وھانءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

وھانءُ ھڪ گڏجاڻي آھي جنھن ۾ ٻہ شخص يا ھڪ جوڙو شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌبا آھن. وھانءَ جون رسمون مختلف ثقافتن، نسلن، مذھبن، ملڪن، ۽ سماجي طبقن ۾ تمام گھڻو فرق رکن ٿيون. گھڻ وھانئن جي گڏجاڻين ۾ جوڙا ھڪ ٻئي سان وچن ڪن ٿا، ھڪ ٻئي کي تحفا ڏين ٿا (جھڙوڪ منڊي(ون)، نشاني رکندڙ شيءِ، گل، پيسا)، ۽ شاديءَ جو ڪنھن لاڳاپيل شخصيت پاران اعلان ٿيڻ. شاديءَ جي لاءِ خاص جوڙا بہ پھريا ويندا آھن، تقريب جي اختتام تي ڪاج (کاڌي) جو به انتظام ڪيو ويندو آھي. موسيقي، شاعري، دعائون يا مذھبي متن مان پڙھتون يا ٻيو متن وغيره پڻ وھانءَ تي پڙھيا ويندا آھن.

سنڌ ۾ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ شادي جي رسم[سنواريو]

وهانءُ يا شادي اڪثر رات جو ڪئي ويندي آهي. گهوٽ کي سانجهي سوير ئي ، مائٽ يا حجام اچي ڪنواريتن جا موڪليل ڪپڙا، پٽڪو، قميص، قمربند، شال، سُٿڻ ۽ جُتي پارائيندا آهن. ساڳئي وقت، ڪنوار کي سندس مائٽ يا حجامڻ گهوٽيتن جا ڏنل ڪپڙا ۽ زيور پهرائيندي آهي. پرڻيل زالون گهڻو ڪري نڪ جي سڄي يا کٻي پاسي سوني يا روپي نٿ پائينديون آهن. ٻيو، نڪ جي هيٺان بولو، جو مٿئين چپ مٿان پائينديون آهن. دنيادار ماڻهو بولي ۾ مرجان ۽ موتين يا ٻين سچن پٿرن جو جڙاءُ ڪرائيندا آهن. غريب ماڻهو چانديءَ جي هڪ لڙڪڻي تي ڪفايت ڪندا آهن، جنهن کي ”پارو“ چئبو آهي. مُنڊين تي اڪثر ميناڪاري جو ڪم ٿيل هوندو آهي، پر ڪي ته بنهه ساديون هونديون آهن. زيورن جي انگ جو آڌار ڌرين جي دولت تي هوندو آهي. شاهوڪار ماڻهو زيورن تي تمام گهڻو خرچ ڪندا آهن. سينگار کان پوءِ صدقي جي رسم، جنهن کي ”گهور“ چوندا آهن، ادا ڪندا آهن ۽ گهوٽ ڪنوار جي مٿان پئسا گهوريا ويندا آهن. پراڻا ڪپڙا حجام ۽ حجامڻ جو حق سمجهبو آهي. ڪپڙن پائڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري اهو ڪم اڌ رات کان اڳ پورو ڪونه ٿيندو آهي. ڪن هنڌن تي، اُن وقت ڪنواريتا گهوٽيتن کي چوائي موڪليندا آهن ته ڪنوار هاڻي تيار آهي، پوءِ گهوٽ اُتي ويندو آهي، جتي جماعت، مُلا ۽ ٻيا ماڻهو- جن جي نڪاح ۾ ضرورت هوندي آهي- ويٺل هوندا آهن. مُلا گهوٽ ۽ ڪنوار جو پيءُ جي وچ ۾ ويهندو آهي. پوءِ هو شرعي شاهد چونڊي ڪنوار جي گهر موڪليندا آهن. انهيءَ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنورا کي منهن تي گهونگهٽ هوندو آهي ۽ هوءَ پنهنجي شرم، حياءُ ۽ فضيلت ڏيکارڻ لاءِ، رسم موجب، چپن کي چُنو (ماٺ) لائي ويهندي آهي. نيٺ، پيءُ يا ٻيو ڪو ويجهو مائٽ موڪلبو آهي (مٿئين طبقن جا ماڻهو شاهد ڪونه موڪليندا آهن). پيءُ يا ڪو ٻيو ويجهو عزيز، وڪيل ٿيندو آهي، (جيڪڏهن ڪنوار ننڍيءَ ڄمار جي هوندي آهي، اُن کان سوال جواب ڪونه ڪندا آهن) ۽ شاهد موٽي اچي مجلس کي اطلاع ڏيندا آهن ته فلاڻو وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي. پوءِ مُلا وڪيل ڏي مُنهن ڪري پڇندو آهي؛ ”تو فلاڻي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي، فلاڻي جي پٽ، پوٽي فلاڻي جي کي ڏيڻ قبول ڪئي؟“ ڪنوار- پيءُ يا وڪيل ساڳين لفظن ۾ ”هائو“ ڪندو آهي. ائين ٽي ڀيرا ڪيو ويندو آهي. پوءِ ملا، گهوٽ کي چوندو آهي؛ ”تو نالي فلاڻي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي قبول آهي؟“ هي سوال جواب ٽي ڀيرا ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ گهوٽ شرعيت موجب ”مهر“ جو فيصلو ڪندو آهي. رقم شاهدن جي اڳيان مقرر ڪئي ويندي آهي. اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته جدا رهڻ يا طلاق جي حالت ۾ شاديءَ کان اڳ جا ڏنل زيور مڙس جي ملڪيت ٿي رهندا يا زال جا. (معزز ماڻهن ۾ ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ جيڪي ڪپڙا ملندا آهن، سي سندس ملڪيت سمجهيا ويندا آهن.) اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون سنهيون ٿلهيون ڳالهيون هونديون آهن، جن جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. اُن کان پوءِ مُلا دعا گهرندو آهي ۽ سڀ حاضرين مجلس هن سان گڏ دعا پڙهندا ويندا آهن. پوءِ، هڪ ڊگهي مناجات پڙهي ويندي آهي ۽ گهوٽ ڪنوار جي حق ۾ دعا گهري ويندي آهي. حضرت آدم ۽ بيبي حوا، حضرت ابراهيم ۽ بيبي ساران ۽ ٻين پيغمبرن سڳورن جا مبارڪ نالا ورتا ويندا آهن. جن شاديءَ جي رسم کي شرف ڏنو هو. خطبي جي ٻئي حصي ۾، مومنن کي شادي جي فضيلت ۽ درجن کان واقف ڪيو ويندو آهي. پوءِ سڀ هٿ کڻي دعا گهُرندا آهن. بس شرعي رواج ايترو آهي. ان بعد ڪن خاص لفظن ۾، مُلا گهوٽ کي مبارڪ ڏيندو آهي ۽ مجلس جا ٻيا ماڻهو به واري واري سان ائين ڪندا آهن. گهوٽ جواب ڏيندو آهي ته ”خير سلامت“. مُلان کي گهوٽ پيءُ پنهنجي خاندان جي حيثيت مطابق اجورو ڏيندو آهي. وڏا ماڻهو گهوڙا، اُٺ، سونن مُٺين واريون تلوارون، ۽ اهڙيون ٻيون قيمتي شيون ڏيندا آهن. وچولي درجي وارا ڪجهه رپيا ۽ مُٺ کجور يا مٺائي جي، غريب ماڻهو ٻه- چار ڏوڪڙ ڏيندا آهن. تنهن کان پوءِ گهوٽ جو پيءُ مهمانن کي سندن مرتبي موافق مٺائي ۽ ڪپڙا ورهائي ڏيندو آهي.[1]اٽڪل ٻين بجي رات جو گهوٽ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان سرگس تي نڪرندو آهي. ۽ هو گهوڙي تي سوار ٿي، ٻنهي گهرن جي مردن سان گڏ، گهٽين مان لنگهندو آهي. ڪن شادين ۾ زالون پٺيان راڳ ڳائينديون اينديون آهن ۽ اڳيان بازيگر تراريون ڪڍي دُهلن،نادن ۽ بندوقن جي ٺڪائن تي ناچ ڪندا هلندا آهن. اهڙيءَ ريت اُهي ڪنوار جي گهر ڪلاڪ کن ۾ پهچي ويندا آهن. ڪنوار جو هڪ ويجهو عزيز، گهوٽ کي هٿ ڏئي، گهوڙي تان لاهي اندر وٺي ويندو آهي. سرگس سان گڏ جي زالون هونديون آهن، سي به اندر وينديون آهن. پوءِ ڄاڃي اُتي وڃي گڏ ٿيندا آهن. جتي هو اڳئين ڏينهن شام جو ويٺل هئا. اُتي ڪجهه دير ويهي، پوءِ ٽڙي پکڙي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويندا آهن. ڪنواريتن ۾ گهوٽ کي زالون اندر وٺي وينديون آهن، جتي اُهي ڪيترا ساٺ سڳن ڪنديون آهن. انهن ساٺن لاءِ ڪنهن وقت شايد اخلاقي ضرورت هئي، پر هاڻي بلڪل بي معنيٰ آهن. اڪثر ڪري، هن قسم جا سڳن ساٺ ڪيا ويندا آهن. گهوٽ کي ڪنوار اڳيان اولهه طرف ڏي مُنهن ڪرائي کٽ تي ويهاريو ويندو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وهاڻو رکيو ويندو آهي. پوءِ هڪ سهاڳڻ ”لانئن ڏيڻ“ جي رسم ادا ڪندي آهي. هن کانپوءِ ”ڦل چونڊڻ“ جي رسم ٿيندي آهي. ڪا سهاڳڻ، ڪنوار جي مٿان ڪپهه جا ڪيسري يا هيڊي رنگ جا ڦُل اُڇلائيندي آهي. گهوٽ، ڦُل چونڊي پاسي رکندو آهي. پوءِ ڪنوار جي سڄي هٿ ۾ هڪ کارڪ ڏئي چوندا آهن ته قابو جهلي ويهه. گهوٽ اها کانئس کسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر هن کي هڪ هٿ ڪم آڻڻو پوندو آهي. تنهن ڪري هو اڪثر ناڪام ٿيندو آهي ۽ ان ڳالهه تي زالن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو آهي. جيڪڏهن گهوٽ به کل ۾ شامل ٿيندو آهي، ته پوءِ کيس پنجين رپئين جي مٺائي ڏيڻي پوندي آهي. پوءِ سُڳڻ ڪيا ويندا آهن، ۽ جڏهن سڀ سُڳڻ ساٺ پورا ٿيندا آهن، تڏهن سهاڳڻ، گهوٽ- ڪنوار کي کٽ تان اُٿاري، پکي ۾ يا کُڏ تي وٺي ويندي آهي. اندر وڃڻ کان اڳ ڪنوار جي ڀيڻ يا سئوٽ، گهوٽ کي جهلي کانئس خرچي گهُرندي آهي. ان کان پوءِ دربند ڪيو ويندو آهي. گهوٽ- ڪنوار واري ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان سُٺو وقت اڌ رات کان وٺي پرهه ڦُٽي تائين ليکيو ويندو آهي. ٻنهي گهرن جون زالون سڄي رات ڳائڻ، چرچا گهٻا ڪرڻ ۽ کائڻ ۾ گذارينديون آهن. سج اُڀريي وقت ڪنوار جي ماءُ اچي سُتلن کي ياد ڏياريندي آهي ته وهنجڻ ۽ ڪپڙن بدلائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ماڻهن ۾ رواج آهي ته گهوٽ ساهراڻي گهر ۾ ست ڏينهن ۽ ست راتيون گذاريندو آهي، اُن کان پوءِ زال مڙس پنهنجي گهر ويندا آهن. ننڍا ٻار پرڻبا آهن ته به انهن کي گڏ سمهاريندا ۽ هڪ گهر ۾ رهائيندا آهن. پهرين ٻار ڄمڻ تائين ڪنوار کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهڻو ڪري جمع ڏينهن، پيڪي وڃڻ جي موڪل هوندي آهي. پهرين ٻار ڄمڻ کان پوءِ هن کي عيد- براد تي ڇڏيندا آهن. ڪنوار کي اڪثر ڪري اُٿڻ ويهڻ جي آزادي هوندي آهي. زالن جي دل تي اهو اثر ضرور ويهاريو ويندو آهي ته مڙس جي موڪل کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ وڏو گناهه جو ڪم آهي......... گهوٽ ڪنوار کي حُور چوندا آهن. ”شال هميشه نورا پائي“ جو مطلب هو ته بيوهه نه ٿئي. وڌوائن کي زيورن پائڻ جي منع هوندي آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  2. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ