نلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نلي نئن

نلي انگريزي ٻولي (Nalli) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ کيرٿر جابلو سلسلي منجهان وهي ايندڙ گاج ندي کان پوءِ وڏي ۽ اهم نئي آهي جيڪا واهي پانڌي شهر وٽان ڪاڇي جي ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئي کي نئي نري به سڏيو ويندو آهي. هن نئي ۾ به گاج وانگر قدرتي چشمن جو پاڻي ٻارهن ئي مهينا وهندڙ آهي ۽ واهي جي صورت ۾ وهندي نه صرف جابلو ماٿرين ۾ پر واهي پانڌي ويجهو ڪاڇي جو ميداني علائقو به آباد ڪري ٿي. نئي نلي جو تاريخي ورثو ۽ تاريخ شاهوڪار آهي. هن نئي جي ڪناري سان قديم واپاري رستو آهي جيڪو آڳاٽي زماني کان روهيل. ڦوسياند ۽ ٻين لڪن وسيلي بلوچستان کان ٿيندو ايران، عراق، مصر ۽ ڏُور اولهه جي ملڪن تائين ويو ٿي. من نئي جي ڪناري ڍورن ڀرسان جبلن تي ٿيل قديم چٽسالي (Rock Carvings) جا ماڳ، پپراسر، ڪارو ڪوٽ، نيرون جو قلعو (هاڻ ميان ڪوٽ) جا ماڳ به آهن ته حسين ترين ڪنب ۽ آبشار به آهن. سحر انگيز ڪنبن ۽ جبلن جا نظارا سياحتي مرڪز به ٿي سگهن ٿا. ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس ۾ هن نئين ۽ ان جي تاريخ تي مفصل بحث ٿيل آهي.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]