڪمائتي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. پيوندڪاريءَ کان وٺي نين جنسن جي دريافت ۽ وڌيڪ ميون توڙي اناج جي اپت حاصل ڪرڻ جا نت نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. جديد تجربن ۽ کوجنائن جي آڌار تي علم حياتيات ’بايولاجي‘ ۾ جاندارن سان لاڳاپيل مختلف علمن کي هن جو حصو بڻائي، انهن کي هن علم جون شاخون قرار ڏنو ويو، جڏهن ته علم حياتيات جو بنياد پنجن اصولن تي جوڙيو ويو، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا: سيل ٿيوري (Cell Theory): هن اصول موجب، جيوگهرڙي کي زندگيءَ جو بنيادي ايڪو سمجهي، ان جي بناوت، ورهاست ۽ ارتقا تي گهرائيءَ سان مطالعو ۽ کوجنا ڪئي وئي، جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ نت نوان نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

ارتقا[سنواريو]

(Evolution) حياتيات جي اصولن موجب زندگيءَ يا جيوت جي ارتقا پڻ حياتيات جو بنيادي اصول آهي، جنهن ۾ جاندارن جون بنيادي خاصيتون ۽ واڌويجهه وارو سلسلو شامل آهي. هن اصول موجب جاندارن جا گروهه ۽ قسم هڪ ئي مادي مان پيدا ٿيل آهن، جيڪو سلسلو ساڍا ٽي بلين سال پراڻو آهي.

موروثيت[سنواريو]

(Genetics) سڀني جاندارن ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن جي عادتن وارو سلسلو هلندو رهي ٿي، جيڪو گيميٽس (Gamets)، آر. اين. اي (R.N.A) ۽ ڊي. اين. اي (D.N.A) ذريعي نسل درنسل منتقل ٿيندو رهي ٿو.

هيميوٽيسسز[سنواريو]

(Homeostasis) هر جاندار ۾ غدودن جي رس ڪري توازن برقرار رهڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ هي اصول جاندارن جي زندگيءَ ۾ اندرين توڙي ٻاهرين ماحول سان توازن برقرار رکڻ واري نظام کي هلائي ٿو.

توانائي[سنواريو]

(Energy) هر جاندار کي زندگي گذارڻ ۽ جيوگهرڙن جي بقا لاءِ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو سلسلو لکن سالن کان هلندڙ آهي. هي اصول علم حياتيات جو بنيادي ۽ اهم اصول آهي. علم حياتيات جون ٻيون هيٺيون شاخون آهن:

  • آرنٿالاجي (Ornithology): حياتيات جي هن شاخ ۾ پکين جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • اٿالاجي (Ethology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جانورن جي هڪٻئي سان رويي ۽ سڀاءُ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • اڪٿايولاجي (Ichthyology): حياتيات جي هن شاخ ۾ مڇين جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • انٽامولاجي (Entomology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جيتن جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • ايڪالاجي (Ecology): جاندارن جي رهڻي ڪهڻي ۽ وايومنڊل ۾ هڪٻئي سان واسطيداري کاڌخوراڪ جي حاصلات ۽ پنهنجي بچاءُ ڪرڻ واري مطالعي کي ايڪالاجي چئبو آهي.
  • ايمبريولاجي (Embryology): حياتيات جي هن شاخ ۾ ’ٻچوي ڳڀ‘ يعني هڪ جيوگهرڙي کان مڪمل شڪل صورت يا بيضي مان ٻچي بڻجڻ واري مطالعي کي ايمبريولاجي چئبو آهي.
  • ايناٽامي (Anatomy): جاندارن جي نظر ايندڙ حصن/ عضون (اندريان توڙي ٻاهريان حصا/ عضوا) جي مطالعي کي ايناٽامي چئبو آهي.
  • بائيوٽيڪنالاجي (Biotechnology): حياتيات جي هن شاخ ۾ حيوانن ۽ نباتات جي استعمال سان انساني ڀلائيءَ ۽ بهبود جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو.
  • ٽئگزانامي (Taxonomy): جاندارن کي خاندان، ڪٽنب ۽ جنس وغيره جي بنياد تي ورهائڻ واري علم جي مطالعي کي ٽئگزانامي چيو ويندو آهي.
  • پروٽوزولاجي (Protozology): حياتيات جي هن شاخ ۾ هڪ جيوگهرڙي وارن جاندارن جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو.
  • پئراسائٽالاجي (Parasitology): حياتيات جي هن شاخ ۾ اهڙن جاندارن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي، جيڪي ٻين تي گذران ڪندا آهن، جن کي مفت خور پڻ چيو ويندو آهي.
  • پيلنٽولاجي (Paleontology): پنڊ پهڻ ٿي ويل جاندارن جي زندگي گذارڻ جي خبر هن علم ذريعي پوي ٿي، ته اهي ارتقائي دور ۾ ڪيئن هئا، ۽ ڪهڙي زندگي گذاريندا هئا، سندن رهڻ ڪهڻي ڪهڙي هئي.
  • زوجيوگرافي (Zoogeography): زمين جي مٿاڇري تي جاندارن جي ورڇ واري مطالعي کي زوجيوگرافي چئبو آهي. مثال طور: ڪي جانور صرف دنيا جي ڪنهن خاص خِطي ۾ رهندا آهن، جيئن: ڪِيوي (Kiwi) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ ملي ٿي.
  • سائٽالاجي (Cytology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جيوگهرڙن ۽ انهن جي اندرين حصن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • فريش واٽر بائيولاجي (Fresh Water Biology): حياتيات جي هن شاخ ۾ تازي يا وهندڙ پاڻيءَ ۾ رهندڙ جيوت جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

ان کان سواءِ حياتيات جون ٻيون به ڪيتريون شاخون آهن.

  • فزيالاجي (Physiology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي عضون/ حصن ۽ انهن جي ڪم ڪار ڪرڻ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • مارفالاجي (Morphology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي ٻاهرين شڪل شبيهه ۽ عضون جي بناوت ۽ جوڙجڪ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • مائڪالاجي (Mycology): حياتيات جي هن شاخ ۾ فنجي (Fungi) جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • مائڪروبائيولاجي (Microbiology): خوردبين وسيلي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ جاندارن جهڙوڪ: بيڪٽريا، وائرس، فنگس ۽ پروٽوزُئا وغيره جي مطالعي کي مائيڪروبائيولاجي چئبو آهي.
  • مئمالاجي (Mammology): کير پياريندڙ جاندارن جي مطالعي (جنهن ۾ انسان به شامل آهي) واري علم کي مئمالاجي چئجي ٿو.
  • ميرين بائيولاجي (Marine Biology): حياتيات جي هن شاخ ۾ سمنڊ ۾ رهندڙ جاندارن ۽ ٻوٽن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • وائرولاجي (Virology): حياتيات جي هن شاخ ۾ وائرس ۽ ان مان ڦهلندڙ عنصرن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • هرپيٽولاجي (Herpetology): حياتيات جي هن شاخ ۾ ڏيڏرن، سانڊن، ڪرڙين ۽ نانگن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • هسٽالاجي (Histology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي تاندورن (Tissues) جو خوردبينيءَ وسيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.
  • هيلمنٿالاجي (Helminthology): حياتيات جي هن شاخ ۾ پيٽ جي ڪينئن/ ڪيڙن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012