انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
سنڌالاجي، ڄامشورو | |
| اداري جو باني | رضي الدين صديقي |
|---|---|
| مقصد | سنڌ جي تاريخ، معاشري، ثقافت، ۽ ادب تي تحقيق |
| فوڪس | تحقيق |
| اھم شخصيتون | نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين راشدي، غلام علي الانا، غلام مصطفي شاھه، محمد حنيف صديقي، محمد قاسم ماڪا |
| مالڪ | سنڌ يونيورسٽي |
| مقام | سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سنڌ، |
| جاگرافيائي بيهڪ | University 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E |
| ويب سائيٽ | www.sindhology.com.pk |
انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي (Institute of Sindhology) جي نالي سان دنيا جي مشهور علمي ادبي ادارن ۾ شمار ٿيندڙ هيءُ ادارو سال 1963ع ۾ ”سنڌي اڪيڊميءَ“ جي نالي سان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسلر ۽ پاڪستان جي سائنسدان ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، سنڌ يونيورسٽي، اولڊ ڪئمپس، حيدرآباد ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ قائم ڪيو.[1]
مشهور تعليمي ماهرن ۽ اديبن محمد حنيف صديقي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ تڏهوڪي رجسٽرار محمد حسين ترڪ ۽ سنڌي ٻولي جي شعبي جو صدر پروفيسر علي نواز جتوئي، هن اداري جي قائم ڪرڻ ۾، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ جي هر ممڪن مدد ڪئي.
محمد حنيف صديقي صاحب کي اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ اڪيڊميءَ جي انتظام لاءِ انهن ئي ميمبرن تي مشتمل هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ٺاهي وئي. جولاءِ 1964ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي اڪيڊميءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اختيار سنڀاليا ۽ جلد ئي سنڌي عوام جي تعاون سان سنڌ جو هيءُ ادارو، ادبي، تعليمي ۽ ثقافتي حوالي سان، ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌولوجي“ جي نالي سان عالمي سطح تي متعارف ٿيو. 45 سالن جي مختصر عرصي ۾ هي ادارو سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي.[2]
مقصد
[سنواريو]انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي قيام جو مقصد اهو هو ته هن اداري ۾ هڪ اهڙي تحقيقي لائبرري قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ متعلق هر قسم جي معلومات ميسر هجي، ته جيئن ڪوبه محقق سنڌ متعلق ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪرڻ گهري ته کيس سمورو مواد مهيا ڪري ڏنو وڃي.
تاريخ
[سنواريو]اداري جي تاريخ سال 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران سنڌي اڪيڊمي جي قيام تائين وڃي ٿي.[3] اهو ون يونٽ اسڪيم جي دور ۾ هو جنهن ۾ سرڪاري گفتگو ۾ اردو طرفان سنڌي ٻولي کي بي دخل ڪيو ويو. نتيجي ۾ سنڌي قوم پرستي، هڪ متحد سنڌي سڃاڻپ کي فروغ ڏيڻ جي خواهش، جي بحالي ٿي، جيڪي شاگردن ۽ تعليمي آبادي ۾ پکڙجي وئي، جنهن جي تعداد ۾ نمايان اضافو ٿي ويو ۽ ان ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترائي تاريخي واقعا ٿيا. هڪ سماجي-سياسي تحريڪ جي حصي طور، اها سنڌي ٻولي، ادب، فلم ۽ فن ۾ سنڌي ثقافت جي تحقيق، تحفظ، فروغ ۽ تخليق ڪرڻ جي خواهش هئي. ان جو گهڻو حصو، محققن پاران پروپيگنڊا، ته هڪ سڃاڻپ لائق ۽ مسلسل سنڌي ثقافت موهن جي دڙي کان 5000 سالن کان وڌيڪ پکڙيل هئي، اصل جي افساني جي بنياد تي هو. افساني ۾ شامل هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي پيشوا هئي. سنڌي محقق باقاعده طور تي سنڌو ماٿري جي تهذيب تي پنهنجي ڪم جي شروعاتي نقطي جي بنياد رکيا.[4]
1964ع ۾، سنڌي اڪيڊمي جو نالو، تحقيق جي موضوع کي چمڪ ڏيڻ لاءِ، تبديل ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي رکيو ويو. جنهن ان کي مصريات (Egyptology) يا گهٽ ۾ گهٽ هنديات (Indology) جهڙي علمي حيثيت ڏني.[5]
1969ع ۾ ڪن تخريبڪارن پاران اداري جي لائبريريءَ کي باهه ڏيڻ جو خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ اداري جي لائبرري سڙي رک ٿي وئي، جن تي انسٽيٽيوٽ کي حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي ڪيمپس ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو فراهم ڪيو ويو. 10 ڊسمبر 1972ع تي سنڌ جو تڏهوڪي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو نئين عمارت جو بنياد پٿر ڄامشورو ۾، سنڌو دريا سان ملحق، سپر هاءِ وي کان ٿورو پري رکيو. محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اڻٿڪ ڪوشش، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مدد، هن ننڍڙي اداري کي ترقي ڏياري، دنيا جي وڏن ادارن جي فهرست ۾ ڳڻايو.[6]
ٽي منزله عمارت، حيدرآباد کان 12 ڪلوميٽر (7.5 ميل) پري واقع آهي. عمارت جو افتتاح سال 1978 ۾ ڪيو ويو. تعمير اسلامي ۽ ٻڌ فن تعمير جو هڪ ميلاپ آهي. اندروني طور تي، عمارت مقامي هالا ٽائل ورڪ سان سينگاريل آهي، ٻن بازو ۾ ريسرچ لائبريري ۽ انتظامي بلاڪ کي شامل ڪيو ويو آهي. مرڪزي گنبد ۾ اينٿروپولوجيڪل ريسرچ سينٽر (ميوزيم)، آرٽ گيلري، فلم ۽ فوٽوگرافي سيڪشن ۽ آڊيو-ويزوئل سيڪشن آهي.
سال 1987ع ۾، اداري جي سلور جوبلي جي جشن تي ڪتابن جي دڪان جي سهولتن کي رکڻ لاءِ، هڪ ايڪسٽينشن ٺاهيو ويو. سال 2015ع ۾، انسٽيٽيوٽ ۾ سنڌالاجي تي ٻارن جي فلمن جو هڪ بين الاقوامي ميلو منعقد ڪيو ويو.[7]
سال 2002ع ۾، انسٽيٽيوٽ جي مقصدن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جئين ته ان جو مکيه ڌيان اشاعت طرفان ڪيو ويو. سال 2015ع ۾ هڪ نيوز رپورٽ مطابق، اداري جي گورننس، مقصد ۽ ڪاررواين بابت ڪيترائي اهم مسئلا پيش ڪيا ويا.[8]
ڪاوشون
[سنواريو]1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اداري ۾ آيو ۽ تڏهوڪي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر الانا کي آٿت ڏيندي فرمايائين ته ”گهٻرايو نه! آءٌ اقتدار ۾ اچي اوهان کي هن اداري لاءِ اهڙي عمارت ٺهرائي ڏيندس، جنهن کي ڏسي دنيا وارا فخر ڪندا“. ڀُٽي صاحب اقتدار ۾ ايندي ئي سنڌيات تي توجهه ڏنو ۽ هن اداري لاءِ نئين عمارت جي اڏاوت جو ڪم نيو ڪئمپس ڄامشوري ۾ شروع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اڻٿڪ ڪوشش، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مدد، هن ننڍڙي اداري کي ترقي ڏياري، دنيا جي وڏن ادارن جي فهرست ۾ ڳڻايو.[2]
1969-70ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سنڌالاجيءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. حقيقت آهي ته هن اداري جي موجوده مقام ۽ ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا نالا هميشه ياد رهندا.[2]
غلام مصطفيٰ شاهه انهن ڳالهين کي اڳتي وڌايو، جن جو بنياد ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ رکيو هو. شاهه صاحب جي زماني ۾، سندس ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ”المصطفيٰ“ نالي ٽائيپ رائيٽر مشين سوئٽزرلئنڊ جي "هرمس" ڪمپنيءَ کان ٺهرائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو. ان ٽائيپ رائٽر جي تياري، ان جي ڪي بورڊ جي ترتيب ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڏو هٿ هو.[2]
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي خواهش تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عنايت الله عباسيءَ کان سنڌي شارٽ هئنڊ جو پهريون ڀاڱو تيار ڪرايو ويو ۽ شارٽ هئنڊ جا ڪلاس شروع ڪرايا ويا.[2]
شعبا
[سنواريو]سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جي دور ۾ موجوده عمارت ٺهڻ شروع ٿي، جيڪا 1977ع ۾ مڪمل ٿي. انهيءَ عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کان پوءِ هيٺين شعبن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.[2]
- تحقيقي لائبرري: هن اداري جي شروعات ريسرچ لائبرريءَ جي قيام سان ٿي. آگسٽ 1963ع کان لائبرريءَ جو ڪم شروع ٿيو. هڪ سال اندر 2050 ڪتاب گڏ ڪيا ويا، جن مان 780 ڪتاب سنڌيءَ ۾، 97 فارسي، 23 عربي ۽ باقي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ هئا. سال 1971ع ۾ باهه جو حادثو سالن جي ميڙي چونڊي تباهه ڪري ڇڏي، پر هن وقت هيءَ لائبرري پاڪستان جي مثالي لائبررين ۾ شمار ٿئي ٿي، جن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪتابون، 25,000 کان وڌيڪ رسالا ۽ 1854ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ مان نڪرندر اخبارن جون سوين جلدون موجود آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور شخصيتن پاران ڏنل ڪتابن جا، سندن نالن سان ڪارنر قائم ڪيا ويا، ان کانسواءِ هن حصي ۾ نادر ڪتابن ۽ ٻئي تاريخي اهميت واري مواد کي مائڪرو فلمن جي ذريعي پڻ محفوظ ڪيو ويو آهي. لائبرريءَ ۾ ٻن هزارن کان مٿي قلمي نسخا رکيل آهن.[2]
ائنٿراپالاجيڪل ميوزيم
[سنواريو]هن ميوزم جا هيٺيان ڌار ڌار حصا آهن.[2]:


- آرٽس گئلري: هن گئلري ۾ سنڌ جي دستڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ ڀرت جي ڪم جا مختلف نمونا، جن ۾ گج، رليون، کٿيون وغيره ۽ ٻيو سامان رکيو ويو آهي.
- اٿنالاجيڪل گئلري: هيءَ گئلري سنڌ جي ڌار ڌار خطن، قبيلن ۽ جاتين جي، ڊايوراماز ذريعي جهلڪ پيش ڪري ٿي. هن ۾ سنڌ جي مختلف جاتين جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي ڊايوراماز ذريعي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان ڪجهه جاتيون، هندو، لوهاڻا، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، مهاڻا، اوڍ، شيدي، ريٻاري ۽ بلوچ وغيره شامل آهن. هن عجائب گهر ۾ سنڌ جي ڌار ڌار هنرن کي سليقي سان سينگاري رکيو ويو آهي ته جيئن محققن کي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
- مشاهير گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن، شاعرن، دانشورن، قانون دانن، قومي رهنمائن، روحاني رهبرن، فنڪارن، موسيقارن ۽ سماجي ڪارڪنن جون تصويرون ۽ ڪن جا سنگ مرمر جا بُت، سندن مختصر سوانحي خاڪن سان گڏ رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ عالمن ۽ اديبن جون ڪارنر به قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ جي. ايم سيد ڪارنر، ايم. ايڇ. پنهور ڪارنر، پير حسام الدين ڪارنر، غلام مصطفى شاهه ڪارنر ۽ ٻيون ڪارنرون موجود آهن. هن حصي ۾ 1926ع ۾ ٺهيل سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ٽائيپ رائيٽنگ مشين پڻ نموني طور رکيل آهي. ان کان سواءِ هن حصي ۾ جدا جدا ڪارنر ٺهيل آهن، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪارنر کان وٺي پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن جي خالق احمد جي. چاڳلا مرحوم جو اهو هارمونيم، جنهن تي هن قومي تراني جي ڌن ٺاهي هئي ۽ قومي تراني جي ڌن جا نوٽيشن، پڻ رکيل آهن.
- آرڪيالاجيڪل گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف قديم آثارن؛ موهن جو دڙو، اروڙ، منصوره، نصرپور، ڪاهو جي دڙي، ڀنڀور، آمريءَ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ کان سواءِ ٻين قديم جاين مان هٿ آيل ٺڪريون ۽ ٻيو سامان رکيل آهي.
- جنرل گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي شهرن جهڙوڪ؛ خيرپور، ٽنڊو محمد خان، سعيد آباد، هالا، مٽياري، لقمان، ڪشمور، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو سامان، گهگهيون، دٻڪ، دٻڪيون، پنڊيون ۽ ٻيو سامان رکيل آهي. هن ميوزيم ۾ بيشمار سڪا، رليون، ڇر جو سامان ۽ هٿ جو ٺهيل سامان رکيل آهي، جيڪو ڏسي ماڻهن کي حيرت ٿئي ٿو.
- فوٽوگرافي جي گئلري: هن حصي ۾ سنڌ جي مختلف حصن سان لاڳاپيل مقامن، ماڳن، مزارن، وڻن جا ٽڻ، پکين، جانورن، ماڻهن، ڍنڍن، ڍورن، جبلن، شهرن ۽ مختلف جاتين ۽ انهن جي ڌنڌن جون دلچسپ تصويرون رکيل آهن.
- سنڌ آرٽ گئلري: هن گئلريءَ ۾ سنڌ جي فنڪارن جون ٺهيل تصويرون رکيل آهن، جنهن ۾ سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ متعلق مصوري ڪيل آهي. انهن تصويرون جي ڏسڻ سان ڏسندڙ کي سنڌي معاشري ۽ سنڌي جيوت جي ڀلي ڀت خبر پئجي سگهي ٿي.
- بينظير ڀٽو گئلري: هن گئلري جو قيام سال 2008ع ۾ پيو، جن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جون ڪيتريون ئي تصويرون، سندس هٿ سان لکيل پيغام/ خط ۽ ڪجهه ٻيون شيون پڻ سجائي رکيون ويون آهن.
آڊيو وڊيو سيڪشن
[سنواريو]دراصل هيءُ سائونڊ آرڪائيوز جو سيڪشن آهي، جنهن جا ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي کي ايٿنولاجيڪل ميوزيڪل انسٽرومينٽس گئلري سڏيو وڃي ٿو. هن سيڪشن ۾ سنڌي راڳ جا مڙئي ساز، جنهن ۾ چڙا، چڙيون، چنگ، بوڙينڊا، نفليون، ڍولڪون، دهل، شرنايون، ٽليون، بانسريون، کڙتال، گهڙا ۽ سارنگيون وغيره رکيون ويون آهن. سنڌي راڳ سان چاهه رکندڙ ماڻهن کي هيءَ گئلري دلچسپ محسوس ٿيندي. ٻئين حصن ۾ رڪارڊنگ اسٽوڊيو سان گڏ سنڌ ۾ ٿيندڙ راڳ ۽ گذريل فنڪارن جي آواز ۾ آڊيو وڊيو ڪئسٽون، گراموفون ريڪارڊ ۽ وڊيو فلمون وغيره، گڏ ڪري رکيا ويا آهن.[2]
بيورو آف پراڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ٽرانسليشن
[سنواريو]هن سيڪشن جو ڪم اشاعت آهي. هن وقت تائين هن اداري پاران 200 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپايا ويا آهن. ’غزلن جو غنچو‘ پهريون ڪتاب هو، جيڪو هن اداري پاران 1965ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کانپوءِ "سائنس مخزن"، "علمي آئينو" ۽ هاڻي سنڌي ۽ انگريزي ۾ "سنڌالاجيڪل اسٽڊيز" رسالا ڪڍيا وڃن ٿا.[2]
نوٽ
[سنواريو]هيءُ ادارو دراصل سنڌي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ سنڌي جيوت جي هڪ زندهه تصوير پيش ڪري ٿو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ وقت بوقت مقرر ٿيل ڊائريڪٽرن مان ڪي اهم آهن، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مهتاب اڪبر راشدي، شوڪت حسين شورو ۽ موجوده ڊائريڪٽر عبدالحميد آخوند جنهن 17 جولاءِ 2009ع تي چارج ورتي.[2]
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- Institute of Sindhology آرڪائيو ڪيا ويا 2008-06-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- University of Sindh
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ "Museum – University of Sindh Jamshoro" (ٻولي ۾ en-US), اصل کان 04 جنوري 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 ڊسمبر 2018۔
- ↑ Levesque, Julien (2021). "Beyond Success or Failure: Sindhi Nationalism and the Social Construction of the "Idea of Sindh"". Journal of Sindhi Studies 1 (1): 1–33. doi:. https://brill.com/view/journals/joss/1/1/article-p1_1.xml?language=en.
- ↑ Levesque, Julien (2021). "Beyond Success or Failure: Sindhi Nationalism and the Social Construction of the "Idea of Sindh"". Journal of Sindhi Studies 1 (1): 1–33. doi:. https://brill.com/view/journals/joss/1/1/article-p1_1.xml?language=en.
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ "International children's films festival opens in Jamshoro". dawn. http://www.dawn.com/news/1162561.
- ↑ "International children's films festival opens in Jamshoro". dawn. http://www.dawn.com/news/1162561.