بلوچستان، پاڪستان
بلوچستان بلوچستان | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
صوبو | |||||||
| |||||||
پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E | |||||||
ملڪ | پاڪستان | ||||||
قيام | 14 آگسٽ 1947 | ||||||
صوبائي گادي جو هنڌ | ڪوئيٽا | ||||||
وڏي ۾ وڏو شھر | ڪوئيٽا | ||||||
ذيلي ورھاستون | List
| ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | صوبائي حڪومت | ||||||
• مجلس | بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي | ||||||
• گورنر | امان الله خان ياسين زئي(2018) [1] | ||||||
• وزير اعلیٰ | ڄام ڪمال خان(2018) | ||||||
• چيف سيڪريٽري | اختر نذير (2018) | ||||||
• انسپيڪٽر جنرل پوليس | محسن حسن بٽ | ||||||
• بلوچستان اسيمبلي | ھڪ ايواني (65 سيٽون) | ||||||
پکيڙ | |||||||
• ڪل | 347,190 ڪ.م2 (134,050 ميل2) | ||||||
آبادي (2017)[2][3] | |||||||
• ڪل | 12,344,408 |
بلوچستان (انگريزي: Balochistan) /bəˌloʊtʃɪˈstɑːn/ ) ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي. هن جو گادي جو هنڌ ڪوئيٽا شھر آھي. بلوچستان ۾ هڪ ننڍي پيماني تي گوادر بندر گاه آهي. بلوچستان ۾ معدني وسيلا تمام گھڻا آهن. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آھي. انتظامي طور بلوچستان ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل آهي.
صوبائي جھنڊو | ||
---|---|---|
صوبائي مھر | ||
صوبائي جانور | ||
صوبائي پکي | ||
صوبائي وڻ | ||
صوبائي گل |
تاريخ
[سنواريو]ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون[5]. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو[5]. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو[5]. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا[5]. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو[5]. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي[5]. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو[5].
بلوچستان جي انتظامي ورھاست
[سنواريو]ڊويزنل ورھاست
[سنواريو]بلوچستان صوبو 6 انتظامي ڊويزنن ۾ تقسيم ٿيل آھي جيڪي ھرھڪ: ڪوئٽا، قلات، ژوب، نصيرآباد، مڪران ۽ سبي آھن.
بلوچستان جون ڊويزنون ۽ ضلعا
انتظامي ڊويزن | ضلعا |
---|---|
قلات ڊويزن | قلات, آواران، خاران، خضدار(ڊويزنل صدر مقام)، لسٻيلا، مستونگ، شھيد سڪندرآباد ۽ واشڪ |
مڪران ڊويزن | گوادر, ڪيچ(ڊويزنل صدر مقام) ۽ پنجگور |
نصيرآباد ڊويزن | جعفرآباد،نصيرآباد, ڪڇي، صحبتپور ۽ جھل مگسي |
ڪوئيٽا ڊويزن | ڪوئيٽا(ڊويزنل صدر مقام), چاغي، قلعہ عبدالله، پشين ۽ نوشڪي |
سبي ڊويزن | سبي(ڊويزنل صدر مقام)، ڪوھلو، زيارت، ڊيرا بگٽي، ھرنائي ۽ لھري |
ژوب ڊويزن | ژوب(ڊويزنل صدر مقام)، موسیٰ خیل،بارخان، قلعہ سيف الله،لورالائي،شيراني ۽ دوڪي |
بلوچستان جا ضلعا
[سنواريو]ضلعا | تحصيلون |
---|---|
قلات ضلعو | قلات تعلقو، منگچر تعلقو جوھان تعلقو ۽ گاگز تعلقو |
آواران ضلعو | ماشڪئي تعلقو، آواران تعلقو ۽ جھل جھائو تعلقو |
خاران ضلعو | خاران تعلقو، ناگ، وسوق ۽ بسیمہ تعلقو |
خضدار ضلعو | خضدار تعلقو، وڍ تعلقو، مولا تعلقو، نال تعلقو ۽ زھري تعلقو |
لسٻيلو ضلعو | لسٻيلو تعلقو، اٿل تعلقو، ڪنراج تعلقو، لاکڙا تعلقو ۽ لیاري تحصیل |
حب ضلعو | حب تعلقو،سونمياڻي تعلقو، گڊاني تعلقو، ساڪران تعلقو ۽ دریجي تعلقو |
مستونگ ضلعو | مستونگ تعلقو، دشت تعلقو، کڏڪوچھہ تعلقو ۽ ڪردگاپ تعلقو |
شھيد سڪندر آباد ضلعو | سوراب تحصيل |
واشڪ ضلعو | واشوڪ ۽ ماشکيل تعلقو |
گوادر ضلعو | گوادر تعلقو، اورماڙا تعلقو، پسني تعلقو، جیواني تعلقو ۽ سنتسار تحصيل |
ڪيچ ضلعو | تربت تعلقو، بلیدہ تعلقو، زامران تعلقو، تمپ تعلقو، مند تعلقو ۽ دشت تعلقو |
پنجگور ضلعو | پنجگور تعلقو، گوارگو، گچڪ ۽ پاروم تعلقو |
نصير آباد ضلعو | ڊيرا مراد جمالي تعلقو،نصيرآباد تعلقو، تمبو تعلقو، ڇتر تعلقو ۽ بابا ڪوٽ تعلقو |
جعفر آباد ضلعو | جھٽ پٽ (ڊيرا اللہ یار) تعلقو ۽ جعفر آباد تعلقو |
صحبت پور ضلعو | صحبتپور تعلقو، مانجھي پور، ھائردين ۽ فريد آباد تعلقو |
ڪڇي ضلعو | ڪڇي تعلقو، ڀاگ تعلقو، ڍاڍر تعلقو، مڇ تعلقو، سني تعلقو ۽ ختن تعلقو |
جھل مگسي ضلعو | جھل مگسي تعلقو۽ گنداواھہ تعلقو |
ڪوئيٽا ضلعو | ڪوئيٽا شھر تعلقو، پنجپائي ۽ چلتن تعلقو |
چاغي ضلعو | دالبندين تعلقو، چاغي تعلقو، دڪ تعلقو، نوڪنڊي تعلقو ۽ تفتان تعلقو |
قلعو عبدالله ضلعو | قلعہ عبدالله، گلستان ۽ دوبندي تعلقو |
چمن ضلعو | چمن شھر تعلقو ۽ چمن صدر تعلقو |
نوشڪي ضلعو | نوشڪي تعلقو |
پشين ضلعو | پشین تعلقو، حرمزئي، شایستہ برشور، بوستان، ڪاریزات ۽ سرانان تعلقو |
سبي ضلعو | سبي تعلقو، شاھرگ، لھڙي ۽ ڀاگ تعلقو |
خضدار ضلعو | خضدار تعلقو |
ڪوھلو ضلعو | ڪوھلو، ميوند ۽ ڪاھان تعلقو |
ھرنائي ضلعو | ھرنائي تعلقو |
ڊيرا بگٽي ضلعو | ڊيرا بگٽي، سئي، ڦلاواغ ۽ پيرڪوھ تعلقو |
اوستا محمد ضلعو | اوستا محمد ۽ گنداواھہ تعلقو |
زيارت ضلعو | زيارت تعلقو ۽ سنجاوي تعلقو |
زوب ضلعو | زوب تعلقو، قمر دين ڪاريز، سمبازا، ڪاڪڙ خراسان ۽ اشيوات تعلقو |
موسيٰ خيل ضلعو | موسي خيل تعلقو |
برکان ضلعو | بارکان تعلقو |
قلعو سيف الله ضلعو | قلعو سيف الله تعلقو ۽ مسلم باغ تعلقو |
دڪي ضلعو | دڪي تعلقو |
شيراني ضلعو | شيراني تعلقو |
لورالائي ضلعو | لورالائي تعلقو |
حوالا
[سنواريو]- ↑ Retired justice Amanullah Khan Yasinzai appointed Balochistan governor, The Express Tribune, 3 October 2018.
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 29 August 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ "Pak population increased by 46.9% between 1998 and 2011". The Times of India. وقت 29 January 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 January 2016.
- ↑ "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 [ https://nation.com.pk/05-Dec-2015/how-balochistan-became-a-part-of-pakistan-a-historical-perspective]