پوشاڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


جيڪولين ڪينيڊي جو زردالو واري رنگ جو لباس

پوشاڪ يا لباس: جيڪا شي انساني بدن کي ڍڪي ته ان کي پوشاڪ، چئبو آهي. پوشاڪ، فارسي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي؛ ڪپڙا، لٽا يا وڳو. پوشاڪ کي ”لباسُ“ به چئبو آهي. هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي؛ روپ، شڪل يا ويس. انگريزيءَ ۾ ان کي ”ڊريس“ (Dress) سڏبو آهي. پوشاڪ ۾ اُن، چَم جو پوش، ڏاس ، ريشم، سڻي، ڪپهه، لوهه جي زرهه ، ملس (اُٺ جا وار) 7 وڻن جا پن وغيره انساني جسم جي ڍڪڻ لاءِ قديم زماني کان استعمال ٿيندا رهيا آهن. عام طرح سٺي يا وڻندڙ پوشاڪ پهريندڙ کي ”پوشاڪي“ ڪوٺنبو آهي. ڪنهن به ملڪ جي پوشاڪ، اتان جي تهذيب ۽ ثقافت جي صحيح سُڃاڻپ بڻجي وڃي ٿي. پوشاڪ سان انسان موسمي اثرات کان محفوظ رهي ٿو؛ ۽ اهائي پوشاڪ ڀلي ليکجي ٿي؛ جنهن ۾ حيا ۽ شرم جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. پوءِ جنهن پوشاڪ ۾ اهي خوبيون نه ٿيون رهن ته اها اسلامي نڪته نگاهه کان ڄڻ بي مقصد ۽ بيڪار آهي. مطلب ته هر قوم کي آب و هوا، پنهنجي پيداوار ۽ مذهبي ريتن رسمن موجب پوشاڪ پهرڻ جي خاص خواهش رهي ٿي. عورت ۽ مرد لاءِ خوبصورت ويس وڏي اهميت جي مترادف آهي. ٽوپي يا پٽڪو، قميص سلوار _ لباس ۾ شامل آهن. اهڙيءَ طرح بوٽ، جُتي، چاکڙي، چمپل، سپاٽو، سينڊل يا گيتلو وغيره به لباس جو حصو آهن. پوشاڪ پائڻ وقت مرضيءَ کي مُسلط رکيو وڃي ٿو؛ انهيءَ ڪري پهريندڙ کي نه فقط خوشي حاصل ٿئي ٿي. پر ان سان گڏ سندس شخصيت به انفرادي انداز ۾ انمول حيثيت سان اُڀري اچي ٿي.[1] اُن ۽ ڪپهه مان ڪپڙو اُڻڻ جو دستور وڌيو؛ ۽ اُڻيل ڪپڙي مانٽويلو، توپي،پڳ (پٽڪو يا دستار) پوتڙو (ڌوتي ياگوڏ) پهرياڻ (چوار يا قميصجامو (وڏو چولوذسٿڻ (پاجامو، پتلون، سلوار يا ساڙهي) شيرواني، صدري (واسڪوٽ) ۽ڪوٽ (چوغو) وغيره تيار ٿيا.

ھڪ بنگالي ڇوڪرو گوڏ ۾

وقت جي وهڪري ۾ اڃا به پوشاڪ ۾ وڌيڪ زيبائش سببان نزاڪت وڌي وئي. لباس خريد ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته اُن ۾ پنهنجي پسند جو ڪيترو عمل دخل شامل آهي. عام طرح چوڻي آهي ته ”کائو دل پسند ۽ پهريو لوڪ پسند. انهيءَ ڪري پوشاڪ جي تياريءَ ۾ ماڻهن ۾ اها ڳالهه عام ڏسڻ ۾ آئي آهي ته مردن کان وڌيڪ عورتون پوشاڪ جي معاملي ۾ ماڳهين متواليون ۽ مُکيار رهيون آهن. کين گهڻي ڀاڱي ڳاڙهو رنگ زياده وڻندو آهي. سندن مقابلي ۾ وري مرد هروڀرو اُٻهرا نه ٿا ٿين. هُو، وقت جي تقاضائن تهت، هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي پوشاڪ کي مروج ۽ مساوي طريقي سان مستعمل رکندا اچن ٿا. فيشن کي اختيار ڪرڻ وقت ٻنهي ڌُرين لاءِ شخصيت ۽ عمر کي مد نظر رکڻ گهرجي. اهڙي سوچ سنوارڻ سان انسان جي مرڪزي حيثيت متاثر نه ٿي ٿئي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پوشاڪ جو نمونو هر ٻئي _ ٽئين سال ۾ تيريءَ سان بدلجندو رهي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي به وڃو ته اوهان کي لباس جو مٽيل نمونو ملندو رهي ٿو. حالتن ۽ وقت جو به وڏو اثر پوشاڪ تي پوي ٿو. ماضي قريب ۾ زالون، هٿ سان ڀريل خوش رنگن ۾ وڳا پسند ڪنديون هيون ۽ اڄ ڪلهه اها هٿ جي محنت، مشينن جي مقابلي ۾ بالڪل گهٽجي وئي آهي؛ ۽ هاڻي ته عجيب قسم جون پوشاڪون اچي پڙ تي پهتيون آهن؛ جو ڏسڻ سوٽي ڪپڙو هر هڪ تي ننڍا وڏا گل، قسمين قسمين رنگن ۾ ڇپيل ٿين ٿا، جن کي ڏسي عورتن ۾ بي انتها خريد ڪرڻ جي خواهش وڌي وئي آهي.

عنائب گھر ۾ رکيل سن 1880 جي پورچوگال ۾ عورتن جي پوشاڪ

زندهه قومون پوشاڪ جي معاملي ۾ پنهنجي تهذيب ۽ وڏڙن واري ورثي کي بقادار بڻائينديون اچن ٿيون. خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پياري پاڪستان ۾ تقريباً هر صوبي ۾ لباس جو طريقو لڳ ڀڳ هڪجهڙو نظر اچي ٿو .[1] جيڪڏھن ڪٿي ڪو ٿورو به فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو معمولي آهي. عورت هجي يا مرد ٻنهي لاءِ سلوار ۽ قميص بيحد دولائتي بڻيل آهي. زيورات وغيره ۾ به پاڪستان علاقائي برابريءَ جي ڏک ڏئي ٿو. اسان وٽ مردن جي لباس، خاص طور تي سنڌ جي اَجرڪ جي دلفريبي مختلف ڊزائنن ۾ ٻين ملڪن کي به پسند پيل آهي. پلوچستان جي ڀرت ٿر جي حسين جميل نقش نگاري، پنجاب جي سئيءَ سان سينگاريل جڙاوت ۽ سرحد ۾ شيشي سان مُزين پوشاڪون وڏي چاهه جو سامان سهيڙن ٿيون اڃا به نظر ڦيرائي ڏسبي ته اسان کي چترال سوات ۽ ڪشميري لباس ۾ مثالي ڪشش نظر ايندي. پاڪستاني عورتن جو پورهيو پوري دنيا ۾ ساراهيو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ به چڱي چوکي واڌ آئي اهي. سندن ڀريل ۽ سبيل ڪُڙتا وڏي ملهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري مٿي تي پيل سنڌي توپُ جو ته ڪم سون روپين جي محنت ماڻي ٿو. ٻهراڙيءَ جون عورتون، ٽوپن مان جهجهو ناڻو ڪمائين ٿيون. سچ پچ اُهي عورتون جن کي تعليم جي زيور کان بلڪل پري رکيو ويو آهي؛ انهن کي معاشري ۾ مثالي مقام سندن هٿ جي پورهيي ۽ مخصوص لباس جوڙڻ سان اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان حاصل ٿيو آهي.

Sindhi ajrak

پوشاڪ، جو معاملو هر قوم ۽ هر ملڪ جو مسئلو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لباسُ کي لائق بنائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن رواج ۾ ترقي ۽ واڌ ٿيندي رهي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته اوگهڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ زيب زينت طرف گهڻو توجه ڏنو وڃي ٿو. پوءِ جيڪو ماڻهو رنگ برنگي ڪپڙا نه ٿو پائي ته اهو سراسر جهنگلي، ڄٽ يا غير مهذب سڏجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان انسان ذت لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پوشاڪ جو مسئلو بڻجي پيو آهي. ويچارا شريف ماڻهو پيٽ کي پٽيون ٻڌي به پوشاڪ جو پورائو ڪن ٿا. اڄ جي ماحول آهي. پوءِ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڀل کڻي اندر اڳڙيون ۽ کيسا خالي ڇو نه هجن. بس، پوشاڪ ۾ پيوند ڪاري ڀليءَ ڀت ٿيل هجي.پوشاڪ جي سلسلي ۾ لٽي ڪپڙي سان گڏ ڳهه ڳٺن جو به قدر ڄاتو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن پازيب ۽ پونچن تائين ڪنهن جي پهچ نه ٿي ٿئي ته بولي ۽ نٿ تائين ته جيئن تيئن ڪري ماڻهو پهچي وڃي ٿو، ۽ ان سان گڏ چوڙين (ڪنگھڻين) ۽ چندن هار جو هجڻ به عورتن وٽ فخر ڄاتو وڃي ٿو. مسڪين ماڻهو ڀل کڻي پني يا پاڻ کي ڳهه رکي، مگر زال زائفان جي انگل کي ضرور اڳتي ڪندو. آڳاٽي زماني ۾ پوشاڪ بابت ڪجهه پابنديون عائد ٿيل هيون. خاص طور تي سنڌ ۾ مسلمان ڪڏهن به ڌوتي نه ٻڌندو هو ۽ نه وري هندوءَ لاءِ لازمي هو ته هو گاهي به پڳ يا سلوار پهريندو. هينئر ته سڀڪو خاني خان ٿي پيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل پوشاڪ جي معاملي ۾ گهڻو بدلجي چڪو آهي. ورهاڱي کان پوءِ زناني سٿڻ مٽجي ساڙهيءَ جي جاءِ ورتي آهي ۽ مردن جي سلوار وڃي سوٽ جي شڪل والاري آهي. هاڻي ته عييسائي، مسلمان ۽ هندوءَ جو به ڪو واضح فرق محسوس نه ٿو ٿئي. البت ٿورو ڪي گهڻو نالي کڻڻ مان پتو پوي ٿو ۽ باقي آهي خير خدا جو. مطلب ته پوشاڪ جي معاملي ۾ مڙئي وڃي هڪ جهڙا بيٺل نظر اچن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر ڀولائي فقير به ٽوپلو ٽڪڻ تي رکي، صاحب لوڪ جي ڏک ڏين ٿا. سچ پچ جيڪڏهن هن ڏس ۾ جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا ته ٿورو وقت ۾ پوتيءَ جي پت ۽ لنگيءَ جي لَڄَ قائم رهڻ مشڪل ٿي پوندي. اسان کي گهرجي ته پوشاڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تهذيبي ورثي کي بقادار بڻايون ۽ اهوئي تشخص قومن جي حقيقي سڃاڻپ لاءِ انتهائي سهائتو ۽ سيبائتو بڻجي ٿو. موقعي ۽ مناسبت سان پهريل پوشاڪ، انساني امنگن جي ڀرپور عڪاسي هڪ پاسي آشڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اُن جي شخصيت کي آسڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اهم ڪردار اڪا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ماڻهن کي متاثر ڪندڙ لباس ئي ته فقط متوجه بڻائي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ فطري سونهن کي به تقويت پهچائڻ ۾ مکيه مددگار ثابت ٿئي ٿو.جي حسين جميل نقش نگاري، پنجاب جي سئيءَ سان سينگاريل جڙاوت ۽ سرحد ۾ شيشي سان مُزين پوشاڪون وڏي چاهه جو سامان سهيڙن ٿيون اڃا به نظر ڦيرائي ڏسبي ته اسان کي چترال سوات ۽ ڪشميري لباس ۾ مثالي ڪشش نظر ايندي.[1] پاڪستاني عورتن جو پورهيو پوري دنيا ۾ ساراهيو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ به چڱي چوکي واڌ آئي اهي. سندن ڀريل ۽ سبيل ڪُڙتا وڏي ملهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري مٿي تي پيل سنڌي توپُ جو ته ڪم سون روپين جي محنت ماڻي ٿو. ٻهراڙيءَ جون عورتون، ٽوپن مان جهجهو ناڻو ڪمائين ٿيون. سچ پچ اُهي عورتون جن کي تعليم جي زيور کان بلڪل پري رکيو ويو آهي؛ انهن کي معاشري ۾ مثالي مقام سندن هٿ جي پورهيي ۽ مخصوص لباس جوڙڻ سان اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان حاصل ٿيو آهي. پوشاڪ، جو معاملو هر قوم ۽ هر ملڪ جو مسئلو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لباسُ کي لائق بنائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن رواج ۾ ترقي ۽ واڌ ٿيندي رهي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته اوگهڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ زيب زينت طرف گهڻو توجه ڏنو وڃي ٿو. پوءِ جيڪو ماڻهو رنگ برنگي ڪپڙا نه ٿو پائي ته اهو سراسر جهنگلي، ڄٽ يا غير مهذب سڏجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان انسان ذت لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پوشاڪ جو مسئلو بڻجي پيو آهي. ويچارا شريف ماڻهو پيٽ کي پٽيون ٻڌي به پوشاڪ جو پورائو ڪن ٿا. اڄ جي ماحول آهي. پوءِ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڀل کڻي اندر اڳڙيون ۽ کيسا خالي ڇو نه هجن. بس، پوشاڪ ۾ پيوند ڪاري ڀليءَ ڀت ٿيل هجي. پوشاڪ جي سلسلي ۾ لٽي ڪپڙي سان گڏ ڳهه ڳٺن جو به قدر ڄاتو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن پازيب ۽ پونچن تائين ڪنهن جي پهچ نه ٿي ٿئي ته بولي ۽ نٿ تائين ته جيئن تيئن ڪري ماڻهو پهچي وڃي ٿو، ۽ ان سان گڏ چوڙين (ڪنگھڻين) ۽ چندن هار جو هجڻ به عورتن وٽ فخر ڄاتو وڃي ٿو. مسڪين ماڻهو ڀل کڻي پني يا پاڻ کي ڳهه رکي، مگر زال زائفان جي انگل کي ضرور اڳتي ڪندو. آڳاٽي زماني ۾ پوشاڪ بابت ڪجهه پابنديون عائد ٿيل هيون. خاص طور تي سنڌ ۾ مسلمان ڪڏهن به ڌوتي نه ٻڌندو هو ۽ نه وري هندوءَ لاءِ لازمي هو ته هو گاهي به پڳ يا سلوار پهريندو. هينئر ته سڀڪو خاني خان ٿي پيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل پوشاڪ جي معاملي ۾ گهڻو بدلجي چڪو آهي. ورهاڱي کان پوءِ زناني سٿڻ مٽجي ساڙهيءَ جي جاءِ ورتي آهي ۽ مردن جي سلوار وڃي سوٽ جي شڪل والاري آهي. هاڻي ته عييسائي، مسلمان ۽ هندوءَ جو به ڪو واضح فرق محسوس نه ٿو ٿئي. البت ٿورو ڪي گهڻو نالي کڻڻ مان پتو پوي ٿو ۽ باقي آهي خير خدا جو. مطلب ته پوشاڪ جي معاملي ۾ مڙئي وڃي هڪ جهڙا بيٺل نظر اچن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر ڀولائي فقير به ٽوپلو ٽڪڻ تي رکي، صاحب لوڪ جي ڏک ڏين ٿا. سچ پچ جيڪڏهن هن ڏس ۾ جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا ته ٿورو وقت ۾ پوتيءَ جي پت ۽ لنگيءَ جي لَڄَ قائم رهڻ مشڪل ٿي پوندي.[1] اسان کي گهرجي ته پوشاڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تهذيبي ورثي کي بقادار بڻايون ۽ اهوئي تشخص قومن جي حقيقي سڃاڻپ لاءِ انتهائي سهائتو ۽ سيبائتو بڻجي ٿو. موقعي ۽ مناسبت سان پهريل پوشاڪ، انساني امنگن جي ڀرپور عڪاسي هڪ پاسي آشڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اُن جي شخصيت کي آسڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اهم ڪردار اڪا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ماڻهن کي متاثر ڪندڙ لباس ئي ته فقط متوجه بڻائي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ فطري سونهن کي به تقويت پهچائڻ ۾ مکيه مددگار ثابت ٿئي ٿو. پر ڪشش عورتون گهڻو ڪري لباس جو سهارو نه وٺنديون آهن. هُو بهتر طريقي سان پنهنجي سوچ کي سوائي ترجيح ڏينديون آهن، ۽ ڪڏهن به فيشن جون محتاج نه ٿيون ٿين. وٽن ظاهري ٺاٺ باٺ کان وڌيڪ حقيقي خوبي جنم وٺي ٿي. راجستاني زالون پوشاڪ جي معاملي ۾ زياده خوش پوش، شائستا ۽ مهذب رنگ ڍنگ جو مظاهرو ڪن ٿيو. اڄ ڪلهه هڪ ئي نيم جو لباس شهرن خواهه ڳوٺن ۾ زياده مقبول آهي.[1]

گئلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 {رسالو: سرتيون؛ مضمون :پوشاڪ يا لباس ؛از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ آپريل 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}