ماشڪئي
Mashkay | |
|---|---|
| ماشڪئي | |
| Lua error in package.lua at line 80: module 'Module:Infobox dim' not found. | |
| ملڪ | |
| صوبو | بلوچستان |
| ضلعو | آواران ضلعو |
| Population (2017)[1] | |
• Total | 12,493 |
| Time zone | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
| يونين ڪاؤنسلون | 3 |
ماشڪئي(انگريزي: Mashkay) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي آواران جي ماشڪئي تحصيل جو وڏو شھر ۽ صدر مقام آھي.[2] 2012ع ۾ ھن شھر جون ٽي يونين ڪاؤنسلون ھيون، جن ۾ گجار ، نوڪجو ۽ پاروار شامل آهن. ھن شھر جي ميونسپل ڪاميٽي جو نالو گجار ماشڪئي آھي جنھن جي ڪل آبادي 12,493 آھي. شھر م واقع ڪل گھرن جو تعداد 2017 ۾ 1503 ھيو[1]. ھي شھر ضلعي جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي.
مردم نگاري
[سنواريو]ھتان جي ماڻھن جي ٻولي بلوچي آھي. تحصيل جي ھن شھر سميت آبادي ھڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي جنھن جو 80 سيڪڙو مسلمان ۽ 20 سيڪڙو ذڪري فرقي وارا آھن. ھتان جي آبادي ۾ محمد حسني، ساجدي، سياپد، ميرواڻي، شھواڻي ۽ گزوزئي قبيلا شامل آهن. ساجدي قبيلو ھتي مڪران کان لڏي آيو ھو.
ڳوٺ
[سنواريو]شھر جي چوڌاري مکيہ ڳوٺ گجار، جيبري، پاروار، نوڪجو، منگولي ۽ مياني قلات شامل آھن جن مان جبيري پوري ضلعي ۾ مشھور آھي جتي محمد حسني قبيلي وارا ماڻهو وسن ٿا .
مشھور ماڻھو
[سنواريو]ھن شھر ۽ پسگردائيءَ جا مشھور ماڻھو آھن:
- سردار عارف محمد حسني (آواران ۽ لسٻيلي جو اڳوڻو ايم اين اي)
- الله نظر بلوچ (بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو اڳوڻو صدر ۽ بلوچ لبريشن فرنٽ جو اڳواڻ) [3]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 [ https://www.pbs.gov.pk › filesPDFawaran blockwise - POPULATION AND HOUSEHOLD DETAIL ...]
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Awaran - Government of Pakistan
- ↑ Baloch, Zafar (September 8, 2015). "BLF chief reportedly killed in Awaran operation: Bugti". The Express Tribune (Karachi, Pakistan). http://tribune.com.pk/story/952820/blf-chief-reportedly-killed-in-balochistan-operation-bugti/.