موسيٰ خيل ضلعو
| موسيٰ خيل ضلعو ضلع موسی خیل موسی خېل ولسوالۍ موسی خݔل دمگ Musakhel District | |
|---|---|
| ضلعو | |
Map of Balochistan with Musakhel District highlighted | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ڊویزن | لورالائي ڊويزن |
| ضلعي صدر مقام | موسي خيل بازار |
| حڪومت | |
| • قسم | ضلعا انتظاميه |
| • ڊپٽي ڪمشنر | N/A |
| • ضلع چيئرمين | سردار عالم خان (PTI) |
| • نائب چيئرمين | رحمت جان |
| پکيڙ | |
| • ضلعو | 5,728 ڪ.م2 (2,212 ميل2) |
| آبادي (2023ع) | |
| • ضلعو | 182,275 |
موسيٰ خيل ضلعو (اردو: ضلع موسی خیل) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي لورالائي ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي.[1] موسيٰ خيل پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي اتر اوڀر ۾ هڪ ضلعو آهي. اهو 1992 ۾ هڪ الڳ ضلعو بڻيو، ان کان اڳ اهو لورالائي ضلعي جي اندر هڪ تحصيل هو. موسيٰ خيل ضلعو هاڻي لورالائي ڊويزن جو حصو آهي، جيڪو ژوب ڊويزن کي ورهائڻ کان پوءِ ٺاهيو ويو هو.
موسیٰ خيل ضلعي جي تاريخ
[سنواريو]1878–79ع جي افغان جنگ جي پهرين مرحلي کان پوءِ، گنڊمڪ جي معاهدي تحت انگريزن بلوچستان جي اترين علائقن تي ڪنٽرول قائم ڪيو. 1879ع کان 1884ع جي وچ واري عرصي دوران، انگريز حڪومت ڪهيتران ۽ موسیٰ خيل قبيلن تي پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جيڪي هاڻوڪي مساخيل علائقي ۾ آباد هئا. 1884ع ۾ شاهه جهان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاڪڙ قبيلن پاران ڪيل حملن ۾ مساخيل قبيلي به حصو ورتو، پر ساڳئي سال ٿيل فوجي مهم جي پڄاڻيءَ تي مساخيل قبيلو برطانوي حڪومت آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. 1 نومبر 1887ع تي پورو علائقو سرڪاري طور برطانوي هندستان جو حصو قرار ڏنو ويو. 1890ع ۾ ژوب ايجنسي قائم ڪئي ويئي، جنهن سان گڏ موسیٰ خيل علائقو ان ۾ شامل ڪيو ويو. 1892ع ۾ موسیٰ خيل کي تعلقو (تحصيل) جو درجو ڏنو ويو، ۽ آڪٽوبر 1903ع ۾ ان کي لورالائي ضلعي سان منسلڪ ڪيو ويو. 1905ع ۾ موسیٰ خيل تعلقي ۾ ڪُل 61 ڳوٺ شامل هئا. 1901ع جي آدمشماري موجب، تعلقي جي ڪُل آبادي 15,537 هئي، جنهن مان 8,374 مرد ۽ 7,163 عورتون هيون. هتي رهندڙ اهم قبيلن ۾ شامل هئا: ايسوت: 1,941؛ جعفر: 1,026؛ پنري: 10,144 (جنهن ۾ موسیٰ خيل قبيلو 9,748 هو). موسیٰ خيل قبيلي جون اهم شاخون بيلخيل (7,662) ۽ لهرزئي (2,086) هيون. ان کان علاوه، سيد گهرشن قبيلي جا 271 فرد پڻ آباد هئا. هن علائقي ۾ ڳالهائي ويندڙ مکيه ٻولي پشتو هئي.موسیٰ خيل، 1 جنوري 1992ع تائين لورالائي ضلعي جو تعلقو رهيو. ان تاريخ تي لورالائي ضلعي کي ٽن الڳ ضلعن، لورالائي، موسیٰ خيل ۽ برکھان، ۾ ورهايو ويو، جنهن کان پوءِ موسیٰ خيل کي باضابطه طور ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
انتظامي تقسيم
[سنواريو]موسیٰ خيل ضلعو پنج تحصيلن ۾ ورھايل آھي.
| تحصيل | علائقو
(km²)[2] |
آبادي
(2023) |
گھاٽاڻ
(ppl/km²) (2023) |
تعليمي شرح
(2023)[3] |
يونين ڪاؤنسلون |
|---|---|---|---|---|---|
| دروگ تحصيل | 301 | 21,792 | 72.40 | 65.37% | ... |
| ڪنگري تحصيل | 3,683 | 33,618 | 9.13 | 45.37% | ... |
| موسیٰ خيل تحصيل | 658 | 49,809 | 75.70 | 34.51% | ... |
| تيار اسوٽ تحصيل | ... | ... | ... | 24.71% | ... |
| توئسر تحصيل | 539 | 56,818 | 105.41 | 26.06 | ... |
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Correspondent, The Newspaper's Staff (30 جون 2021), "New division, two districts created in Balochistan", DAWN.COM (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 30 جون 2021۔
- ↑ "TABLE 1 : AREA, POPULATION BY SEX, SEX RATIO, POPULATION DENSITY, URBAN POPULATION, HOUSEHOLD SIZE AND ANNUAL GROWTH RATE, CENSUS-2023, BALOCHISTAN"۔
- ↑ "LITERACY RATE, ENROLMENT AND OUT OF SCHOOL POPULATION BY SEX AND RURAL/URBAN, CENSUS-2023, BALOCHISTAN"۔