اولاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اولاد(انگريزي: Descendents)ٻار پيدا ڪرڻ سان مرد رڳو سماج ۽ نسل جي فرد هجڻ جا فرض ادا نه ڪندو آهي پر پنهنجي تڪميل به ڪندو آهي. هو انهن ذميوارين کي قبول ڪندو آهي جيڪي بالغ ٿيڻ سان هن تي پونديون آهن. هو پيءُ ٿيڻ واري پنهنجي جبلت جي تسڪين ڪندو آهي ۽ ٻارن کي پنهنجي پوڙهائپ جي خوشيءَ جو ضامن سمجهندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي موت جي صياد کان بچي ويندو آهي. موت اسان جو گوشت ۽ رت کڻي ويندو آهي ۽ جوانن لاءِ جاءِ پيدا ڪندو آهي. پر اهي جوان اسان جو رت، اسان جي زندگي ۽ اسان جو روح آهن. اسان موت کي پنهنجي زندگيءَ جو رڳو هڪ حصو ڏيندا آهيون ۽ اسان جي زندگيءَ جو بچيل حصو، اسان کان نيپاج وٺي، زندگيءَ جي وهڪري مان نئون جسم وٺندو آهي. اسان جا ٻار اسان کي ڏک ڏيندا آهن پر اهي اسان کي تمام گهڻي خوشي به ڏيندا آهن جيڪا محبت جي نشي کان به وڌيڪ مستي ڏيندڙ هوندي آهي. مرد کي تڪميل حاصل ڪرڻ گهرجي پر هڪ الڳ شخصيت وانگر نه جيڪو مقابلي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي، پر هڪ وسيع شخصيت جي جُزَ جي حيثيت ۾، هڪ عاشق جي حيثيت ۾ جيڪو وٺڻ کان وڌيڪ ڏيندو آهي، هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ جيڪو نسل جي بقاءَ لاءِ خوشيءَ سان زندگيءَ جي تسلسل ۽ بقا ۾ شريڪ ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته جُزَ جي ڪل سان سهڪار ئي اخلاق جي جان، زندگيءَ جو راز ۽ خوشيءَ جو سرچشمو آهي.[1] عورت فطريءَ طرح امن ۽ تحفظ جي طالب هوندي آهي، جنگ جي نه. ڪن ساهوارن جي نسلن ۾ ته ماديءَ ۾ وڙهڻ جي جبلت ڪانه هوندي آهي. هوءَ جڏهن به وڙهندي آهي ته پنهنجن ٻچن لاءِ وڙهندي آهي، هن ۾ جيڪڏهن تيزي آهي ته اها هوءَ تڏهن ڪم آڻيندي آهي جڏهن نسل کي خطرو هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو