عورت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مادي جنس جي نمائندگي ڪندڙ نشان

عورت (عربي مان اخذ ٿيل. انگريزي: Woman) يا مادي  مونث انسان کي چيو ويندو آهي.عورت جي زندگي جا ٽي مرحلا آهن ننڍپڻ ۾ نياڻي، جواني ۾ زال ۽ تنهن بعد ماءُ. ول ڊيورنٽ لکيو آهي تہ:عورت پيدائشي داناءَ هوندي آهي، جڏهن ته مرد دانائي حاصل ڪندو آهي ۽ ڪن مردن تي وري دانائي مڙهي ويندي آهي.[1]عورتن ۾ تجريدي خيال گهٽ هوندا آهن. واقعن لاءِ عورت جي نظر ۽ يادگيري تيز هوندي آهي، پر هو اصول ٺاهڻ ۽ معاملن جي نئين سر تشريح ڪرڻ جي اهل نه آهي- هوءَ مردن بابت ڳالهائيندي آهي ڇاڪاڻ جو مرد هن لاءِ مسئلو آهي، شخصيتن جهڙوڪ گهر وارو ۽ ٻار ۾ دلچسپي وٺڻ هن جي تقدير آهي. مرد جي مقدر آهي ته هو صنعت ۽ تجارت ۾ ڦاٿل هجي، سببن ۽ نتيجن جي مونجهاري ۾ ڦاسي ۽ عورتن ۽ مردن سان واهپو رکي. مرد لاءِ ڪنهن اهڙي ڪتاب ۾ دلچسپي ڳولهڻ سولو آهي جنهن ۾ ڪنهن خيال جي وضاحت ٿيل هجي ۽ عورت ڪنهن افساني جي ڪتاب ۾ دلچسپي وٺندي آهي خاص ڪري اهڙو افسانو جيڪو مرد جي باري ۾ هجي. عورت ڪائناتي، اجتماعي ۽ اقتصادي تبديلين جي غير شخصي عمل کي خدائي قوتن ۽ بهادر انسانن جي افسانن سان جوڙيندي آهي.[1]عورتن کي جيڪڏهن موقعا ۽ تربيت ملي ته عورتون سيفو جهڙيون عظيم شاعرائون، جارج ايليئٽ جهڙيون ناول نويس، ميڊيم ڪيوري جهڙيون عظيم طبيباڻيون، هائي پاشيا ۽ سونيا ڪائولوسڪي جهڙيون حساب جون عظيم ماهر، اسپيشيا ۽ ميڊم ڊي شٽيل جهڙيون عظيم مفڪر، راڻي ايلزبيٿ ۽ ڪيٿرائن ڊي ميڊيسي جهڙيون سياستدان پيدا ٿينديون آهن. تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته انهن حالتن ۾ به ڪيتريون ئي داناءَ عورتون پيدا ٿيون آهن، شايد عورتن ۾ رڳو اها جسماني قوت گهٽ هوندي آهي، جيڪا فني تخليق لاءِ لازمي آهي ۽ شايد هنن ۾ مردن جهڙو جمالياتي ذوق به نه هوندو آهي، جيڪو تخليق لاءِ هرکائيندو آهي.[1]ول ڊيورنٽ وڌيڪ لکي ٿو تہ:افلاطون چيو ته عورت کي هر ميدان ۾ قسمت آزمائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. سندس جنس جو خيال رکڻ کانسواءِ کيس مردن جيترا ئي موقعا ملڻ گهرجن. پر ارسطو عورت لاءِ مرداڻي تعصب جو حامي هو. هن چيو ته عورت هڪ هنڌ رُڪجي ويل ترقي آهي. فطرت هڪ مرد بنائڻ ٿي گهريو ۽ ناڪام ٿي ۽ فطرت جي اها ناڪامي عورت آهي. عورت جي حيثيت غلام واري آهي. انڪري سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لائق نه آهي. يهودين جي خداوند جو به اهوئي خيال هو. هن پنهنجي آخري حڪم ۾، جيڪو چيو وڃي ٿو ته هن حضرت موسيٰ کي ڏنو، مائن ۽ زالن کي چوپائي مال ۽ جاندار وارو رتبو ڏنو هو. يهودين جو خدا يهودين جي شخصيت جو عڪس هو، جيڪي ٻين جنگجو قومن وانگر عورت کي بدقسمتي ۽ هڪ ضروري بدي سمجهندا هئا، جيڪا انڪري برداشت ڪئي ٿي وئي جو اها سپاهين جو اڪيلو وسيلو هئي. يهودين جي گهر ۾ ڌيءَ ڄمندي هئي ته ڏيئا نه ٻاريندا هئا، ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ٻيهر پاڪ ڪيو ويندو هو ۽ يهودي ڇوڪرا دعا گهرندا هئا ته ”اي خدا! مان تنهنجو ٿورائتو آهيان جو تو مون کي ڪافر يا عورت نه ٺاهيو.“ يهودي ان معاملي ۾ ٻين قومن جهڙائي هئا پر ڪيترن معاملن ۾ هو پنهنجي زماني جي اخلاقي نظام کان گهڻو اڳتي هئا. اوڀر جا ماڻهو عورت کي تيستائين گهٽ نظر سان ڏسندا هئا جيستائين هو پُٽن جي ماءُ نه بڻبي هئي ۽ جيستائين سندس پٽ ڪنهن جنگ ۾ شهيد نه ٿيندا هئا. خود افلاطون جيڪو عورتن جو وڏو حامي هو تنهن به خدا جو احسان مڃيو هو ته خدا کيس مرد بڻايو هو. تڏهن کان هاڻي تائين عورت جي حيثيت ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن.[1]

اڄ جي عورت[سنواريو]

ڄم تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اوزارن عورت جي آزاديءَ کي هٿي ڏني، ٻارن جي پرورش جي فرض کان آزاد ٿي عورت آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ داخل ٿي وئي. ڪارخانن ۾ هو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هنن جهڙا ڪم ڪرڻ لڳي. هنن جي سوچ مردن جهڙي ٿي وئي ۽ هوءَ مردن جهڙي زبان ڳالهائڻ لڳي. عورتن کي نقاليءَ جي ذريعي آزادي حاصل ٿي. نئين دور جي عورت روايتي مرد جون چڱيون ۽ خراب سڀ عادتون اختيار ڪيون. هن سگريٽ پيئڻ، گاريون ڏيڻ، بي پرواهه ٿيڻ، وار ڪٽرائڻ ۽ سوٽ پائڻ ۾ مرد جي اهل شروع ڪئي. نئين حالتن مردن ۾ زالن واريون ۽ زالن ۾ مردن واريون خاصيتون پيدا ڪيون. هڪ جهڙي پيشي ۽ هڪ جهڙين حالتن ٻنهي جنسن کي هڪ ئي سانچي ۾ وجهي ڇڏيو. هڪ نسل کان پوءِ افسوسناڪ مونجهارن کان بچڻ لاءِ ڪن هٿرادو علامتن جي ذريعي مردن ۽ عورتن جو تفاوت معلوم ڪرڻو پوندو. اڄ هنن ۾ فرق کي سمجهڻ ڏکيو آهي.[1]

سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ اڻ برابري وارو رويو[سنواريو]

عورت سان هر ملڪ ۽ هر سماج ۾ مختلف رويا رکيا ويا آهن ۽ عورت مختلف سماجن ۾ مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندي رهي آهي، هن سماج ۾ عورت کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نه ئي ان کي ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، عورت اڄڪلهه جي جديد دور ۾ به غلاميءَ واري زندگي گذاري ٿي، سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ عورتن سان اڻ برابري وارو رويو رکيو وڃي ٿو، اسان جي سماج جي بيحسي ايتري آ جو عورت رڳو گهر ۽ ماني پچائڻ تائين محدود ٿي رهي آهي، ڇا عورت جو مقدر رڳو سماج ۾ رڳو ڌڪا کائڻ آهن؟ ماڻهن عورت کي جسم سمجهيو آهي، ان ۾ روح به آهي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:يونان ۾ پراڻي ايٿنز جي زندگيءَ کي رنگين بڻائيندڙ وئشيائن ۽ نئين دور جي بادشاهن جي درٻار ۾ وڃي ناچ ڪندڙ نچڻين جنسي ڪشش جي فن کي وڏي ترقي ڏني ۽ مرد جي حاڪميت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. اپيشيا ۽ فرائن نالي وارين مشهور وئشيائن جا فلاسافرن ۽ فنڪارن سان تعلقات هئا. ڊوباري ۽ پومپاڊور جون محفلون دنيا جي اعليٰ تهذيب جون ذهني مرڪز ٿي ويون هيون. ڪجهه وقت تائين فرانس ۾ انقلاب دنيا جي آزاديءَ جو علمبردار رهيو. ڪنڊورسي قومي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حق جو بل پيش ڪيو ۽ ميري وول اسٽون ڪرافٽ مردن جي حقن ۾ عورتن جا حق به شامل ڪيا. پر جڏهن رت جي راند ختم ٿي ۽ فرانس جي آزاديءَ لاءِ عورتن پنهنجا پنج لک پٽ قربان ڪيا تڏهن هنن ڏٺو ته آزاديءَ جي دعويٰ ڪرڻ وارا مرد آزاديءَ کي پنهنجي گهر ۾ به ڏسڻ لاءِ تيار نه هئا، آزادي رڳو مردن لاءِ هئي ۽ رڳو گرامر جي لحاظ کان مؤنث هئي[1]اسان جي زماني ۾ به ماڻهن جا اهڙائي خيال آهن، اسان مان ڪيترا مرد جن جي عمر چاليهن سالن کان مٿي ٿي وئي هجي، اوٽووينگر Otto weininger جي ان قول تي هلندا آهن ته عورت ۾ روح ڪونهي، اسان مان ڪهڙو اهڙو مرد آهي جنهن شوپنهار جي ڪتاب ”عورتن بابت مضمون“ ۾ هيءَ ڳالهه مزو وٺي نه پڙهي هجي ته ”عورت هڪ ننڍي قد، سوڙهن پٺن، ويڪرن ڪلهن ۽ ننڍين ڄنگهن واري جنس آهي“. نٽشي جڏهن اسان کي تاڪيد ڪيو ته ”اوهان جڏهن عورت وٽ وڃو ته پنهنجو چهبڪ نه وساريندا ڪيو“ تڏهن اسان مردن کي فخر محسوس ٿيو. اسان اها ڳالهه وساري ڇڏيندا آهيون ته اهي اسان کي وڻندڙ ڪتاب مرد ۽ عورت جي دائمي جهيڙي جو هڪ حصو آهن، گهيري ۾ آيل سپاهين جي بچاءُ جا اُپاءَ ۽ هارايل مردن جي ڏاهپ جا آواز آهن. اسان ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ته هڪ سهڻي عورت بائرن جي حسن ۽ رتبي جي اثر ۾ اچي شوپنهار کي ٺڪرائي ڇڏيو هو. نٽشي يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ لؤسيلومي جو پيڇو ڪندو ۽ کيس پنهنجي علم ۽ دانش سان متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر هن کي حاصل ڪري نه سگهيو. مغرور جرمن ويئنيگر هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت تي عاشق ٿيو ۽ ان جڏهن کيس ٺڪرائي ڇڏيو ته بيٿون جي گهر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، اهڙا ڪتاب اسان خوشيءَ سان پڙهندا آهيون ڇاڪاڻ جو اهي ڪتاب اسان جي اُن مخالف جنس لاءِ دشمنيءَ جو اظهار هوندا آهن جنهن سان اسان هميشه محبت ڪندا رهنداسين.[1]سن 1900ع تائين عورتن کي ڪي به آئيني حق حاصل نه هئا. اڻويهين صديءَ ۾ آفريقا ۾ عورتون زراعت جي مشينن وانگر وڪامنديون هيون. تاهيٽي ۽ نيويرٽن ۾ عورتون سوئرن کي ٿڃ پيارينديون هيون. راڻي ميري واري انگلستان ۾ مڙس زال کي مار ڏيئي سگهندو هو. ۽ کيس اڌ مئو ڇڏي ويندو هو. قانون هن کي ڪجهه به ڪري نه سگهندو هو. هو هر رات زنا ڪري سگهندو هو ۽ سندس زال وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو ته هوءَ به سندس پيرن تي هلي. زال جيڪڏهن پئسا ڪمائيندي هئي ته انهن جو مالڪ مڙس هو ۽ جيڪڏهن ڏاج ۾ ملڪيت آڻيندي هئي ته ان جو مالڪ به مڙس ٿي ويندو هو. اها ڳالهه ته مرد سوچي به نه ٿي سگهيا ته عورت ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي ۽ کيس ووٽ جو حق ملندو.[1]انگلينڊ ۾ عورت جي آزاديءَ لاءِ پهريون آئيني قدم 1882ع ۾ کنيو ويو، ان سان فرمان جاري ٿيو ته عورتون پنهنجي مزوري جي اُجوري جي رقم پاڻ وٽ رکي سگهن ٿيون. اهو هڪ وڏو اخلاقي قانون هو ۽ مسيحت جي بنيادي اصولن جي عين مطابق هو. اها رٿ ڪارخانن جي مالڪن انڪري اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي هئي ته جيئن انگسلتان جون عورتون مشينن تي ڪم ڪري سگهن. ان وقت کان وٺي هاڻي تائين نفعي ڪمائڻ جو شوق عورتن کي گهر مان ڪڍي دڪانن جو غلام پيو بڻائي. اڄ انگلستان ۾ ٻن عورتن مان هڪ عورت ڪنهن آفيس يا ڪارخاني ۾ ڪم ٿي ڪري.[1]

شادي جو مسئلو[سنواريو]

ننڍپڻ ۾ شاديون ڪرائڻ، شريعت جو بهانو ڪري به ڇوڪرين جي ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائي ويندي آهي، عورت کي صلح جي بدلي به ڏنو ويندو آهي، عورت کي ڀاءُ جي عيوض ڏنو ويندو آهي، عورت کي وارثي ۽ جائيداد کان بيدخل ڪيو ويندو آهي، عورت جي زبردستي شادي ڪرائي ويندي آهي، اسان جي سماج ۾ عورت کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ماريو ويندو آهي، عورت کي پسند جو پرڻو ڪرڻ جو به ڪو حق ناهي


لڃ لٽ[سنواريو]

اسان جي سماج ۾ عورت پنهنجي حقن خلاف آواز به نه ٿي اٿاري سگهي، جيڪڏهن آواز اٿارڻ جي ڪوشش به ڪندي ته عورت کي غلط سمجهيو ويندو آهي، اسان جي هن معاشري ۾ پئسن عيوض به نياڻين جو وڪرو ٿيندو آهي، هتي عورتن کي مارڪيٽ ڪري انهن جو آواز دٻايو وڃي ٿو، اسان جو سماج ايترو ته خراب ٿي ويو آهي جو ننڍن نابالغ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان بدفعلي ۽ جنسي تشدد جو رجحان به وڌي رهيو آهي، روز اخبارن ۾ ننڍن معصوم ٻارن ۽ مظلوم نياڻين سان ٿيل وحشت ۽ بربريت جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن

تعليم جو مسئلو[سنواريو]

اسان وٽ سماج ۾ ايڏو شعور نه اچي سگهيو آهي، جو ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارين، جيڪي ماڻهو پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي موڪلين ٿا ته نياڻيون هڪ عجيب صورتحال مان گذرن ٿيون، يونيورسٽي ويندي رستن تي اوباش ڇوڪرن جي حرڪتن سبب نياڻيون ويچاريون تمام پريشان ٿين ٿيون، جڏهن اهي تعليمي ادارن ڏانهن اچن ٿيون ته ڇڙواڳ ڇوڪرا انهن تي هوٽنگ، گانا، تنگ ڪرڻ ۽ بداخلاقي ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، تعليمي ادارن ۾ به ماڻهو عورتن کي گندي نظر سان ڏسن ٿا، جنهن سان به اهي ذهني پريشاني جو شڪار رهن ٿيون، انهن اوباش نوجوانن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم کان محروم ٿيو وڃن

عورت جو اسلام ۾ مرتبو[سنواريو]

جهالت واري دور ۾ به ائين ئي ٿيندو هو، ڌيئرن کي زندهه دفن ڪيو ويندو هو، طلاق يافتا عورتن کي ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي، شادي کان انڪار تي عورت کي قتل ڪيو ويندو هو، پوءِ اسلام عورتن کي ڪجهه حق ڏنا ۽ عورت جي عظمت کي اجاگر ڪيو، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ اڄ به عورت کي فسادن جي جڙ سمجهيو ويندو آهي، ماڻهن اسلامي تعليم ۾ جيڪي عورتن کي حق مليل آهن، تن کي وساري ڇڏيو آهي، عورت جا اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي روپ آهن، جيئن هڪ ماءُ جنهن جي پيرن هيٺان جنت آهي، ماءُ زندگي جو عظيم رشتو آهي، ماءُ خوشين جو خزانو آهي، اکين جو نور آهي، ماءُ دل جي ڌڙڪن آهي، ماءُ جي مرڪ اولاد جي زندگيءَ جو حصو آهي، ماءُ پاڻ کي ڏکن ۾ رکي اولاد کي سکن ۾ رکندي آهي، ماءُ جي ڪري گهر ۾ رونق هوندي آهي، ماءُ کان بغير گهر قبرستان مثل لڳندو آهي

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو