نوشڪي
ڏيک
Nushki نوشڪي Noushki | |
|---|---|
شھر ۽ ضلعي صدر مقام | |
سنگين گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊاڪ نوشڪي | |
| Coordinates: 29°33′20″N 66°1′18″E / 29.55556°N 66.02167°E | |
| ملڪ | پاڪستان |
| صوبو | بلوچستان |
| ضلعو | نوشڪي ضلعو |
نوشڪي(انگريزي: Nushki) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي نوشڪي جو صدر مقام آهي، جيڪو ڪوئيٽا جي ڏکڻ اولھ ۾ سمنڊ جي سطح کان 2900 فٽ مٿي واقع آهي. نوشڪي جو رڻپٽ اتر کان اولھ طرف ھيلمند نديءَ تائين ڦھليل آھي.[1]
تاريخ
[سنواريو]برطانوي هندستان واري دؤر ۾ برطانوي سرڪار کي انديشو ھيو تہ نيپولين يا روس افغانستان جي رستي کان متان زميني حملو ڪري، ان ڪري سرڪار ٻہ آفيسرن ڪيپٽن چارلس ڪرسٽي ۽ ليفٽيننٽ ھينري پاٽنجر کي پرشيا يا فارس ۽ بلوچستان جي علائقن جي کوجنا جي مھم تي روانو ڪيو جيڪي ان وقت برٽش انڊيا جا اتحادي ھئا. اھي ٻئي آفيسر قلات جي ساحلي ڪناري کان نڪتا ۽ نوشڪي آيا جتان 20 مارچ 1810 ۾ ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. ڪرسٽي ھرات جي اتر اولھ ۽ پاٽنجر اولھ طرف رڻپٽ منجھان روانو ٿيو ۽ پوء ٻئي وڃي اصفهان 30 جون 1810 ۾ مليا. ڪرسٽي ان مھم ۾ 2250 ميل ۽ پاٽنجر 2412 ميل سفر ڪيو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Chisholm, Hugh, مرتب (1911). . Encyclopædia Britannica (11th ڇاپو). Cambridge University Press.
- ↑ Peter Hopkirk, The Great Game (1994), pp. 38-55.
زمرا:
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- Wikipedia articles incorporating a citation from the 1911 Encyclopaedia Britannica with Wikisource reference
- پاڪستان جا صحرا