ڪاڇو
ڪاڇو انگريزي ٻولي (Kachho) سنڌ پاڪستان جو ٿر کان پوءِ وڏو صحرا آهي جيڪو دادو ضلعي کان ويندي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان به اڳتي جيڪب آباد ضلعي تائين ڦهليل آهي.[1]
ڪاڇي لفظ جو پسمنظر
[سنواريو]ڪاڇو لفظ ڪڇ مان ورتل آهي جنهن جي معنى َبغل يا ڪِنار آهي .[2] کيرٿر جبلن جي قطار جي ڪڇ يا ڪِنار وارو سمورو صحرائي يا ميداني علائقو ڪاڇو سڏجي ٿو. [1]هيءُ صحرا سوين ميلن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي.[3]
ڪاڇي جو تاريخي پسمنظر
[سنواريو]عطا محمد ڀنڀرو جي ترجمو ٿيل راورٽي جي ڪتاب سنڌ جو مهراڻ موجب قديم زماني ۾ بکر کان ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ اتان حمل ڍنڍ، لاڙڪاڻي جي اولهه کان سنڌ درياھ جي قديم ڇاڙ وهندي دادو ضلعي ۾ منڇر سان ملي پئي. منڇر ڍنڍ کان وري اوڀر طرف وهندي سيوھڻ شريف لڳ ڏکڻ ۾ ٻيهر سنڌ درياھ سان وڃي ملي پئي. ڪاڇو ۽ منڇر ڍنڍ پڻ هن وڏي درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا. ان ڇاڙ جي ڪناري ٿي فريدآباد، ڳوٺ ماڏو ، ڳوٺ قصبو.واهي پانڌي (ڪوٽيرو دڙو)،علي مراد جو دڙو واري بستي (ڪلوئي دڙو)، ٽنڊو رحيم خان جو قديم ماڳ ۽ غازي شاهه جو دڙو (ماڙيکڙ يا پياري جي ماڙي) اهم پتڻ هوندا هئا.[1]
جبل جي وَٽِ يا ڪَڇَ واري ملڪ کي ڪاڇو چوندا آهن، پر اڳي ڪاڇي جي ملڪ ۾ جيڪي شهر هئا، تن مان هڪڙو ڪاڇو هو. سنه 1069ھ (سنه 1684ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي، جڏهن پنهنجي لاءِ پنوهرن جي ملڪ ۾ روهه جي ٽڪرن ۽ پاڻيءَ جي نهر جي وچ ۾ کاريءَ جو ڳوٺ ٻَڌو، جنهن ۾ مرڻ کان پوءِ پاڻ دفن ڪيو ويو، تڏهن هن ڪاڇو پنهنجي هڪڙي مريد عنايت شاه فقير کي ڏنو ۽ هٽڙي فوجي فقير کي ڏنائين. انهيءَ طرح هن اهو ملڪ اچي وسايو. سنه 1167ھ (سنه 1754ع) کان پوءِ ميان محمد مراد ياب ڪاڇي ۾ هڪڙو قلعو مضبوط بنايو ۽ اوچتي ۽ لنجاري ۽ ميران ۾ به قلعا بنايائين. سنه 1144ھ (سنه 1731ع) ۾ ميان نور محمد جي راڄ ۾ بروهين جو هڪڙو وڏو ڪٽڪ صلح جي شرطن جي برخلاف ڪاڇي جي زمين تي ڪاهي آيو ۽ ڦرلٽ ڪري هليو ويو. انهيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ ميان پاڻ لاڙڪاڻي ويو ۽ اُتان بروهين جي سردار مير عبدالله خان سان وڙهڻ لاءِ لشڪر موڪليائين. جنديهر وٽ انهن جي وچ ۾ لڙائي لڳي ۽ بروهين شڪست کاڌي ۽ سندن سردار مارجي ويو. سنه 1201ھ (سنه 1786ع) ڌاري ميان عبدالنبي قلات جي خان کان بروهين جي مدد وٺي آيو. مير فتح علي خان پاڻ شڪار تي ونگ جي پاسي ويل هو. بروهين ڪاڇي مان آسپاس جو ملڪ ڦريو. مير اها خبر ٻڌي مٿن ڪاهي آيو ۽ جيڪو مال ڦري ويا هئا، سو هنن کان موٽي ورتائين.[4][5]
جاگرافيائي بيهڪ
[سنواريو]جاگرافي جي حوالي سان هينئر ڪاڇي جو صحرا وڏي پکيڙ تي ڦهليل آهي. ڪاڇي جي اولهه ۾ کيرٿر جبلن جي قطار، ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ. اوڀر ۾ ٻوڏن کان آيل بچاءُ بند ۽ اتر ۾ جيڪب آباد ضلعي ۽ بلوچستان جي ڪڇيءَ وارا صحرائي علائقا آهن.
اهم نئيُون
[سنواريو]کيرٿر جبلن مان ڪاڇي ڏانهن وهي ايندڙ نئيون جيڪي ڪاڇي کي سيراب ڪن ٿيون سي ڪيتريون ئي آهن. انهن ۾ اهم مولا نئي، جهل مگسي, سوري نئي،سالاري نئي، گاج يا گاج ندي، سول،تڪي، نلي، ڪڪڙاني، هليلي، کنڌاني، انگئي. نئيگ،مکي نئيدلان نئي،سيتا نئيسائين نئي ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون نئيون اچي وڃن ٿيون.
زراعت ۽ معيشت
[سنواريو]ڪاڇي جي صحرا جي معيشت جو دارومدار ٻن وسيلن تي آهي. هڪ بارشون ۽ ٻيو واڻ وٽڻ. بارشون پونديون آهن ته نئيون وهي اينديون آهن جن سان ڪاڇي جا پٽ ڀربا آهن ۽ جام فصل ٿيندا آهن. سڄو ميداني علائقو سرسبز ۽ شاداب بڻجي ويندو آهي. برساتون پون ته ڪاڇو امير بڻجي ويندو آهي. چوڏس سڪار جون سُرهڻون ۽ خوشحالي جون هوائون گهلي پونديون آهن. بارشون نه پون ته ڪاڇي جو صحرا ڏڪار جي ور چڙهي ويندو آهي. ان ڪري هڪ چوڻي مشهور آهي ته “ڪاڇو وسي ته امير نه ته غريب جو غريب.” ڪاڇي جو ٻيو ذريعه معاش واڻ وٽڻ آهي جيڪو صدين کان هلندو اچي. واڻ ڪاڇي جي هر ڳوٺ ۾، خاص طور جوهي تعلقي واري علائقي ۾ ته تمام گهڻو واڻ وٽيو ويندو آهي. واڻ پيش جي ٻُوٽي کي ڪُٽي ان مان ٺاهيو ويندو آهي جيڪو اڪثر کٽون واڻڻ ۾ ڪم ايندو آهي. واڻ وٽڻ جو ڪم اڪثر عورتون ڪنديون آهن. چند سالن کان ڪاڇي ۾ جتي جر جو پاڻي مٺو آهي اتي ٽيوب ويلن ذريعي به آبادي ڪئي وڃي ٿي. برساتن تي ٿيندڙ فصلن ۾ جوئر، سرنهن، ڄانڀو ۽ گوار جام پوکيا ويندا آهن.
لاهيارڪي زندگي
[سنواريو]آڳاٽي زماني ۾ جڏهن ڪاڇي ۾ بارشون نه پونديون هيون ۽ ڪاڇو ڏڪار جي ورچڙهي ويندو هو ته ڪاڇي جي صحرا جا ماڻهو پنهنجا پڊ ڇڏي بئراج ايريا ۾ اچي جهوپڙيون اڏي اُجرت تي لاهيارا بڻجي ڪڻڪن جا لابارا ڪندا هئا جنهن جي نتيجي ۾ کين اجرت ۾ ان ملندو هو. ان داڻو گڏ ڪري وري واپس پنهنجي پڊن تي ويندا هئا. ڪي ته شهرن ۾ مزدوري به وڃي ڪندا هئا. شاه عبداللطيف ڀٽائي انهيءُ زندگيءَ ۽ هڪ عورت جي لاهيارا بڻجي ويل مائٽن لاءِ اڪير ۽ روڳ کي هڪ بيت ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
ڪاڇي جو لوڪ گيت سَمَهُہ
[سنواريو]سمهہ اصل سماع جو بگاڙ آهي. سمهہ وارو لوڪ گيت هڪ قسم جي دعا آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ ڪاڇيلا ڳائنيدا هئا. جڏهن بارشون نه پونديون هيون تڏهن ڪاڇي جا ماڻهو ڌڻيءَ جي بارگاھ ۾ مينهن لاءِ ٻاڏائيندي ڳائيندا هئا. ڪنهن پڌر تي گول دائرو جوڙي سَمَهُہ چوندا هئا. هڪ چوندو هو “سَمَهَہ ۾ سردار، ڪاڇو ڪوڏ وسائيندو هو هان هو” ۽ ٻيا گڏيل آواز ۾ وراڻيءَ ۾ ورجائيندا هئا “هوهان هو...هوهان هو”. ڪاڇيلن جو عقيدو رهيو تہ هيءَ لوڪ گيت ڳائڻ سان رب راضي ٿيندو ۽ مهر جو مينهن وسائيندو تہ ڪاڇو سرسبز ٿي ويندو. هن گيت جو موجوده دؤر ۾ رواج نہ رهيو آهي.
ڪاڇي جا قديم ماڳ
[سنواريو]ڪاڇي جي صحرا۾ تاريخ کان اڳ جي دور توڙي تاريخي دور جا ڪيترائي قديم ماڳ آهن. دادو کان شهدادڪوٽ تائين ڪاڇو تريخي ماڳن سان ڀريو پيو آهي. ٻڌ ڌرم جا ٺلهه، زرتشت آثار، قديم قبرستان ۽ تمام قديم دڙا ۽ ڀڙا موجود آهن جيڪي هن صحرا جي قدامت تي روشني وجهن ٿا.
پيرون جي قدرتي سوغات
[سنواريو]ڪاڇي جي صحرا ۾ ٻيا به ڪيترائي وڻ ٽڻ ٿين ٿا پر ڄال يا ڄار جو وڻ هڪ غنيمت چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ پيرون ٿين ٿا جيڪي ڪاڇي جي ميوات ۽ سوغات ۾ شمار ٿين ٿا. جڏهن پيرون پچن ٿا ته ڪيئي ٻار۽ ناريون ٽوريون کڻي پيرون چونڊڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. پيرون وڪرو به ڪيا ويندا آهن ته پري جي رشتيدارن، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي سوکڙي طور به موڪليندا آهن. پيرون کي سرائڪي ۾ پِيلهون چئبو آهي. طالب لغاري هڪ شعر ۾ پيرون پچڻ واري موسم جي اهميت بيان ڪئي آهي. ڪاڇي يار ول آ لهي بيقراري. پڪ ڳئي ني پيلهون تيڏي انتظاري.
جهنگلي جيوت ۽ نباتات
[سنواريو]ڪاڇي جي جهنگلي جيوت ۽ نباتات هن وقت جهڙوڪر ختم ٿي وئي آهي. ڪاڇي ۾ تتر، پٽ تتر، ڳيرا، ڪبوتر، سرھ، هرڻيون، گڊ، گدڙ، لومبڙ، سيڙھ ٻيا جانور ۽ پکي اڄ به آهن. نباتات ۾ ڄار يا ڄال، ڪرڙ، ٻٻر، ڪنڊي، ڪتڻ يا ڪترڻ، ڳم، کپ، ٻُو، لاڻو، لاڻي، اڪ. کبڙ، ڳنڍير وغيره جام ٿين ٿا.[6] هاڻ وڻن جي واڍي ڪاڇي جي جيوت تباھ آهي. هڪ طرف برساتون گهٽجي ويون آهن ته ٻئي طرف موسم ۾ گرمي جي شدت وڌيل آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سان گڏ ان جي سطح پڻ ڪري پئي آهي. کوھ سڪي ويا آهن. ماڻهو توڙي مال متاءُ پئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.[7][8]
گئلري
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 InpaperMagazine, From (2012-12-16). "Heritage: Legends on the walls" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/771716.
- ↑ Visit to "kachho". A journey through time, وقت 2014-09-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-24
- ↑ عزيز ڪنگراڻي، ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ڄامشورو، 2009ع
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ "Tomb raiders leave little of Sindh's heritage intact - The Express Tribune" (en-US ۾). The Express Tribune. 2017-09-10. https://tribune.com.pk/story/1500279/tomb-raiders-leave-little-sindhs-heritage-intact/.
- ↑ Blogger
- ↑ "Timber mafia active in Kachho & Pai" (en-US ۾). DAWN.COM. 2009-11-13. https://www.dawn.com/news/502519.
- ↑ Khushik, Qurban Ali (2009-10-31). "Tree felling, depleting water reserves cause climate changes in Kachho" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/499788.