مواد ڏانھن هلو

نئين گاج ڊيم

(نئي گاج ڊيم کان چوريل)
نئين گاج ڊيم
نئين گاج ڊيم تي اڏاوتي ڪم هلندڙ
سرڪاري نالونئين گاج ڊيم
جڳههخيرپور ناٿن شاهه، جوهي, سنڌ
مڪانيت26°51′56″N 67°17′18″E / 26.86556°N 67.28833°E / 26.86556; 67.28833
موجوده حالتاڏاوت ھيٺ
تعميراتي شروعات2012
جُڙي راس ٿيومتوقع جون 2019ع
بند ۽ سلپ وي
بند جي جاءِگاج نئين
بجلي گھر
تنصيبي استعداد  يا گنجائش4.2 ميگا واٽ

نئين گاج ڊيم انگريزي (Nai Gaj Dam) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاه تعلقي ۽ جوهي تعلقي جي سرحدن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ گاج نديءَ جي ڪناري جوڙيو ويو آهي جيڪو دادو شهر کان اٽڪل 65 کان70 ڪلو ميٽرن (45/40 ميل) جي مفاصلي تي اتر-اولھ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. ڊيم جي اڏاوت 2012ع ۾ شروع ٿي ۽ جڏهن مڪمل ٿيندو ته ان جي توانائي يا پاور اسٽيشن ۾ 4.2 ميگا واٽ جي سگھ جي گنجائش هوندي. ڊيم منجهان 50 ڪيوسڪ جي مقدار جو پاڻي پائيپ لائين وسيلي منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي کي پاڻي ڏيڻ جي پڻ رٿا آهي. نئي گاج ڊيم منجهان دادو ضلعي جي 300000 ايڪڙ زمين سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ جي رٿا به آهي ۽ ڊيم منجهان 28000 ايڪڙ ايراضي جوهي تعلقي جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي.[1][2][3][4][5]

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي (PDF), اصل نسخو (PDF) مان 2013-03-03 تي محفوظ ڪيل, 2018-06-03 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. "Work on Nai Gaj Dam resumes - Daily Times". Daily Times (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-05-12. 2018-06-03 تي حاصل ڪيل.
  3. "Dearth of funds slows down work on Nai Gaj dam - The Express Tribune". The Express Tribune (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-08-16. 2018-06-03 تي حاصل ڪيل.
  4. Newspaper, From the (2017-06-29). "Nai Gaj Dam". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-06-03 تي حاصل ڪيل.
  5. Khan, Mohammad Hussain (2016-07-11). "Nai Gaj dam project: delay and cost overruns". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-06-03 تي حاصل ڪيل.