ژوب
ژوب Zhob فورٽ سينڊيمان Fort Sandeman | |
|---|---|
شھر | |
شھر جو ھڪ منظر | |
| Coordinates: 31°20′30″N 69°26′55″E / 31.34167°N 69.44861°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | بلوچستان |
| ضلعو | ژوب ضلعو |
| ايراضي | |
| • ڪل | 20,297 چورس ڪلوميٽر (7,837 چورس ميل) |
| آبادي (1998)[1] | |
| • ڪل | 22,987 |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت) |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 85200 |
| ويب سائيٽ | www.zamazhob.asia |
ژوب (انگريزي: Zhob ) يا فورٽ سينڊيمان يا اپوزئي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي ژوب جو شھر۽ ضلعي صدر مقام جيڪو ژوب ندي جي ڪناري تي واقع آھي [2] ھن شھر جو اصل نالو اپوزئي آھي جيڪو ھن جي پاسي ۾ واقع ھڪ ڳوٺ تان پيو. برٽش ڪالوني واري دؤر ۾ ھن شھر جو نالو فورٽ سينڊيمان رکيو ويو. 30 جولاءِ 1976 ۾ ملڪ جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ھن شھر جو نالو تبديل ڪري ژوب رکيو [3]
تاريخ
[سنواريو]مشھور چيني سياح شيان زينگ(انگريزي: Xuanzang) ھن علائقي جو جڏهن 629 عيسويءَ ۾ سفر ڪيو تہ ھتي پشتون ماڻھن کي آباد ڏٺائين. ھن سياح ھتان ھڪ بھادر سردار شمس الدين جو پڻ ذڪر ڪيو.[4] نادر شاھ دراني (1736-47 AD) ۽ احمد شاھ ابدالي (1747-73 AD) جي دؤر ۾ ژوب دراني ۽ بارڪزئي حڪمراني ۾ رھيو جنھن بعد برطانوي قبضي هيٺ آيو.ارڙھين صديءَ جي وچولي دور ۾ آحمد شاھ جوگيزئي قبيلي جي باني جوگي کي سند ڏئي ژوب جو حاڪم تسليم ڪيو

1884 واري ژوب وادي جي مھم تائين ھي علائقو انگريزن لاءِ اڻ ڄاتل ھيو. جلد ئي 1889 تائين ژوب ۽ گومل وارو جابلو لنگھ برطانوي قبضي هيٺ اچي ويو[5] ڊسمبر 1889 تي ھن شھر، جنھن جو ان وقت نالو اپوزئي ھيو، تي انگريزن قبضو ڪري سر رابرٽ گرووز سينڊيمان جي نالي تي ھن شھر جو نئون نالو فورٽ سينڊيمان رکيو.1890 ۾ ھن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. 1901 جي مردم شماري مطابق ھتان جي آدمشماري 3552 ھئي. ھتي مليٽري گيريزن قائم ڪئي وئي جنھن ۾ مقامي گھوڙي سوار ريجمينٽ ۽ مقامي پيادن جي ريجمينٽ شامل ھيون.1894 ۾ ھن شھر کي سلائيزا وادي کان پاڻي جي رسد ڏني وئي جنھن سان پيئڻ جي پاڻي سان گڏوگڏ ھتي ميويدار وڻن جو پوک ۾ اضافو ٿيو.برطانوي راڄ دوران شھر کان ٻاھر اتر طرف واقع ھڪ عمارت ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ رھندو ھيو . اھا عمارت قلعو سڏجندي ھئي. ان ئي دور ۾ ھتي ريلوي جو نظام پڻ نصب ٿيو ۽ ھن شھر جي ريلوي اسٽيشن جي ويجھو واري ريلوي اسٽيشن ڀڪر ريلوي اسٽيشن ھئي جيڪا ھن شھر کان 122 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ھئي. مقامي سطح تي فنڊ جو اضافو ٿيو 1903-1904 واري مالياتي سال ۾ ھن شھر جي آمدني 18000 ۽ خرچ 17000 روپيا ھيو. [6] جن وقت ھن شھر ۾ پاڪستان آرمي جي ڪينٽونمينٽ موجود آهي ۽ ڪيترائي افغاني ۽ پشتون قبيلا آباد آهن جن ۾ يوسفزئي، تارڪزئي ۽ محسود قبيلا شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/[مئل ڳنڍڻو]/tables/POPULATION%20SIZE%20AND%20GROWTH%20OF%20MAJOR%20CITIES.pdf
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Zhob - Government of Pakistan
- ↑ Zhob Background - Balochistan Police Website آرڪائيو ڪيا ويا 4 March 2010 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Dawn News, .htm The cradle of Pathan culture[مئل ڳنڍڻو]
- ↑
Ane or mair o the precedin sentences incorporates text frae a publication nou in the public domain: Chisholm, Hugh, مرتب (1911). "Zhob". Encyclopædia Britannica. جلد 28 (11th ڇاپو). Cambridge University Press. ص. 979. {{cite encyclopedia}}: Invalid|ref=harv(مدد) - ↑ Fort Sandeman - Imperial Gazetteer of India, v. 12, p. 103., اصل نسخو مان 2016-03-03 تي محفوظ ڪيل, 2019-05-07 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from December 2016
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Articles with dead external links from July 2016
- CS1 errors: invalid parameter value
- Wikipedia articles incorporating a citation from the 1911 Encyclopaedia Britannica with Wikisource reference
- Wikipaedia airticles incorporatin text frae the 1911 Encyclopædia Britannica
- CS1 errors: unsupported parameter