ماشڪئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Mashkay
شھر
ماشڪئي
ملڪ  پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو آواران ضلعو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 12,493

ماشڪئي(انگريزي: Mashkay) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي آواران جي ماشڪئي تحصيل جو وڏو شھر ۽ صدر مقام آھي.[2] 2012ع ۾ ھن شھر جون ٽي يونين ڪاؤنسلون ھيون، جن ۾ گجار ، نوڪجو ۽ پاروار شامل آهن. ھن شھر جي ميونسپل ڪاميٽي جو نالو گجار ماشڪئي آھي جنھن جي ڪل آبادي 12,493 آھي. شھر م واقع ڪل گھرن جو تعداد 2017 ۾ 1503 ھيو[1]. ھي شھر ضلعي جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي.

مردم نگاري[سنواريو]

ھتان جي ماڻھن جي ٻولي بلوچي آھي. تحصيل جي ھن شھر سميت آبادي ھڪ لک جي لڳ ڀڳ آهي جنھن جو 80 سيڪڙو مسلمان ۽ 20 سيڪڙو ذڪري فرقي وارا آھن. ھتان جي آبادي ۾ محمد حسني، ساجدي، سياپد، ميرواڻي، شھواڻي ۽ گزوزئي قبيلا شامل آهن. ساجدي قبيلو ھتي مڪران کان لڏي آيو ھو.

ڳوٺ[سنواريو]

شھر جي چوڌاري مکيہ ڳوٺ گجار، جيبري، پاروار، نوڪجو، منگولي ۽ مياني قلات شامل آھن جن مان جبيري پوري ضلعي ۾ مشھور آھي جتي محمد حسني قبيلي وارا ماڻهو وسن ٿا .


مشھور ماڻھو[سنواريو]

ھن شھر ۽ پسگردائيءَ جا مشھور ماڻھو آھن:

حوالا[سنواريو]