مواد ڏانھن هلو

اوستا محمد ضلعو

استه محمد ضلعو
Usta Muhammad District
ضلع استا محمد
بلوچستان جي نقشي ۾ استه محمد ضلعو هائي لائٽ ڪيل
بلوچستان جي نقشي ۾ استه محمد ضلعو هائي لائٽ ڪيل
Coordinates: 28°10′42″N 68°2′35″E / 28.17833°N 68.04306°E / 28.17833; 68.04306
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان، پاڪستان
ڊويزننصير آباد
قيامپهرين سيپٽمبر، 2022ع
صدرمقاماوسته محمد
حڪومت
• طرزضلعي انتظاميه
• ميمبر صوبائي اسيمبليسردارزاده فيصل خان جمالي (پاڪستان مسلم ليگ)
• ڊپٽي ڪمشنرانور باديني
• ضلعي پوليس آفيسرN/A
ايراضي
• ڪل953 چورس ڪلوميٽر (368 چورس ميل)
آبادي
 (2023ع)[1]
• ڪل263,202
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پ.م.و)
صوبائي اسيمبلي جو تڪپي بي-13
ويب سائيٽOfficial site

استه محمد ضلعو (بلوچي: استا محمد ماگ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي.[2] اهو سيپٽمبر، 2022ع ۾ جعفر آباد ضلعي کي ورهائي ٺاهي ویو.

استه محمد ضلعو سنڌ صوبي جي ڀرسان ميداني علائقن ۾ واقع آهي.[3] استه محمد ضلعو ٻن تعلقن ۾ ورهايل آهي. استه محمد تعلقو ضلعي هيڊ ڪوارٽر طور ڪم ڪري ٿو.

انتظاميه

[سنواريو]

ضلعو انتظامي طور ھيٺين ٻن تعلقن ۾ ورهايل آھي:

• اوستا محمد تعلقو

• گنڊاڪا تعلقو

آبهوا

[سنواريو]

ضلعو ڪڇي ميداني طاس ۾ واقع آهي ۽ ان جي سراسري اوچائي لڳ ڀڳ 55 ميٽر آهي. هتي اونهارا تمام گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته سيارا سرد هوندا آهن. علائقي ۾ سالياني برسات تمام گهٽ، لڳ ڀڳ 90 ملي ميٽر پوي ٿي. 2007ع ۾ سامونڊي طوفان ييمين کان پوءِ آيل ٻوڏ سبب هي علائقو پڻ متاثر ٿيو هو.[4]

ميونسپل/ ٽائون ڪائونسلون

[سنواريو]

اوستا محمد ضلعي ۾ 20 يونين ڪائونسلون آهن: يونين ڪائونسلون هيٺ ڏجن ٿيون:

تعلقي جو نالو ميونسپل ڪارپوريشن يونين ڪائونسلن جو انگ
اوستا محمد MCUsta 11
گنداخه TC 09

آبادیات

[سنواريو]
سال 2017ع مطابق اوستا محمد ضلعی جی مذہب وار تقسیم[1]
مذہب سیکڑو
اسلام
 
98.30%
ھندو مذھب
 
1.51%
دیگر
 
0.19%

سال 2017ع جي مردم شماري جي وقت ضلعي ۾ 27,372 گھر ۽ 260,865 جي آبادي هئي۔ اوستا محمد ضلعي ۾ جنس جو تناسب 963 عورتون في 1000 مرد ۽ خواندگي جي شرح مردن لاءِ۔ 29.52٪ - 39.72٪ ۽ عورتن لاءِ 19.02٪ ھئی۔ 76,753 (29.42٪) شهري علائقن ۾ رهندا آھن۔ 94,009 (36.03٪) 10 سالن کان گهٽ عمر وارا آھن۔ سال 2017ع جي آدم شماري جي وقت، آبادي جو 40.18٪ بلوچي، 24.71٪ سنڌي، 19.05٪ سرائيڪي ۽ 14.35٪ براهوي پنهنجي پهرين ٻولي ڳالهائيندو هو۔

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "2017census".
  2. "Balochistan's new districts to bring prosperity: Farah". The Nation newspaper. 10 June 2022. 30 January 2024 تي حاصل ڪيل.
  3. "Tehsils & Unions in the District of Jaffarabad (new Usta Muhammad District created from old Jaffarabad District in 2022)". National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan website. اصل نسخو مان 26 March 2012 تي محفوظ ڪيل. 30 January 2024 تي حاصل ڪيل.
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ":0".