سالاري نئن
ڏيک
(سالاري نئي کان چوريل)
سالاري نئن انگريزي (Salari Nain) کيرٿر جبل جنهن کي مقامي ماڻهو ڪارو جبل پڻ چوندا آھن، مان نڪرندڙ وڏيُن نَئيُن مان ھڪ آھي.[1] جيڪا کيرٿر جبل منجهان دادو ضلعي خيرپور ناٿن شاه تعلقي، يوسي ٻُرڙا جي قديم ڳوٺ سالاري جي اولهہ طرف کان نڪري ٿي.
سالاري نئين ڳوٺ سالاري ۽ ان ۾ شامل پنجن ديهن سالاري-1، سالاري-2، سالاري-3، سالاري-4، سالاري-5، ۽ ديهہ مالم-1 ۽ ديهہ مالم-2 ۽ ديهہ بُگَ سميت ڳوٺن ھر ھڪ ڳوٺ حملاڻي، ڳوٺ روحل گاڏهي ۽ ڪاڇي جي ڳوٺن قصبن ۽ ديهہ بُگ جي باراني زمين کي آباد ڪندي اچي ڳوٺ ٻُرڙا کان ايف پي بند ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سالاري نئين جي منهن ۾ عام ڏينهن ۾ بہ پاڻي جي موجودگي ممڪن آهي، باقي سندس اھو وھڪرو جو ڪاڇي جي صحرا کي سيرآب ڪري اچي ايف پي بند ۾ موجزن ٿئي اھو البتہ برسات جو احتياج رکي ٿو.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Imossi, R. (1987-06-01). BNLDAG VAX GMAIL. http://dx.doi.org/10.2172/1157450.
- ↑ "سنڌ جون نئيون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-08.