مواد ڏانھن هلو

جعفر آباد ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جعفرآباد ضلعو

ضلع جعفر آباد
بلوچستان جو نقشو، جنهن ۾ جعفرآباد ضلعو نمايان ڪيل آهي
بلوچستان جو نقشو، جنهن ۾ جعفرآباد ضلعو نمايان ڪيل آهي
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
ڊويزننصيرآباد
قائم ٿيو1987
صدر مقامديرا الھيار
حڪومت
• طرزضلعي انتظاميا
ڊپٽي ڪمشنراظهر شهزاد
• اسسٽنٽ ڪمشنرارسلان چوڌري
ايراضي
بلوچستان، پاڪستان جو ضلعو690 چورس ڪلوميٽر (270 چورس ميل)
آبادي
 (2023)
• ڪل594,558
• ڪثافت361.9 في چورس ڪلوميٽر
شهري
163393
ٻهراڙي
431,165
خواندگي
  خواندگي جي شرح
  • ڪل:
    (35.53%)
  • مرد:
    (44.43%)
  • عورتون:
    (26.37%)
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان معياري وقت)
تڪاين اي-255
ويب سائيٽسرڪاري ويب سائيٽ

جعفرآباد ضلعو[lower-alpha 1] پاڪستان جو هڪ ضلعو آهي، جيڪو بلوچستان صوبي جي ڏکڻ اوڀرئين حصي ۾ واقع آهي. ڊيرا الله يار، جنهن کي مقامي ماڻهو جهٽ پٽ پڻ چون ٿا، ضلعي جو صدر مقام آهي.[2] جعفرآباد ضلعو ٻن تعلقن ۾ ورهايل آهي. 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب، جعفرآباد ضلعي جي آبادي 594,558 هئي.

تاريخ

[سنواريو]

جعفرآباد ضلعو 1987ع ۾ نصيرآباد ضلعي کي ورهائي قائم ڪيو ويو. صحبت پور، اوستا محمد ۽ گنداخا جعفرآباد ضلعي جو حصو بڻيا. جعفرآباد ضلعي جو نالو مير جعفر خان جمالي جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي.[3]

2022ع ۾ اوستا محمد کي جعفرآباد ضلعي کان ڌار ڪري نئون اوستا محمد ضلعو قائم ڪيو ويو.

جاگرافي

[سنواريو]

جعفرآباد ضلعو بلوچستان جي اڀرندي حصي ۾ واقع آهي ۽ ان جون حدون بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن سان گڏ پاڙيسري صوبي سنڌ جي ضلعن سان پڻ ملن ٿيون. اولهه ۾ نصيرآباد ضلعو، اتر ۾ صحبت پور ضلعو ۽ اتر اولهه ۾ ڊيرا بگٽي ضلعو واقع آهن. اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ جعفرآباد جون صوبائي حدون سنڌ سان ملن ٿيون؛ اوڀر ۾ جيڪب آباد ضلعو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪشمور ضلعو واقع آهن.

آدمشماري

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]
Historical population
YearPop.±% p.a.
1951N/A    
1961N/A    
1972N/A    
1981N/A    
1998291,290    
2017513,972+3.03%
2023302,498−8.46%
ذريعا:[4]

2023ع جي آدمشماري موجب، جعفرآباد ضلعي جي آبادي 302,498 هئي.[lower-alpha 2] ضلعي ۾ هر 100 عورتن جي ڀيٽ ۾ 102.79 مرد آهن ۽ خواندگي جي شرح 35.53 سيڪڙو آهي؛ مردن ۾ اها شرح 44.43 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 26.37 سيڪڙو آهي.[5][6] سروي ڪيل آبادي مان 224,911 ماڻهو (37.83 سيڪڙو) 10 سالن کان گهٽ عمر جا آهن.[7] 163,393 ماڻهو (27.48 سيڪڙو) شهري علائقن ۾ رهن ٿا.[5]

مذهب

[سنواريو]
جعفرآباد ضلعي ۾ مذهب (2023)[8]
مذهب سيڪڙو
اسلام
 
98.46%
هندومت
 
1.12%
ٻيا
 
0.42%
موجوده جعفرآباد ضلعي ۾ مذهب
مذهب 2017[9] 2023[10][lower-alpha 3]
آبادي ٪ آبادي ٪
اسلام 503,905 98.03% 297,851 98.46%
هندومت 8,896 1.84% 3,381 1.12%
ٻيا 695 0.13% 1,266 0.42%
ڪل آبادي 513,972 100% 302,498 100%

اسلام ضلعي جو سڀ کان وڏو مذهب آهي، جنهن جا پيروڪار آبادي جو 97.33 سيڪڙو آهن.

ٻولي

[سنواريو]



جعفرآباد ضلعي جون ٻوليون (2023)

  بلوچي (51.9%)
  سنڌي (19.33%)
  سرائيڪي (15.45%)
  براهوي (12.07%)
  ٻيون (1.25%)

2023ع جي آدمشماري وقت، آبادي مان 51.9 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي بلوچي، 19.33 سيڪڙو جي سنڌي، 15.45 سيڪڙو جي سرائيڪي ۽ 12.07 سيڪڙو جي براهوي هئي.[11]

انتظاميا

[سنواريو]

جعفرآباد ضلعو انتظامي طور هيٺين ٻن تعلقن ۾ ورهايل آهي:[12]

تعلقو ايراضي

(ڪلوميٽر²)[13]

آبادي

(2023)

گهاٽائي

(ماڻهو/ڪلوميٽر²)

(2023)

خواندگي جي شرح

(2023)[14]

يونين ڪائونسلون
جعفرآباد تعلقو ... ... ... ... ...
جهٽ پٽ تعلقو 690 302,498 438.40 36.70% ...

تعليم

[سنواريو]

پاڪستان ضلعي تعليمي درجابندي 2017ع موجب، جعفرآباد ضلعو تعليمي اسڪور جي اشاري ۾ پاڪستان جي درجابندي ڪيل 141 ضلعن مان 113هين نمبر تي آهي. هن اشاري ۾ سکيا، صنفي برابري ۽ ضلعي ۾ شاگردن جي تعليمي تسلسل کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو.

2014–15ع ۾ ضلعي جي 10 سال يا ان کان وڌيڪ عمر واري آبادي جي خواندگي جي شرح 36 سيڪڙو هئي، جڏهن ته عورتن ۾ اها شرح رڳو 15 سيڪڙو هئي.[15]

پرائمري کان پوءِ تعليم تائين پهچ ضلعي جو هڪ وڏو مسئلو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ 89 سيڪڙو اسڪول پرائمري سطح جا آهن، جڏهن ته هاءِ اسڪول ضلعي جي سرڪاري اسڪولن جو رڳو 4 سيڪڙو آهن. اهو فرق داخلا جي انگن اکرن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو؛ پهرين کان پنجين درجي تائين 27,448 شاگرد داخل هئا، جڏهن ته نائين ۽ ڏهين درجي ۾ رڳو 736 شاگرد داخل هئا.

صنفي اڻبرابري پڻ ضلعي جو هڪ مسئلو آهي. ضلعي جي رڳو 28 سيڪڙو اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏني وڃي ٿي. ڇوڪرين لاءِ تعليم تائين پهچ هڪ وڏو مسئلو آهي، جيڪو عورتن جي گهٽ خواندگي جي شرح مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو.

ان کان سواءِ، ضلعي جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. الف اعلان پاڪستان جي ضلعي تعليمي درجابندي 2017ع موجب، پرائمري اسڪولن جي بنيادي ڍانچي جي لحاظ کان ضلعو پاڪستان جي 155 ضلعن مان 117هين نمبر تي آهي. مڊل اسڪولن جي سطح تي اهو 155 ضلعن مان 116هين نمبر تي آهي. انهن درجابندين ۾ اسڪولن ۾ موجود بنيادي سهولتن کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو، جن ۾ پيئڻ جو پاڻي، فعال بيت الخلا، بجلي جي دستيابي، چؤديواري ۽ عمارتن جي مجموعي حالت شامل آهن. ضلعي جي هر پنجن مان ٽن کان وڌيڪ اسڪولن ۾ بجلي، فعال بيت الخلا ۽ چؤديواري موجود ناهي. هر پنجن مان هڪ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي.

تعليم دو! ايپ ۾ ضلعي بابت ڄاڻايل اهم مسئلن ۾ شاگردن لاءِ ڪلاس رومن جي کوٽ ۽ يونيورسٽي جو نه هجڻ شامل آهن. نون اسڪولن جي قيام ۽ ترقي ۾ سياسي مداخلت جون شڪايتون پڻ ڄاڻايون ويون آهن.

  1. "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
  2. PCO 2000, p. 1.
  3. "Balochistan-Jaffarabad". Pakistan Almanac. 18 October 2024 تي حاصل ڪيل.
  4. "Population by administrative units 1951-1998" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  5. 1 2 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  6. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  7. "7th Population and Housing Census: Population by Mother Tongue, Sex and Rural/Urban" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  8. "Pakistan Bureau of Statistics – Data, Statistics, Decisions" (PDF).
  9. "Pakistan Census 2017 District-Wise Tables: Jafarabad". پاڪستان شماريات بيورو.
  10. "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  11. "Pakistan Bureau of Statistics – Data, Statistics, Decisions" (PDF). www.pbs.gov.pk. اصل نسخو (PDF) مان 2024-12-09 تي محفوظ ڪيل. 2025-10-09 تي حاصل ڪيل.
  12. Tehsils & Unions in the District of Jaffarabad – Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 26 March 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  13. "TABLE 1 : AREA, POPULATION BY SEX, SEX RATIO, POPULATION DENSITY, URBAN POPULATION, HOUSEHOLD SIZE AND ANNUAL GROWTH RATE, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
  14. "LITERACY RATE, ENROLMENT AND OUT OF SCHOOL POPULATION BY SEX AND RURAL/URBAN, CENSUS-2023, BALOCHISTAN" (PDF).
  15. Pakistan Bureau of Statistics (2016). Pakistan Social and Living Standards Measurement Survey 2014-15. [online] Islamabad: Government of Pakistan, p.111. Available at: http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files//pslm/publications/PSLM_2014-15_National-Provincial-District_report.pdf [Accessed 6 Aug. 2018].

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Balochi: جعفر آباد، Urdu: ضلع جعفر آباد
  2. اوستا محمد ۽ گنداخا تعلقن کي هن ضلعي کان ڌار ڪري اوستا محمد ضلعو قائم ڪيو ويو، تنهنڪري انهن تعلقن جا انگ اکر هن ڊيٽا مان خارج ڪيا ويا آهن.
  3. اوستا محمد ۽ گنداخا تعلقن کي جعفرآباد ضلعي کان ڌار ڪري اوستا محمد ضلعو قائم ڪيو ويو، تنهنڪري انهن تعلقن جا انگ اکر ڊيٽا مان خارج ڪيا ويا آهن.

ذريعا

[سنواريو]
  • 1998 District Census report of Jaffarabad. Census publication. جلد 80. Islamabad: Population Census Organization, Statistics Division, Government of Pakistan. 2000.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:جعفرآباد ضلعو سانچو:بلوچستان (پاڪستان) جا ضلعا

28°25′N 68°10′E / 28.417°N 68.167°E / 28.417; 68.167