اڳٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سٿڻ يا شلوار کي چيلهه ۾ قابو ٻڌڻ واري پَٽي، جيڪا پٽهڙ هجي يا ڄاريءَ جي ٺهيل هجي. -اڳٺ- سٿڻ جي اُبداڻي ۾ پوندو آهي. -اڳٺ- کي ”ناڙو“ ۽ ”ازاربند“ به چوندا آهن. اڳٺ اڻڻ جو هنر سنڌ جي گهرو هنرن ۾ شامل ٿئي ٿو، جيڪو آڳاٽي دؤر کان هلندو اچي ٿو، اَڳٺ ٺاهڻ لاءِ خاص قسم جو فريم ٿئي، جنهن کي ”ڪارچوپ“ يا ”ڪارب“ سڏين. جيڪو وڏين اُڀين پَٽين ۽ -ٽن- ننڍين پاسيرين پَٽين تي ٺهيل هوندو آهي. اُڀين پٽين تي وري مٿي کان پنج ست سوراخ ٿين، جيڪي -اڳٺ- جي ڊيگهه جي ماپ لاءِ گهٽ وڌ ڪيا ويندا آهن. انهن سوراخن ۾ وري ڪليون پونديون آهن، جيئن ماپ پوري ٺهي. -اڳٺ- ٺاهڻ لاءِ سر يا ڪاني جون تيليون پڻ استعمال ٿين. -اڳٺ- ٺاهڻ کان اڳ زمين ۾ ڪليون کوڙي تاڃي ڪڍبي آهي، پوءِ ڪارب تي چاڙهي اُڻت ڪبي آهي. اڻت اُبتي ۽ سبتي وَرَ تي ٿئي. اڻت لسي به ٿئي ته نمونن تي پڻ ٿئي. -اڳٺ-، سُٽ، ڪشميري، پشم ۽ ريشم جي ڌاڳن مان ٺهندا آهن. اڳٺن جي ڪارب -تان- لهڻ کان پوءِ پلوَ جي ٻڌڻي ٿئي. -اڳٺ- جا پَلَوَ، موتين، ستارن، ٽِڪُن، جهاٻن جهوڙن، ٽؤنرن، منڍين، لالن وغيره سان به ٻڌجن. پر ڪي سادا پَلو ڳنڍين ۽ مينڊين تي اُنهيءَ رنگ ۽ انهيءَ ڌاڳي سان ٻڌجن، -جن- جو -اڳٺ- ٺهيل هوندو آهي. -اڳٺ- پڙي جي ڏيج ۾ خاص ڪري ڏنا وڃن ٿا. گهوٽ پاران -اڳٺ-، سڳيون، رومال وغيره، هڪ -ٽوال- ۾ -ٽاڪي- ڏين، جنهن کي ’-بازار-‘ ڪوٺين. -اڳٺ- گهريلو صنعت طور ناڻي ڪمائڻ لاءِ پڻ عورتون توڙي مرد واندڪائيءَ ۾ گهر ۾ ويهي ٺاهين ۽ پوءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ دڪاندارن کي اُهي پڄايو ڏين. ميلن ۾ ته اڳٺن جا کوڙ سارا نمونا لڏندا لمندا نظر ايندا آهن. ميلي تي وڃڻ لاءِ اڳواٽ ئي ٻهراڙيءَ جون عورتون پنهنجن مردن لاءِ نهايت سهڻن پلاندن جي ٻَڌ وارا -اڳٺ- ٺاهين، جيڪي مرد وري قميص کان هيٺ لڙڪائي هلن. سٿڻ ۾ -اڳٺ- وجهڻ واري ڪاٺيءَ کي -اڳٺ- وجهڻي چون. اڳٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. جنهن ۾ سماجي روين جي پرک پوي ٿي: جيئن ته: ”-اڳٺ- جو سڱ هئڻ، (ساهُرن سان مائٽي هئڻ)، ”-اڳٺ- جو ور“ (شاديءَ جي ذريعي مائٽيءَ جو رستو ڳنڍڻ). ”-اڳٺ- ڇوڙي ويهڻ“ (همت هارڻ، گيدي ٿيڻ، مايوس ٿي ويهي رهڻ) وغيره. امير ماڻهن وٽ چانديءَ جون -اڳٺ- وجهڻيون هونديون آهن. شاديءَ وقت گهوٽ ۽ ڪنوار کي -اڳٺ- وجهڻي ڏاجي ۾ ڏيندا آهن. موجوده دور ۾ پلاسٽڪ مان به -اڳ ٺ- وجهڻيون ٺهنديون آهن.[1] سنڌ جا اڳٺ به بهترين ٿيندا آهن. ڇپر- باقي اڳٺ ته خير عام آهن، پر ڄاريءَ جا اڳٺ زالون اهڙا ته اُڻينديون آهن، جو حيرت وٺيو وڃي. اڳٺ اڻڻ لاءِ پهرين زالون سٽ يا پٽ هٿ ڪنديون آهن. ڪي رنگي رنگي جو، ڪي هڪ رنگو. پوءِ زمين تي چار ڪليون کوڙي انهن ۾ اڳٺ جي تاڃي ڪڍنديون، ننڍو اڳٺ ٺاهڻو هوندو اٿن ته ننڍي تاڃي، جي وڏو ته وڏي تاڃي ڪڍنديون. پوءِ اڳٺ ڪلين تان لاهي ڪارچوب تي چاڙهينديون ۽ اڻنديون وينديون، جي تيليون گهڻيون تيار ٿي ويندو. ته وري ڇنڊي پڇڏينديون، تان جو سڄو اڳٺ تيار ٿي ويندو. ڪي زالون اهڙيون به هونديون آهن، جو جي انهن جون اکيون ٻڌي ڇڏجن ته به هٿ کي مجال آهي، جو ڪا ٻِٽ پوي يا تند رهجي يا گهاري پئي. ڪاريگر زالون اڳٺ تي اوڄي جا اهڙا ته گل رکي وينديون آهن، جو واه واه! ڇا جن جيرا، ڇا ڄاريون مطلب ته تعريف لڳي پئي هوندي آهي، ڪي زالون ته اهڙيون هنر واريون ٿيندون آهن، جو اڳٺ اُڻي وڃڻ کان پوءِ، ڪٿان به کڻي تند ڪڍجي ته ڇا مجال جو اڳٺ اڌو اڌ ٿي پئي. اهي هوندا آهن ڏيڍي اُڻ وارا اڳٺ. سادا اڳٺ هر ڪا زال ٺاهيو وڃي، پر ڏيڍي اُڻ وارا ڪي ٿوريون زالون ٺاهي ڄاڻن. اڳٺ لاهڻ کان پوءِ اڳٺ جا پلاند ٻڌنديون. پلوَن تي هريڙون اهڙيون ٻڌي وينديون، جو ڳنڍ ڏسي عقل حيران ٿيو وڃي ته اهڙي سوڌي ۽ ڊگهي ڳنڍ ڪيئن آئي! پوءِ پڇڙن تي زري ويڙهي هيٺيان چانديءَ جا جهاٻا به هڻنديون آهن. ڪي موتي ۽ ڪچ ڪوڏيون به هڻن، جي اڳٺ جي زينت وڌايو ڇڏين.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. اڳٺ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}