مواد ڏانھن هلو

قلات ضلعو

بيھڪ: 29°03′26″N 66°35′38″E / 29.05722°N 66.59389°E / 29.05722; 66.59389
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قلات ضلعو
قلات
بلوچستان جو ضلعو
Qalat District
قلات ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل
قلات ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل
قلات ضلعو is located in Balochistan, Pakistan
قلات ضلعو
قلات ضلعو
قلات ضلعو is located in Pakistan
قلات ضلعو
قلات ضلعو
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 29°03′26″N 66°35′38″E / 29.05722°N 66.59389°E / 29.05722; 66.59389
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
قيام پھرين مارچ 1954
صدر مقام قلات شھر
پکيڙ
 • ڪل 2,622 ڪ.م2 (1,012 ميل2)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 412,232

قلات ضلعو(انگريزي: Qalat District ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام قلات شھر آھي. ان جي پکيڙ 6٬622 km2 (2٬557 sq mi)[2] آھي پر سٽي پاپوليشن. ڪام ان جي پکيڙ 13٬851 km2 (5٬348 sq mi) ظاھر ڪئي آھي[3]. ضلعي آبادي 2017 ۾ 4,12,232 ھئي. قلات ضلعي جي قيام جو نوٽيفڪيشن 3 فيبروري 1954ع ۾ جاري ٿيو ان وقت خضدار ۽ مستونگ ھن ضلعي جون سب ڊويزنون ھيون. ان وقت موجوده ڪڇي ضلعو، جھل مگسي ضلعو ۽ نصيرآباد ضلعو (ديرا مراد جمالي) انھن ٻن سب ڊويزنن: خضدار ۽ مستونگ جو حصو ھيا. پھرين مارچ 1974ع تي خضدار سب ڊويزن کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. 18 فيبروري 1992 تي مستونگ سب ڊويزن کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. قلات ضلعي تي اھو نالو قلات شھر تان پيو. ان شھر جو پراڻو نالو ڪاھان ھيو. پراڻي قلات رياست جو موجوده ناليماتر جانشين مير سليمان دائود جان آھي جنھن بکي رسمي طور تي خان آف قلات سڏيندا آهن. ھي اڃان تائين پاڪستان سرڪار کان قلات رياست جي بحالي جو مطالبو ڪندو رھي ٿو. سندس وارث پرنس محمد وري پاڪستان جو حامي آھي[4].

انتظامي ورهاست

[سنواريو]


موجوده قلات ضلعي ۾ ٻہ سب ڊويزنون[2]: قلات سب ڊويزن ۽ منگوڇر سب ڊويزن ۽ ٻہ تحصيلون: منگوڇر تحصيل ۽ قلات تحصيل . ان کان سواءِ ضلعي ۾ ٻہ سب تحصيلون جوھان سب تحصيل ۽ گازگ سب تحصيل آھن. ضلعي ۾ 18[2] يونين ڪائونسلون ۽ 2[2] ٽائون ڪاميٽيون واقع آهن. ضلعي ۾ 81 پٽواري سرڪلون (تپا) ۽ 636[2] مئوزا (ديھون) آھن.

جاگرافي

[سنواريو]
قلات جو ھڪ منظر

ھن ضلعي جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾ ٿڌي ھوندي آھي. سڀ کان وڌيڪَ برسات سياري ۾ پوي ٿي. ھتان جي زمين جابلو آھي جنھن کوڙ واديون ۽ ھڪ مکيه ندي مورو واقع آهن. ھاربوئي جبل قلات م جونيپر نالي قديم وڻن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو.

آبھوا

[سنواريو]

ھن شھر م لڳ ڀڳ سمورو سال برسات نہ پوندي آهي. ڪوپن واري موسمي درجابندي مطابق ھن شھر جي آبھوا ٿڌي بياباني آھي. ھتان جو سراسري گرمي پد 14.1 سينٽي گريڊ آھي. ھتي پوندڙ سالياني برسات جو سراسري مقدار 163 ملي ميٽر آھي. جون جو مھينو سڀ کان وڌيڪ خشڪ ھوندو آھي جنھن ۾ برسات پوڻ جو سراسري مقدار 1 ملي ميٽر ھوندو آھي. جنوري مھينو سڀ کان وڌيڪَ برساتي ھوندو آھي جنھن م برسات پوڻ جو سراسري مقدار ،36 ملي ميٽر ھوندو آھي. سال جو گرم ترين مھينو جولاءِ آھي جنھن م سراسري گرمي پد 24.8 سينٽي گريڊ رھندو آھي. جنوري سرد ترين مھينو آھي جنھن جو سراسري گرمي پد 3.4 سينٽي گريڊ تائين رھندو آھي.

موسمي رڪارڊ : قلات
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
10.3
(50.5)
12.1
(53.8)
17.1
(62.8)
22.1
(71.8)
27.4
(81.3)
31.9
(89.4)
32.6
(90.7)
31.7
(89.1)
28.6
(83.5)
23.3
(73.9)
17.5
(63.5)
13.1
(55.6)
22.31
(72.16)
روزاني سراسري°C (°F) 3.4
(38.1)
5.3
(41.5)
9.8
(49.6)
14.3
(57.7)
18.9
(66)
22.7
(72.9)
24.8
(76.6)
23.4
(74.1)
19.4
(66.9)
13.8
(56.8)
8.6
(47.5)
4.9
(40.8)
14.11
(57.37)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−3.5
(25.7)
−1.5
(29.3)
2.6
(36.7)
6.6
(43.9)
10.5
(50.9)
13.5
(56.3)
17.0
(62.6)
15.2
(59.4)
10.3
(50.5)
4.3
(39.7)
−0.2
(31.6)
−3.3
(26.1)
5.96
(42.73)
[حوالو گهربل]

معيشت

[سنواريو]

ھن ضلعي جي معيشيت زراعت ۽ چوپائي مال جي افزائش تي مشتمل آهي.

آبادي

[سنواريو]

ھن ضلعي جي آبادي 1972ع جي آدمشماري ۾ آبادي 71,746 ھئي[3]. 1981 جي آدمشماري ۾ آبادي 2،09،149 ھئي[3]. 1998 جي آدمشماري م آبادي وڌي 2,37,834 پھتي[2][3] ين ۾ مرد 1,22,935 (%51.96) ۽ عورتون 1,14,899 (%48.31) ھيون. ضلعي جي 85.79 سيڪڙو آبادي يعني 2,04,040 ٻھراڙيءَ م رھندڙ ھئي ۽ %14.21 سيڪڙو آبادي يعني 33,794 شھري ھئي[2]. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي ڪل آبادي 4,12,232 ھئي[3]. ھن ضلعي جي آبادي جو گھاٽائي 29.76 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي[3]. 1981 کان 1998 تائين آبادي جي واڌ جي شرح %0.76 ھئي[2]. 1998 کان 2017 تائين آبادي م واڌ بجي شرح سالياني %2.9 رھي[3]. 1998 جي آدمشماري مطابق ھتان جي 89 سيڪڙو آبادي بروھي ٻولي بروھي ڳالھائيندڙن جي آھي. 5 سيڪڙو بلوچي ڳالهائيندڙ ۽ باقي سنڌي ۽ سرائڪي ڳالھائيندڙ آھن. آبادي ۾ پڙھيل لکيل ماڻھن جي شرح +10 يعني %19.9 ھئي جنھن م مردن جي شرح %29.24 ۽ عورتن جي شرح %9.44 ھئي[2].

تعليم

[سنواريو]

2017 جي پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ مطابق قلات ضلعي جو درجو پاڪستان جي 141 ضلعن ۾ 66 تي آھي. 2014 ۽ 2015 ۾ ھن ضلعي جي ڏھ سالن ۽ مٿي واري عمر وارن ماڻهن ۾ تعليم يافته ماڻھن جي شرح 45 سيڪڙو جنھن ۾ عورتن جي شرح 45 سيڪڙو ھئي.[6]. ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ 83 سيڪڙو پرائمري اسڪول آھن ۽ 9 سيڪڙو ھاء اسڪول آھن. 2016 ۽ 2817 واري تعليمي سال ۾ پرائمري اسڪولن ۾ داخل شاگردن جو تعداد 20,031 ھيو ۽ ھاء اسڪولن ۾ 658 شاگرد داخل ھيا. جنسي نابرابري ھن ضلعي م تمام گھڻي سطح تي آھي. ڇوڪرين جا اسڪول ڪل تعليمي ادارن جو رڳو 34 سيڪڙو آھن. الف اعلان جي پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 مطابق پرائمري اسڪولن جي انفراسٽرڪچر جي درجابندي م پاڪستان جي 155 ضلعن م ھي ضلعو 128ھين نمبر تي ھيو ۽ مڊل اسڪولن جي سطح تي 155 ۾ 136ھين نمبر تي ھيو. ھن ضلعي جي ھر پنجن مان چار اسڪولن م بجلي جي سھولت ميسر ڪانھي. ھر ٻن مان ھڪ اسڪول م پائخانو ڪانھي. ھر ٽن مان ھڪ اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ڪانھي.

عدالتي نظام

[سنواريو]

2019 م قلات ضلعي کي ٽوڙي ان مان شھيد سڪندر آباد ضلعو قائم ڪيو ويو پر اڃان ٻنھي روينيو ضلعن جي ضلعي عدالتي ڊويزن ساڳي قلات ضلعي واري آھي. ٻنھي روينيو ضلعن جي وڏي عدالت قلات شھر ۾ واقع ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي ڪورٽ آھي. ان کان سواءِ ھتي ھڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ھڪ جڊيشل مئجسٽريٽ، ھڪ فيملي جج ۽ ھڪ مجلس شورا ۽ ھڪ قاضي جون عدالتون پڻ قلات شھر ۾ ويھن ٿيون. قلات جي تحصيل منگوڇر ۾ ۽ منگوڇر تحصيل جي شھر خالق آباد م ھڪ جوڊيشل مئجسٽريٽ، شھيد سڪندر آباد ضلعي جي سوراب تحصيل م پڻ ھڪ جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ھڪ قاضي جي عدالت ويھي ٿي[7].

حوالا

[سنواريو]
  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 [1] www.pbs.gov.pk/content/district-glance-kalat
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 http://www.citypopulation.de/en/pakistan/cities/balochistan/
  4. Shahid, Saleem. "Khan of Kalat being persuaded to return home". 
  5. "Climate: Kalat - Climate-Data.org". حاصل ڪيل 9 سيپٽمبر 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  6. Pakistan Bureau of Statistics (2016). Pakistan Social and Living Standards Measurement Survey 2014-15. [online] Islamabad: Government of Pakistan, p.111. Available at: http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files//pslm/publications/PSLM_2014-15_National-Provincial-District_report.pdf [Accessed 6 Aug. 2018]
  7. [2] bhc.gov.pk/district-judiciary/kalat/introduction