مواد ڏانھن هلو

سڱ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڱ: نالا: ع. قرن، ف. شاخ، هه. وغيره___ سينگ، سرون ۽ شاخ.[1]سنسڪرت لفظ ”شونگ“ جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”سڱ“ (Horn) ۽ ان مان ”شارنگ“ لفظ ٺهيو آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”سينڱ“؛ پر بنيادي معنيٰ اٿس ”سڱ مان ٺهيل“. سنڌيءَ مان ”سڱ“ جو اچار ڦري ”هڱ“ به ٿيو آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”سڪل ادرڪ“، جا هرڻ جي سڱ وانگر وراڪن سان يا پيچيندار ٿئي ٿي. سنسڪرت ۾ به ”شارنگ“ لفظ جي معنيٰ اهي ”سڱه“ توڙي ”هڱه“.[2]

جانور جي مٿي تي سخت گول آڏا ٽيڏا ڪاراڻ تي مائل ٿيندا آهن.

خاصيت: هرڻ ۽ ڦاڙهي جي سنڱن جو ٻورو ماکيءَ ۾گڏي کارائبو ته بواسير ۽ حيض جي رت کي بند ڪندو. مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ [1]مفيد آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4.  Missing or empty |title= (مدد)}