مڏ آبپاشي نظام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مڏ آبپاشي نظام

مڏ آبپاشي نظام (انگريزي:Madd Irrigation System) سنڌ ۾ گاج ندي جي پاڻي تي دادو ضلعو، جوهي تعلقو جي سرحدن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ آبپاشي جو هڪ هٿرادو نظام آهي جنهن جي وسيلي ماڻهو قديم زماني کان وٺي جبلن جي ماٿرين جي زرعي زمين آباد ڪندا رهن ٿا.

تفصيل[سنواريو]

گاج قديم زماني کان وهندڙ آهي. محققن جي تحقيق موجب سنڌ ۾ واحد برساتي ندي آهي جنهن جو قديم زماني کان منفرد ايريگيشن سسٽم رهيو آهي. آبپاشي جو اهو نظام نه صرف برساتي پاڻي وسيلي هلندو آيو آهي پر گاج ٻارهو وهندڙ نئي آهي. گاج وسيلي قدرتي چشمن جي وهي ايندڙ پاڻي تي به پراڻي وقت کان پوکي راهي ٿيندي رهي آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ته واهن جو نظام تشڪيل ڏنو ويو، جنهن کي انگريزن سنواريو ۽ سڌاريو ۽ گاج ايريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جڙڻ کان پوءِ به روان رهيو پر هاڻ برباد ٿي ويو آهي. ٻيو مڏ آبپاشي نظام[1] رهيو آهي. گاج ۾ قدرتي چشمن جي پاڻي تي ميداني علائقي ۾ واهن وسيلي آبادي ٿيندي رهي آهي پر گاج تي مڏ آبپاشي نظام به صدين کان وٺي اڄ تائين رائج آهي. مقامي ماڻهو جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مڏ آبپاشي نظام وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري اتي جابلو سلسلي ۾ مٿانهين وايون ننڍيون وڏيون ماٿريون آڳاٽي دور کان آباد ڪندا آيا آهن. مڏ آبپاشي نظام ۾ ڪاٺ جون ٿوڻيون ڪم اچن. انهن تي ڪاٺ جا ڏڪ رکي تڏا وڇايا ويندا آهن. انهن تڏن تي مٽي ۽ ڇيڻا ڀوري هاريا ويندا آهن ته جيئن پاڻي گهٽ سيمو ڪري. چشمن جي پاڻي کي گاج جي وهڪري مان مٿي آڻڻ لاءِ ذري گهٽ گاج جي منڍ وٽ بند ٻڌو ويندو آهي. شروع وارو هنڌ مٿي هوندو آهي ۽ وهڪري وارو هنڌ هيٺ هوندو آهي جنهن ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اولھ کان گاج جو پيٽ مٿي آهي ۽ اوڀر طرف وهڪرو هيٺ ٿيندو ويندو آهي. اولھ کان مٿانهين وٽ بند اچڻ سبب اوڀر طرف پهاڙن سان سطح هيٺ هئڻ ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح پاڻي مٿي کڻي آبادي ڪئي ويندي آهي. پاڻي مڏن وسيلي جبلن جي ڪنارن سان وهندي ڏسي حيراني ٿيندي ته مڏ آبپاشي نظام وارن ذهن جي رٿا تي رشڪ به ايندو. مڏ آبپاشي نظام وسيلي ڪڻڪ ۽ ترڪاري جام ٿيندي آهي. آبپاشي جي هن نظام وسيلي هميشه صرف چيٽ جو فصل ٿئي ٿو.مڏ آبپاشي نظام صدين کان وٺي رائج آهي.[2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. Kingrani, Aziz. "Watercourse: The roaring River Gaaj". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2021-05-12. 
  2. "نئي گاج تي “مَڏُ” آبپاشي نظام.....عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-22. 
  3. "ڪاڇي ۾ نئين گاج مان ڪينال نه ڏيڻ سبب زراعت کي نقصان، فصل گھٽ ٿيڻ جو خدشو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-22.