مواد ڏانھن هلو

دڪي ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ضلعو دڪي

ضلع دوکی
دوکي ولسوالۍ
دوکی دمگ
ضلعو
حیران حیدرزئي دڙو
حیران حیدرزئي دڙو
بلوچستان جي نقشي ۾ دڪي ضلعو هائي لائٽ ڪيل
بلوچستان جي نقشي ۾ دڪي ضلعو هائي لائٽ ڪيل
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان، پاڪستان
ڊویزنلورالائي ڊويزن
قائم ٿيو2016ع
ضلعي صدر مقامدڪي
حڪومت
• طرزضلعي انتظاميه
• ڊپٽي ڪمشنرN/A
• ضلعي پوليس آفيسر (ڊي ايس پي)N/A
ايراضي
• ڪل4,233 چورس ڪلوميٽر (1,634 چورس ميل)
آبادي
 (2023ع)
• ڪل205,044
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (PKT)

دڪي ضلعو (اردو:ضلع دوکی؛ پشتو: دوکي ولسوالۍ؛ بلوچي: دوکی دمگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ ضلعو آهي.[1] اهو سمنڊ جي سطح کان 1,092 ميٽر (3585 فوٽ) جي اوچائي تي واقع آهي.[2]

ان کي يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو آهي، خاص ڪري ويالا دڪي، زنگل رباط، صدر، سول اسٽيشن، نصرآباد، ٺل-چوٽيالي، لوني ۽ نانا صاحب زيارت۔ ان جي مکيه آمدني زراعت ۽ قدرتي وسيلن مان اچي ٿي. قبائلي سماج هجڻ جي ڪري هن ۾ قبيلا آهن: ترين جن ۾ رئيساڻي، ڪاڪڙ، شادوزئي، لوني، زرڪون ۽ ناصر وغيره شامل آهن.

دڪي پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو ترقي، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين ڪيترين ئي سهولتن ۾ پوئتي پيل آهي. هي واحد ضلعو آهي جتي سال 2018ع ۾ پوليو جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا. دڪي کي سال 2016ع ۾ ضلعو بڻايو ويو ۽ ان جي تعلقن ۾ ٺل۔چوٽيالي، نانا صاحب زيارت ۽ لوني شامل آهن.

دڪي سال 2017ع تائين لورالائي ضلعي جو حصو هو۔ سال 2017ع ۾ دڪي کي الڳ ضلعو قرار ڏنو ويو. ڪل 19 يونين ڪائونسلون آهن. ضلعي حڪومت ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊي پي او، تحصيلدار شامل آھن. ان کان سواءِ بلدیاتي ادارن جي چونڊن کان پوءِ ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين به ضلعي ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي ۾ حصو وٺندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Tehsils & Unions in the District of Loralai - Government, اصل نسخو مان March 26, 2012 تي محفوظ ڪيل, February 10, 2024 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. Location of Duki - Falling Rain Genomics