لسٻيلو ضلعو
لسٻيلو ضلعو
ضلعِ لسبیلہ (اردو) لسبݔله دمگ (بلوچي) | ||||
---|---|---|---|---|
Lasbela District | ||||
مٿيان: هنگول نيشنل پارڪ ۾ هڪ چٽان، جن کي "اميد جي شهزادي" جو نالو ڏنو ويو آهي هيٺيان: گندراني، غارن جو شھر | ||||
![]() بلوچستان جو نقشو جن ۾ لسٻيلو ضلعو هائي لائٽ ڪيل آهي | ||||
جاگرافي بيهڪ: 20°13′38″N 66°18′22″E / 20.22722°N 66.30611°E | ||||
ملڪ | ![]() | |||
صوبو | ![]() | |||
ڊویزن | قلات ڊويزن | |||
قائم ٿيو | جون، 1954ع[1] | |||
هيڊ ڪوارٽر | اٿل شهر | |||
Government | ||||
• Type | ضلعي انتظاميه | |||
• ڊپٽي ڪمشنر | حميره بلوچ | |||
• ضلعي پوليس آفيسر | N/A | |||
• ضلعي ھيلٿ آفيسر | N/A | |||
Area | ||||
• ضلعو |
15,153 ڪ.م2 (5,851 ميل2) |
لسٻيلو ضلعو (اردو:ضلع لسبیلہ؛ بلوچي:لسبݔله دمگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي قلات ڊويزن ۾ ھڪ ساحلي ضلعو آھي. هي ضلعو پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي ڏکڻ ۾، ڪراچي کان لڳ ڀڳ 125 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهي. 2023ع جي پاڪستان جي مردم شماري مطابق، ان جي آبادي لڳ ڀڳ 6,80,977 آهي.
ضلعي جي معيشت ماهيگيري، مڇي مارڻ، زراعت، چوپائي مال جي افزائش وغيره تي ترقي ڪري ٿي. ان کان علاوه، لسٻيلا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ چونا پٿر ۽ جپسم جي مائننگ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. برطانوي راج جي دور ۾، لسٻيلا کي اسٽريٽجڪ اهميت پڻ حاصل هئي.
لسٻيلا جي آبهوا گرم ۽ نم آبهوائي طور تي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ گرم اونهارو 45 °C تائين پهچي ٿو ۽ هلڪو سيارو 10-20 °C تائين هوندو آهي. ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ برسات پوي ٿي، جنهن جي سراسري طور تي هر سال 60-100 ملي ميٽر جي وچ ۾ هوندي آهي.
ڳالهائي ويندڙ مکيه ٻوليون بلوچي ۽ لاسي (سنڌي) آهن. ضلعي جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ اُٿل شهر آهي. ضلعي لسٻيلا جي سمندر سان لڳل ۾ ساحل، جهڙوڪ سپت بيچ، ڪُنڊ ملير، سونهرا بيچ ۽ سونمياڻي بيچ، انهي سان گڏ ڪنراج، سانڌ ۽ دودر جا جبل ۽ آبشار آهن.
تفصيل
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]اندازو ۽ خيال اهو ئي آهي ته راجا ڏاهر (Raja Ddhahir) جي آخري دور ۾ هڪ سنڌي قبيلو ڪانٺيو (ۡKaanthhiyo) ڪن سببن يا ڪارڻن جي ڪري لسٻيلي سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. هن قبيلي اوڀر ڪڇ ۾ سن 725ع کان پوءِ 740ع ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪنٺ ڪوٺ کي تختگاهه ٺاهيو. هي قبيلو پوءِ هتان لڏي ۽ پوءِ وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو. ياد رهي ته ڪاٺيا قبيلو اڄ به سنڌ ۾ آباد آهي. سنڌ جي شھر نصيرآباد ۾ ڪاٺيابازار روينيو جي رڪارڊ ۾ هڪ پوري ديھ آهي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪاٺيا نصيرآباد ۾ رهائش پذير آهن. شاھ لطيف تي تحقيق ڪندڙ فقير امداد علي سرائي ڪاٺيو هو ۽ جانورن جو ماهر ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو هو.
لس ٻيلو ( Lasbbelo /Lasbela) صدين کان سنڌ جو حصو رهيو آهي. سنڌ جي سمن جي راڄ ۾ اچڻ کان پوءِ لس جي قبيلن سُک جو ساهه کنيو ۽ سياسي طور کين اُسرڻ جو وجهه ملي ويو. 1024–1351ع سومرن ۽ پوءِ سمن جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جو مُک ڀاڱو هيو. سنڌ جا سما گهڻي انگ ۾ وڃي لس ٻيلي ۾ رهيا. ان زماني ۾ لس ٻيلي ۾ رونجها قبيلي جي حڪمراني هئي. رونجهن جو لاڳاپو سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. ڪاڪي ڀيرو مل جي تحقيق پٽاندڙ رونجها (Ronjha) ڄام انڙ (Jam Unarr) جي ڪٽنب منجهان هئا. انهن مان هڪ حاڪم سٻڙ ياسخي ڄام سپڙ جي نالي سان ٿي گذريو آهي. رونجهن 13 هين صدي جي وچ ڌاري پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ اهو راڄ يا حڪومت سترهين صديءَ جي اخر ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي. رونجهن کان پوءِ گونگها حڪومت ۾ آيا. ان کان پوءِ سمن جي برفت قبيلي هتي حڪومت ڪئي.
ان کان پوءِ سمن جي برفت قبيلي هتي راڄ ڪيو. مَلڪ پاهڙ خان برفت (Malak Paahurr Khan Burfut) سان تڪرار ۽ ڏڦيڙ ٿيڻ تي ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ 1117ھ / 1705ع ۾ ويڙهه ٿي، جنهن ۾ پاهڙ خان برفت هارايو ۽ وري ڪلهوڙن حاڪمن سان کنئونس نه ڪيائين.
ان کانپوءِ وري ڪوريجا (Koreja) قبيلي سن 1742ع ڌاري پنهنجو راڄ (حڪومت) قائم ڪئي. ڪوريجا حاڪمن ڄام جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي 1956ع تائين پنهنجو حڪم هلائيندو رهيو. ون يونٽ ٺهڻ وقت لس ٻيلو ڪراچي سان سلهاڙيل هو.
پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا گهڻائي علائقا سنڌ مان ڪڍي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. لسٻيلو پڻ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پهرين سنڌ جي شهر ڪراچي جو حصو هئو. پوءِ جڏهن ون يونٽ ختم ڪيو ويو تڏهن لسٻيلي کي واپس سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيو ويو هئو. [4]
لسي ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي
[سنواريو]لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي لاسي (Laasi) لهجي ۾ موجود آهي. لس ٻيلي ڏاڍا سٺا سنڌي شاعر پيدا ڪيا آهن. لس ٻيلي جي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي سنڌي مشهور آهي. سنڌي ٻوليءَ مشهور ڳائڻو استاد جمن پڻ لس ٻيلي جو هيو. لس ٻيلي جي سنڌي شاعري ٻيلاين جا ٻول (Bbylaayun jaa Bbol) پڻ ڊاڪٽر نبي بخش ڇپرائي هئي.
سردار چاڪر ڊومڪي
[سنواريو]1987ع ۾ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ سردار چاڪر ڊومڪيءَ (Sardar Chaakur Domki) هڪ رٿ تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪندي ٻڌايو هئو ته بلوچستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل آباديءَ جو چوٿون حصو آهن. هن بلوچستان سرڪار تي زور ڀريو هئو ته ڪوئٽا ريڊيو ۽ ٽي وي تان سنڌي پروگرام هلايا وڃن. ان وقت جي وڏي وزير ڄام غلام قادر، ان رٿ جي حمايت ڪئي هئي ۽ چيو هئو ته اهو ان معامري تي وفاقي سرڪار سان ڳالهائيندو. [5] [6] [7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "History of Lasbela". Lasbela District Government website. وقت 6 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 July 2021.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named2023census
- ↑ "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
- ↑ بلوچستان - وڪيپيڊيا
- ↑ Sindh Express News Story, وقت 2021-09-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-26
- ↑ روزآني سنڌ ايڪسپريس، نومبر 25، 2016
- ↑ ڪتاب؛ سمن جي سلطنت، ليکڪ؛ محمد سومار
[[1]]
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- سانچا
- لسٻيلا ضلعو
- بلوچستان جا ضلعا
- پاڪستان جا ضلعا