مواد ڏانھن هلو

گج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گج(انگريزي: Gaj) سنڌ جي ڀرت جو ھڪ قسم آھي. لاڙي ناريون جيڪي گج ڀرين، تن جا مکيه قسم هي آهن:

  • ڪچي ڀرت وارو گج
  • پڪي ڀرت وارو گج
  • مُڪي وارو گج
  • ٻانڌڻي وارو گج

گج پڪي يا ڪچي ٽانڪي وارو يا ٽونئرن ۽ ٽِڪن وارو هجي، انهن سڀني جي ڀرڻ جا مرحلا گهڻو ڪري ساڳيا ٿين[1].


گج ڀرڻ جا مرحلا

[سنواريو]

سڀ کان پهرين سگهڙيون گج لاءِ ڪپڙي جي چونڊ ڪن، جنهن کي”تڻي“ چَوَن. تڻي مان مراد گج جي مٿئين حصي، اڌ ٻانهن ۽ اڌ چولي منجهان آهي. تڻي جو ڪپڙو گهڻو ڪري سوٽي ٿئي ۽ ان جو رنگ لاک رتو يا بلڪل ڳاڙهو هوندو آهي.[1].

تڻي هيٺان سوٽي پاپلين يا بافتي جو ٿلهو ڪپڙو ڏين ته جيئن ڀرت ڀراءُ ڪري بيهي.[1].

ڪي گج ليڪيل ته ڪي بنا ليڪ ٺهن. ليڪيل گجن کي ڏسي ڀاسندو ته ڪر لڳندو ته جن اهي گج ڀريا آهن، سي سگهڙيون جاميٽريءَ جون تمام ماهر هجن! اهڙا ته سهڻا اڌ گول، چوڪنڊا، ٽڪنڊا، گول ۽ مستطيل نظر ايندا، جو اچرج مان ڏندين آڱريون اچي وينديون. ليڪ جا به ڪيئي نمونا ٿين ۽ هر هڪ گل جو الڳ نانءُ به ٿئي، انهن جاميٽريڪل نمونن ۾ پڻ ڪيئي نمونا ٿين[1].

سگهڙين جي هنري ٻوليءَ ۾ منڊ يا منڊڻا مان مراد آهي آئوٽ لائن يا سٽاءُ جي. ليڪيل ليڪن مٿي ڪاري سُٽ يا ڪاري ڪچي پَٽَ سان منڊ ڪن. ڪچي، پڪي، مڪي يا ٻانڌڻي وارو گج هجي، پر منڊ سڀني ۾ هڪ ئي رنگ يعني ڪاري رنگ سان ٿئي، رڳو فرق اچي ٽانڪن ۾ ،ڪچي واري گج ۾ ٽانڪو رسي يا ڏانڊيءَ جهڙو ٿئي ته پڪي ۾ وري اَنڪ سان ڀرجي، پر ڪي گج وري بلوچي ٽانڪن، جنهن کي منڌپئڙوَ ٽانڪو چَون، انهن سان ٽانڪجن.[1].

ذات ڦل

[سنواريو]

هن مرحلي ۾ رنگ ڀرجي ٿو. رنگن جو سٽاءُ ائين جيئن وٺل ڪڪرن مٿان اڀريل انڊلٺ! رنگن ۾ ڳاڙهو، پيلو، نيرو، واڱڻائي، (جنهن کي ماوو) ۽ ناسي، (جنهن کي رتو چَون) شامل آهن. اڇو رنگ ته چوڌاري ڦرندو رهندو. ذات ڦل ۾ ڇير ۽ ڪوڻي جي گلن جي ٻاهران گول يا ڪنڊياري تاري جهڙو دائرو به ٿئي.[1].

سَٽڻ مان مراد آهي، ٽڪ ڪچي ڪرڻ، ٽڪ گج ۾ ائين آهي جيئن آڪاش تي اوندهه ۾ تارا. هن مرحلي ۾ سوٽي يا ڪشميري جو ڌاڳو استعمال ٿئي ٿو.[1].

سٽيل يا ٽڪ ڪچي ڪيل مرحلي کي پڪو ڪرڻ کي”ڪَڙ“ چئبو آهي. ڪَڙ لاءِ مختلف رنگن جو سٽاءُ ٿئي. رنگ، ذات جي مناسبت سان استعمال ٿين.[1].

ٽٰڪ ڀرجڻ کانپوءِ ٽڪن جو چوڦير وري ننڍڙا رنگا رنگي گل پون، جن کي ٽوٻ گل چون. ٽُوٻ ڀرجڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي. ڄڻ گج جي مٿان ڪي رنگا رنگي پوپٽ اچي ويٺا آهن، مڪي واري گج ۾ وري موتين جي ٽوٻ مڙهين. ٽونئر ۽ ٽڪڙا: هاڻ ته گج جي سونهن ويتر وڌندي جڏهن ڳاڙهن، نيرن، پيلن، ماووين رنگن ۽ پٽ جا ٺهيل ٽونئر ٽانڪبا، ٽونئرن مٿي وري ڪاري پٽ جو گول ٽڪڙو ٺاهي، انهن تي ستار ۽ موتي مڙهبا ۽ موتي سان گڏ وري ڪچ ڪوڏين، لالن، پاولين يا چئوانين جو جنسار ڏسڻ وٽان هوندو آهي.[1].

موهنڊ

[سنواريو]

موهنڊ لاڙي ٻولي ۾ انهن پٽين کي چون، جيڪي تڻي وٽان گج کي وڏو ڪن. اهي رنگا رنگي ريشمي ڪپڙي جون ٿين.[1].

سيلاچ

[سنواريو]

موهنڊ يا پٽيل جي ڪنارن کان ڳانا مڙهين جنهن کي سيلاچ چون ۽ انهن جي مٿان موتي ۽ ستارا به ٽانڪين. سيلاچ ڪاري سُٽ سان به ڀرين ته ڪڏهن ڪاري پَٽ سان به ڀرين.[1].

ڪنجري واري گج کي پٺيءَ وٽان ڪپڙو ڪين ٿئي، انهيءَ ڪري پٺيءَ وٽان ڪشا يا ڪهيون وجهن، جيڪي ڪپڙي مان ٺاهين، انهن کي ڦندڻ ۽ سيلاچ به مڙهين..[1]


ٻانڌڻي وارو گج

[سنواريو]

ٻانڌڻي وارو گج اُهي پائين جن جي ڪا باس باسيل هجي، اولاد نه ٿئي يا پُٽ لاءِ ڪٿان وني نه ملي يا سڪي پني پُٽ ڄمي،سندس وهانءُ لاءِ جوڙايل گج ٻانڌڻي جي ڪپڙي جو ٿئي. لاڙي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي اميد ڏسڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري سرتين سان سلجهي گج ٺاهيندي آهي، اهو گج خاص ڪري مڪي وارو ٿئي جيڪو روپئي ۽ سونهري ذري سان مڙهيو ويندو آهي، هن گج ۾ ٽڪن جو به جنسار هوندو آهي ته ٽونئر ٽڪڙن جو به ٽڪساٽ. لاڏل جو وهانءُ جا ڏينهن مهينا اڳ ٻڌيا ته گج ٺاهڻ لاءِ گج ”سوڻ“ ٿئي. گهوٽيتيون گڏجي سڏجي ٽانڪو ٽانڪو هڻندي سوڻ ۾ حصو وٺن. ٿالهي ۽ گهڙي جي ردم تي لاڏا به چون ته ٽانڪا به ٽانڪين. اهو جنسار ڀريو گج ڪنجري وارو گج ڪوٺجي، جيڪو موٺڙي جي ست رنگي شلوار ۽ رنگرتي ٻانڌڻي سان ونيءَ کي وهانءُ ويل اوڍائين. چل مل جرڪندڙ گج جي جنسار جي جوت ئي نرالي آهي، پر سون ٻاري جي نارين جو جوڙيل ڇڄ به لاڙ جو هڪ مثالي هنر آهي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو