گاج ندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
گاج ندي جو سانوڻيءَ ۾ وهڪرو
گاج نئي تي آبپاشي جو مَڏُ نظام

گاج ندي انگريزي (Gaj River) دادو ضلعي تعلقي جوهيءَ جي وڏي برساتي ندي آهي. گاج لفظ جي لغوي معنى گوڙ، گرج، شور يا گجگوڙ آهي. انهي پسمنظر ۾ ئي ندي تي گاج نالو پيو.[1] [2]ڇاڪاڻ ته هي باراني ندي ساوڻي جي شديد بارشن ۾ جڏهن ميداني علائقي ۾ لهندي آهي تڏهن وڏي آواز، گوڙ ۽ هاسي سان لهندي آهي. ان جو شور ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. گاج نئي اولهندي جابلو علائقن مان وهندي اچيجوهي تعلقي جي ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. [2]

وهڪرو[سنواريو]

Gaj River.jpg

بلوچستان جي خضدار ضلعي جي سمان تنگ، زِيدي ۽ ڪرخ جي جابلُو ايريا مان وهندڙ نَئيُون وهندين اچي ڪولاچي نئي ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، جڏهن ڪولاچي نئين اچي گاج ۾ پوي ٿي ته گاج کيرٿر پار ڪري درياهه جي رُوپ ۾ ٿخ لڪ وٽان ڪاڇي ڏانهن رُخ ڪري ٿي. نئي سمان تنگ، خضدار شهر جي اوڀر ۾ لڳ وهي هلندڙ نئي ڪوشڪ يا خضدار جي اُتر ۾ محمد خان زهري ڳوٺ وٽان گذرندڙ نئي باغبان، زيدي مان وهندڙ نئيُن ۽ ڪرخ جي علائقي مان وهندڙ نئي ڪرخ جو رخ به گاج ڏانهن آهي. اُهي نئيُون تمام وڏيون نئيُون آهن. 1995ع ۾ بلوچستان ۾ پوندڙ برساتُن ۾ انهن نئيُن جي پاڻي وهندي نه صرف بلوچستان جي خضدار ضلعي کي مفلوج ۽ متاثر بڻايو هو پر انهن جو ڇوڙ جڏهن گاج نئي وسيلي جوهي واري علائقي ۾ ٿيو هو ته سڄو علائقو خطرناڪ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. حالانڪه جوهي ۾ ڪي خاطر خواهه بارشُون به نه پيون هيون. اهو چوڻ درست نه آهي ته گاج ۾ ايران کان وهي هلندڙ نئيُن جو پاڻي پوي ٿو. ايران مان ايندڙ باراني پاڻي جو مختلف نئيُن وسيلي خاران، پنجگور، چاغي، ڪيچ مڪران ۽ گوادر ڏانهن وهڻ، جڏهن ته خضدار جي اولهندي نئي نال ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي وڍ کان وهندڙ نئي ٽُڪ جو ڇوڙ نئي پورالي ۾ ٿيڻ ۽ پورالي جو لسٻيلي ڏانهن وهي هلڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اُن پاڻي جو اوڀر طرف سوين ميل جابلُو علائقا لتاڙي خضدار ۽ پوءِ گاج ڏانهن وهي اچڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.[2]

تاريخي پسمنظر[سنواريو]

گاج قديم زماني کان وهندڙ آهي. راورٽي ۽ ٻين مُحققن موجب قديم زماني ۾ سنڌُو جي هڪ وڏي ڇاڙ بکر کان نڪري موجودهڪنڌڪوٽڪشمور کان وهندي، هاڻوڪن قنبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن وارا علائقا لتاڙي مَنڇَر وٽان جابلُو علائقي جي جبلن سان ٽڪرائجي، ڪُن يا موڙ کائي، ڏکڻ طرف وهندي سيوهڻ جي به ڏکڻ ۾ لال باغ وٽان وهي وڃي سنڌُو سان ملندي هُئي. ڪاڇو به اُن ڇاڙ جوڙيو ته ڄاڻايل مٿين ضلعن ۾ ملندڙ ٻين سمورين ڍنڍن جيان مَنڇر به اُن درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجُود ۾ آئي. ٻين جابلُو نئيُن وانگر گاج به يقينن اَوَل اُن درياهي ڇاڙ ۾ ڇوڙ ڪندي هُئي. اُن درياهي ڇاڙ جي ڪناري ڪيترن ئي پتڻن ۽ قديم بستين جا آثار پڻ موجود آهن. طبعي ۽ جاگرافيائي ڦيرڦار سبب جڏهن اها ڇاڙ سُڪي وئي ته گاج جو ڇوڙ هاڻوڪِي سُڪ نئي جي وهڪري سان پاٽ شريف ۽ کاٽ وٽان سئون سڌو سنڌو درياهه ۾ ٿيڻ لڳو. جڏهن انگريز دؤر ۾ اولهندو نارو نڪتو ته گاج جو ڇوڙ ناري ۾ ٿيڻ لڳو. انهن دؤرن ۾ گاج جي اضافي پاڻي جو وهڪرو شول (سول) نئين وسيلي منڇر ڏانهن به رهيو. 1932ع ۾ بئراج جُڙڻ کان پوءِ گاج ندي جو تِير بِتِ وسيلي مستقل رُخ منڇر ڏانهن موڙيو ويو.[2]

گاج آبپاشي ڊويزن[سنواريو]

گاج خطرناڪ ٻوڏن جو سبب به بڻجندي رهي آهي پر قديم زماني کان زراعت جي به ضامن رهي آهي. منهنجي تحقيق ۽ ڄاڻ موجب سنڌ ۾ واحد باراني ندي آهي جنهن جو قديم زماني کان يُونِيڪ اِريگيشن سسٽم رهيو آهي. اهونظام نه صرف برساتي پاڻي وسيلي هلندو آيو آهي پر گاج ٻارهووهندڙ نئي آهي. گاج وسيلي قدرتي چشمن جو وهي ايندڙ پاڻي تي به پراڻي وقت کان پوکي راهي ٿيندي رهي آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ته واهن جو نظام تشڪيل ڏنو ويو جنهن کي انگرازن سنواريو ۽ سُڌاريو ۽ گاج اريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جُڙڻ کان پوءِ به روان رهيو.[3]

مڏ آبپاشي نظام[سنواريو]

گاج وسيلي چشمن جي انهي پاڻي تي ميداني علائقي ۾ واهن وسيلي آبادي ٿيندي رهي آهي، گاج تي مڏ سسٽم اڄ به رائج آهي. مقامي ماڻهو جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مَڏُ سسٽم وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري اُتي ننڍيُون وڏيُون ماٿريُون پڻ آڳاٽي دؤر کان آباد ڪندا آيا آهن جيڪو اڃا تائين فعال نه ٿي سگهيو آهي.[4][2][5]

گاج ڊيم[سنواريو]

گاج ندي تي حُڪومت پاڪستان نئي گاج ڊيم تعمير ڪرايو آهي.[6][2]

حوالا[سنواريو]