جنسي سنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(جماع کان چوريل)
جنسي ميلاپ جو معروف طريقو
فائل:Sexual Relations.jpg
reation
هندستاني شاهي جوڙيءَ جو انداز جنسي همبستري

جنسي ميلاپ، جنسي سنگ انگريزي ٻولي: Sexual intercourse , جماع جو لفظ عربي اساس جمع مان ڪڍيو ويو آھي ۽ ان جي معنيٰ جمع ٿي وڃڻ يا گڏ ملڻ جي ٿيندو آھي جڏھن ته ان پاڻ ۾ ملڻ سان عمومي طور تي مراد جنسي طور تي ملڻ جي ٿيندي آھي[1]۔ انھيءَ مفھوم کي عام طور تي جنسي رابطه ، مباشرت ، ھم بستري وغیره جي نالن سان به اختیار ڪيو ويندو آھي پر جئين ته ھي لفظ نسبتاً سخت ۽ اڻوڻندڙ آھن انڪري طبي ۽ ٻين وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ جماع جي اصطلاح کي چونڊيو ويو آھي جنھن کي انگریزيءَ ۾  sexual intercourse ۽ طب ۾ coitus يا وري copulation به چيو ويندو آھي۔ ۽ طبي تعریف جي روح سان مؤنث ۽ مذڪر جي وچ ۾ اھڙو رابطو جنھن ۾ مذڪر جي جسم کان مني (sperm) جو نيڪال ، مؤنث جي جسم طرف ھجي جماع چئبو آھي [2]۔ جماع جي ابتڙ ، جنس (sex) ھڪ اھڙو لفظ آھي جيڪو گھڻا استعمال رکي ٿو؛ طب ۾ عام طور تي جنس مان مراد مؤنث یا مذڪر صنف ورتي ويندي آھي[3]، جڏھن ته جنس جو لفظ ، بلا تفریقِ جنسِ مؤنث ۽ مذڪر، ٻه (یا ٻن کان وڌيڪ ) ماڻھن جي وچ ۾ ان قسم جي ڪنھن به رابطو یا تعلق ظاھر ڪري ٿو ته جنھن ۾ ٻن يا ڪنھن ھڪ جي تولیدي عضوي کي تحريڪ ملي[4]۔

وڌيڪ ڏسو [سنواريو]

  • توليدي نظام
  • جنس (sex)


حوالا[سنواريو]

  1. ھڪ ٻولي واري روحِ خط ۾ لفظ جماع جو مفھوم۔
  2. ھڪ طبي لغت ۾ لفظ copulation جو اندراج۔
  3. طب ۾ لفظ sex جو مفھوم۔
  4. ھڪ عمومي لغت ۾ sex جص معنيٰ (اندراج 4)۔