تربت
تربت Turbat | |
---|---|
ضلعي صدر مقام | |
![]() | |
جاگرافي بيهڪ: 26°0′15″N 63°3′38″E / 26.00417°N 63.06056°Eمڪانيت: 26°0′15″N 63°3′38″E / 26.00417°N 63.06056°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | بلوچستان |
ضلعو | ڪيچ ضلعو |
تحصيل | تربت تحصيل |
بلندي | ١٢٩ ميل (٤٢٣ ft) |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | ٧٩٬٢٠٠ |
تربت(انگريزي: Turbat ) , پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏکڻ ۾ ڪيچ ندي جي ڪناري تي واقع ڪيچ ضلعي جو شھر ۽ ضلعي صدر مقام جيڪو ماضيءَ ۾ مڪران جي پرنسلي اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ پڻ رھيو. ھي شھر ڏکڻ بلوچستان جي وڏي ۾ وڏو شھر سمجھيو ويندو آھي ۽ گوادر پورٽ کان 120 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.ھي شھر کجور جي مارڪيٽ آھي. ذڪري فرقي وارن جو مقدس مقام ڪوھ مراد ھن شھر جي ويجھو واقع آهي. ھن شھر کي سسئي۽ پنھون جي قصي جي ڪري ادب ۾ ھڪ مقام حاصل آهي ڇوته پنھون جو تعلق ھن علائقي سان ھيو. پنھون جي قلعي جي آثارن جي ھن شھر ڀرسان موجودگيءَ جو پڻ ذڪر ٿيندو آهي. بلوچي ادب جي ھڪ وڏي شاعر عطا شاد جو تعلق پڻ ھن شھر سان آھي جيڪو نہ رڳو بلوچي ٻولي پر اردو جو به شاعر ھيو.
تعليم[سنواريو]
ھن شھر جي وڏن تعليمي ادارن ۾ مڪران ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي آف تربت واقع آھن.
موسم[سنواريو]
ھي شھر ڏکڻ ايشيا جي گرم ترين شھرن ۾ ٿئي ٿو 2012 ۾ اتي 53.5 ڊگري سيلسيس گرمي درج ڪئي وئي.[2]
آمدورفت[سنواريو]
ھي شھر روڊ رسٽي ڪوئيٽا، قلات، گوادر، پسني، ڪراچي ۽ ايران جي شھر چابھار ۽ ايرانشھر سان ڳنڍيل آهي. ھن شھر ۾ بين الاقوامي ھوائي اڏو پڻ آهي جتان اڪثر اڏامون ڪراچي، گوادر ۽ شارجہ ڏانهن روانيون ٿينديون آهن.