مواد ڏانھن هلو

پوشاڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيوٽو ٽوئي ڪيوٽو اسٽوڊيو پارڪ م ايگامورا فلم سيٽ تي سامورائي لباس ۾ اداڪار

پوشاڪ (Costume) هڪ فرد يا گروهه جي لباس ۽ سينگار جو مخصوص انداز آهي، جيڪو طبقي، جنس، پيشي، نسل، قوميت، سرگرمي يا دور کي ظاهر ڪري ٿو. مختصر طور تي، ثقافت آهي.

اصطلاح روايتي طور تي ڪجهه سرگرمين لاءِ عام هڪ مناسب لباس کي بيان ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو هو، جهڙوڪ سواري جو لباس، تيراڪي جو لباس، ناچ جو لباس ۽ شام جو لباس. مناسب ۽ قابل قبول لباس يا پوشاڪ فيشن ۽ مقامي ثقافتي معيارن ۾ تبديلين جي تابع آهي.[1]

پر سيبل (هڪ قسم جو چادر) وڌيڪ گاڏين ۾، آئيوري ساٽن جي مٿان حقيقي ليس سان ڍڪيل ۽ منجهند جي استقبال لاءِ مناسب ڪجهه سمارٽ لباس تي پائڻ لاء وڌيڪ مناسب آهي." لنڊن مان هڪ عورت جو خط (23 نومبر 1899)[2]

هي عام استعمال بتدريج "لباس" جي اصطلاحن سان تبديل ٿي ويو آهي ۽ "لباس" جو استعمال غير معمولي يا پراڻي لباس ۽ سڃاڻپ ۾ تبديلي کي جنم ڏيڻ لاءِ لباس تائين محدود ٿي ويو آهي، جهڙوڪ ٿيٽر، هالووین ۽ ماسڪوٽ جا لباس.

پائڻ لاءِ تيار لباس جي آمد کان اڳ، ڪپڙا هٿ سان ٺاهيا ويندا هئا. جڏهن تجارتي وڪري لاءِ، 20هين صدي جي شروعات جي آخر ۾، "ڪسٽوميئرز"، اڪثر ڪري عورتون جيڪي ڪاروبار هلائينديون هيون، جيڪيون پيچيده عورتن جي لباس، ملائنري ۽ ڪورسيٽري سميت، جي طلب کي پورو ڪنديون هيون، پاران ٺاهيا ويندا هئا.[3]

جيڪولين ڪينيڊي جو زردالو واري رنگ جو لباس

پوشاڪ يا لباس: جيڪا شي انساني بدن کي ڍڪي ته ان کي پوشاڪ، چئبو آهي. پوشاڪ، فارسي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي؛ ڪپڙا، لٽا يا وڳو. پوشاڪ کي ”لباسُ“ به چئبو آهي. هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي؛ روپ، شڪل يا ويس. انگريزيءَ ۾ ان کي ”ڊريس“ (Dress) سڏبو آهي. پوشاڪ ۾ اُن، چَم جو پوش، ڏاس ، ريشم، سڻي، ڪپهه، لوهه جي زرهه ، ملس (اُٺ جا وار) 7 وڻن جا پن وغيره انساني جسم جي ڍڪڻ لاءِ قديم زماني کان استعمال ٿيندا رهيا آهن. عام طرح سٺي يا وڻندڙ پوشاڪ پهريندڙ کي ”پوشاڪي“ ڪوٺنبو آهي. ڪنهن به ملڪ جي پوشاڪ، اتان جي تهذيب ۽ ثقافت جي صحيح سُڃاڻپ بڻجي وڃي ٿي. پوشاڪ سان انسان موسمي اثرات کان محفوظ رهي ٿو؛ ۽ اهائي پوشاڪ ڀلي ليکجي ٿي؛ جنهن ۾ حيا ۽ شرم جون گهرجون پوريون ٿين ٿيون. پوءِ جنهن پوشاڪ ۾ اهي خوبيون نه ٿيون رهن ته اها اسلامي نڪته نگاهه کان ڄڻ بي مقصد ۽ بيڪار آهي. مطلب ته هر قوم کي آب و هوا، پنهنجي پيداوار ۽ مذهبي ريتن رسمن موجب پوشاڪ پهرڻ جي خاص خواهش رهي ٿي. عورت ۽ مرد لاءِ خوبصورت ويس وڏي اهميت جي مترادف آهي. ٽوپي يا پٽڪو، قميص سلوار _ لباس ۾ شامل آهن. اهڙيءَ طرح بوٽ، جُتي، چاکڙي، چمپل، سپاٽو، سينڊل يا گيتلو وغيره به لباس جو حصو آهن. پوشاڪ پائڻ وقت مرضيءَ کي مُسلط رکيو وڃي ٿو؛ انهيءَ ڪري پهريندڙ کي نه فقط خوشي حاصل ٿئي ٿي. پر ان سان گڏ سندس شخصيت به انفرادي انداز ۾ انمول حيثيت سان اُڀري اچي ٿي.[4] اُن ۽ ڪپهه مان ڪپڙو اُڻڻ جو دستور وڌيو؛ ۽ اُڻيل ڪپڙي مان ٽويلو، توپي، پڳ (پٽڪو يا دستار) پوتڙو (ڌوتي يا گوڏ) پهرياڻ (چوار يا قميصجامو (وڏو چولوذسٿڻ (پاجامو، پتلون، سلوار يا ساڙهي) شيرواني، صدري (واسڪوٽ) ۽ ڪوٽ (چوغو) وغيره تيار ٿيا.

ھڪ بنگالي ڇوڪرو گوڏ ۾

وقت جي وهڪري ۾ اڃا به پوشاڪ ۾ وڌيڪ زيبائش سببان نزاڪت وڌي وئي. لباس خريد ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته اُن ۾ پنهنجي پسند جو ڪيترو عمل دخل شامل آهي. عام طرح چوڻي آهي ته ”کائو دل پسند ۽ پهريو لوڪ پسند. انهيءَ ڪري پوشاڪ جي تياريءَ ۾ ماڻهن ۾ اها ڳالهه عام ڏسڻ ۾ آئي آهي ته مردن کان وڌيڪ عورتون پوشاڪ جي معاملي ۾ ماڳهين متواليون ۽ مُکيار رهيون آهن. کين گهڻي ڀاڱي ڳاڙهو رنگ زياده وڻندو آهي. سندن مقابلي ۾ وري مرد هروڀرو اُٻهرا نه ٿا ٿين. هُو، وقت جي تقاضائن تهت، هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي پوشاڪ کي مروج ۽ مساوي طريقي سان مستعمل رکندا اچن ٿا. فيشن کي اختيار ڪرڻ وقت ٻنهي ڌُرين لاءِ شخصيت ۽ عمر کي مد نظر رکڻ گهرجي. اهڙي سوچ سنوارڻ سان انسان جي مرڪزي حيثيت متاثر نه ٿي ٿئي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پوشاڪ جو نمونو هر ٻئي _ ٽئين سال ۾ تيريءَ سان بدلجندو رهي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي به وڃو ته اوهان کي لباس جو مٽيل نمونو ملندو رهي ٿو. حالتن ۽ وقت جو به وڏو اثر پوشاڪ تي پوي ٿو. ماضي قريب ۾ زالون، هٿ سان ڀريل خوش رنگن ۾ وڳا پسند ڪنديون هيون ۽ اڄ ڪلهه اها هٿ جي محنت، مشينن جي مقابلي ۾ بالڪل گهٽجي وئي آهي؛ ۽ هاڻي ته عجيب قسم جون پوشاڪون اچي پڙ تي پهتيون آهن؛ جو ڏسڻ سوٽي ڪپڙو هر هڪ تي ننڍا وڏا گل، قسمين قسمين رنگن ۾ ڇپيل ٿين ٿا، جن کي ڏسي عورتن ۾ بي انتها خريد ڪرڻ جي خواهش وڌي وئي آهي.

عنائب گھر ۾ رکيل سن 1880 جي پورچوگال ۾ عورتن جي پوشاڪ

زندهه قومون پوشاڪ جي معاملي ۾ پنهنجي تهذيب ۽ وڏڙن واري ورثي کي بقادار بڻائينديون اچن ٿيون. خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پياري پاڪستان ۾ تقريباً هر صوبي ۾ لباس جو طريقو لڳ ڀڳ هڪجهڙو نظر اچي ٿو .[4] جيڪڏھن ڪٿي ڪو ٿورو به فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو معمولي آهي. عورت هجي يا مرد ٻنهي لاءِ سلوار ۽ قميص بيحد دولائتي بڻيل آهي. زيورات وغيره ۾ به پاڪستان علاقائي برابريءَ جي ڏک ڏئي ٿو. اسان وٽ مردن جي لباس، خاص طور تي سنڌ جي اَجرڪ جي دلفريبي مختلف ڊزائنن ۾ ٻين ملڪن کي به پسند پيل آهي. پلوچستان جي ڀرت ٿر جي حسين جميل نقش نگاري، پنجاب جي سئيءَ سان سينگاريل جڙاوت ۽ سرحد ۾ شيشي سان مُزين پوشاڪون وڏي چاهه جو سامان سهيڙن ٿيون اڃا به نظر ڦيرائي ڏسبي ته اسان کي چترال سوات ۽ ڪشميري لباس ۾ مثالي ڪشش نظر ايندي. پاڪستاني عورتن جو پورهيو پوري دنيا ۾ ساراهيو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ به چڱي چوکي واڌ آئي اهي. سندن ڀريل ۽ سبيل ڪُڙتا وڏي ملهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري مٿي تي پيل سنڌي توپُ جو ته ڪم سون روپين جي محنت ماڻي ٿو. ٻهراڙيءَ جون عورتون، ٽوپن مان جهجهو ناڻو ڪمائين ٿيون. سچ پچ اُهي عورتون جن کي تعليم جي زيور کان بلڪل پري رکيو ويو آهي؛ انهن کي معاشري ۾ مثالي مقام سندن هٿ جي پورهيي ۽ مخصوص لباس جوڙڻ سان اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان حاصل ٿيو آهي.

Sindhi ajrak

پوشاڪ، جو معاملو هر قوم ۽ هر ملڪ جو مسئلو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لباسُ کي لائق بنائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن رواج ۾ ترقي ۽ واڌ ٿيندي رهي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته اوگهڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ زيب زينت طرف گهڻو توجه ڏنو وڃي ٿو. پوءِ جيڪو ماڻهو رنگ برنگي ڪپڙا نه ٿو پائي ته اهو سراسر جهنگلي، ڄٽ يا غير مهذب سڏجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان انسان ذت لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پوشاڪ جو مسئلو بڻجي پيو آهي. ويچارا شريف ماڻهو پيٽ کي پٽيون ٻڌي به پوشاڪ جو پورائو ڪن ٿا. اڄ جي ماحول آهي. پوءِ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڀل کڻي اندر اڳڙيون ۽ کيسا خالي ڇو نه هجن. بس، پوشاڪ ۾ پيوند ڪاري ڀليءَ ڀت ٿيل هجي.پوشاڪ جي سلسلي ۾ لٽي ڪپڙي سان گڏ ڳهه ڳٺن جو به قدر ڄاتو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن پازيب ۽ پونچن تائين ڪنهن جي پهچ نه ٿي ٿئي ته بولي ۽ نٿ تائين ته جيئن تيئن ڪري ماڻهو پهچي وڃي ٿو، ۽ ان سان گڏ چوڙين (ڪنگھڻين) ۽ چندن هار جو هجڻ به عورتن وٽ فخر ڄاتو وڃي ٿو. مسڪين ماڻهو ڀل کڻي پني يا پاڻ کي ڳهه رکي، مگر زال زائفان جي انگل کي ضرور اڳتي ڪندو. آڳاٽي زماني ۾ پوشاڪ بابت ڪجهه پابنديون عائد ٿيل هيون. خاص طور تي سنڌ ۾ مسلمان ڪڏهن به ڌوتي نه ٻڌندو هو ۽ نه وري هندوءَ لاءِ لازمي هو ته هو گاهي به پڳ يا سلوار پهريندو. هينئر ته سڀڪو خاني خان ٿي پيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل پوشاڪ جي معاملي ۾ گهڻو بدلجي چڪو آهي. ورهاڱي کان پوءِ زناني سٿڻ مٽجي ساڙهيءَ جي جاءِ ورتي آهي ۽ مردن جي سلوار وڃي سوٽ جي شڪل والاري آهي. هاڻي ته عييسائي، مسلمان ۽ هندوءَ جو به ڪو واضح فرق محسوس نه ٿو ٿئي. البت ٿورو ڪي گهڻو نالي کڻڻ مان پتو پوي ٿو ۽ باقي آهي خير خدا جو. مطلب ته پوشاڪ جي معاملي ۾ مڙئي وڃي هڪ جهڙا بيٺل نظر اچن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر ڀولائي فقير به ٽوپلو ٽڪڻ تي رکي، صاحب لوڪ جي ڏک ڏين ٿا. سچ پچ جيڪڏهن هن ڏس ۾ جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا ته ٿورو وقت ۾ پوتيءَ جي پت ۽ لنگيءَ جي لَڄَ قائم رهڻ مشڪل ٿي پوندي. اسان کي گهرجي ته پوشاڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تهذيبي ورثي کي بقادار بڻايون ۽ اهوئي تشخص قومن جي حقيقي سڃاڻپ لاءِ انتهائي سهائتو ۽ سيبائتو بڻجي ٿو. موقعي ۽ مناسبت سان پهريل پوشاڪ، انساني امنگن جي ڀرپور عڪاسي هڪ پاسي آشڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اُن جي شخصيت کي آسڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اهم ڪردار اڪا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ماڻهن کي متاثر ڪندڙ لباس ئي ته فقط متوجه بڻائي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ فطري سونهن کي به تقويت پهچائڻ ۾ مکيه مددگار ثابت ٿئي ٿو.جي حسين جميل نقش نگاري، پنجاب جي سئيءَ سان سينگاريل جڙاوت ۽ سرحد ۾ شيشي سان مُزين پوشاڪون وڏي چاهه جو سامان سهيڙن ٿيون اڃا به نظر ڦيرائي ڏسبي ته اسان کي چترال سوات ۽ ڪشميري لباس ۾ مثالي ڪشش نظر ايندي.[4] پاڪستاني عورتن جو پورهيو پوري دنيا ۾ ساراهيو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ به چڱي چوکي واڌ آئي اهي. سندن ڀريل ۽ سبيل ڪُڙتا وڏي ملهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري مٿي تي پيل سنڌي توپُ جو ته ڪم سون روپين جي محنت ماڻي ٿو. ٻهراڙيءَ جون عورتون، ٽوپن مان جهجهو ناڻو ڪمائين ٿيون. سچ پچ اُهي عورتون جن کي تعليم جي زيور کان بلڪل پري رکيو ويو آهي؛ انهن کي معاشري ۾ مثالي مقام سندن هٿ جي پورهيي ۽ مخصوص لباس جوڙڻ سان اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان حاصل ٿيو آهي. پوشاڪ، جو معاملو هر قوم ۽ هر ملڪ جو مسئلو آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لباسُ کي لائق بنائڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن رواج ۾ ترقي ۽ واڌ ٿيندي رهي ٿي. ايتري قدر جو هاڻي ته اوگهڙ ڍڪڻ کان وڌيڪ زيب زينت طرف گهڻو توجه ڏنو وڃي ٿو. پوءِ جيڪو ماڻهو رنگ برنگي ڪپڙا نه ٿو پائي ته اهو سراسر جهنگلي، ڄٽ يا غير مهذب سڏجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان انسان ذت لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پوشاڪ جو مسئلو بڻجي پيو آهي. ويچارا شريف ماڻهو پيٽ کي پٽيون ٻڌي به پوشاڪ جو پورائو ڪن ٿا. اڄ جي ماحول آهي. پوءِ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڀل کڻي اندر اڳڙيون ۽ کيسا خالي ڇو نه هجن. بس، پوشاڪ ۾ پيوند ڪاري ڀليءَ ڀت ٿيل هجي. پوشاڪ جي سلسلي ۾ لٽي ڪپڙي سان گڏ ڳهه ڳٺن جو به قدر ڄاتو وڃي ٿو. پوءِ جيڪڏهن پازيب ۽ پونچن تائين ڪنهن جي پهچ نه ٿي ٿئي ته بولي ۽ نٿ تائين ته جيئن تيئن ڪري ماڻهو پهچي وڃي ٿو، ۽ ان سان گڏ چوڙين (ڪنگھڻين) ۽ چندن هار جو هجڻ به عورتن وٽ فخر ڄاتو وڃي ٿو. مسڪين ماڻهو ڀل کڻي پني يا پاڻ کي ڳهه رکي، مگر زال زائفان جي انگل کي ضرور اڳتي ڪندو. آڳاٽي زماني ۾ پوشاڪ بابت ڪجهه پابنديون عائد ٿيل هيون. خاص طور تي سنڌ ۾ مسلمان ڪڏهن به ڌوتي نه ٻڌندو هو ۽ نه وري هندوءَ لاءِ لازمي هو ته هو گاهي به پڳ يا سلوار پهريندو. هينئر ته سڀڪو خاني خان ٿي پيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل پوشاڪ جي معاملي ۾ گهڻو بدلجي چڪو آهي. ورهاڱي کان پوءِ زناني سٿڻ مٽجي ساڙهيءَ جي جاءِ ورتي آهي ۽ مردن جي سلوار وڃي سوٽ جي شڪل والاري آهي. هاڻي ته عييسائي، مسلمان ۽ هندوءَ جو به ڪو واضح فرق محسوس نه ٿو ٿئي. البت ٿورو ڪي گهڻو نالي کڻڻ مان پتو پوي ٿو ۽ باقي آهي خير خدا جو. مطلب ته پوشاڪ جي معاملي ۾ مڙئي وڃي هڪ جهڙا بيٺل نظر اچن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، پر ڀولائي فقير به ٽوپلو ٽڪڻ تي رکي، صاحب لوڪ جي ڏک ڏين ٿا. سچ پچ جيڪڏهن هن ڏس ۾ جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا ته ٿورو وقت ۾ پوتيءَ جي پت ۽ لنگيءَ جي لَڄَ قائم رهڻ مشڪل ٿي پوندي.[4] اسان کي گهرجي ته پوشاڪ جي پٺڀرائيءَ ۾ پنهنجي تهذيبي ورثي کي بقادار بڻايون ۽ اهوئي تشخص قومن جي حقيقي سڃاڻپ لاءِ انتهائي سهائتو ۽ سيبائتو بڻجي ٿو. موقعي ۽ مناسبت سان پهريل پوشاڪ، انساني امنگن جي ڀرپور عڪاسي هڪ پاسي آشڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اُن جي شخصيت کي آسڪار بڻائڻ لاءِ پڻ اهم ڪردار اڪا ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ماڻهن کي متاثر ڪندڙ لباس ئي ته فقط متوجه بڻائي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ فطري سونهن کي به تقويت پهچائڻ ۾ مکيه مددگار ثابت ٿئي ٿو. پر ڪشش عورتون گهڻو ڪري لباس جو سهارو نه وٺنديون آهن. هُو بهتر طريقي سان پنهنجي سوچ کي سوائي ترجيح ڏينديون آهن، ۽ ڪڏهن به فيشن جون محتاج نه ٿيون ٿين. وٽن ظاهري ٺاٺ باٺ کان وڌيڪ حقيقي خوبي جنم وٺي ٿي. راجستاني زالون پوشاڪ جي معاملي ۾ زياده خوش پوش، شائستا ۽ مهذب رنگ ڍنگ جو مظاهرو ڪن ٿيو. اڄ ڪلهه هڪ ئي نيم جو لباس شهرن خواهه ڳوٺن ۾ زياده مقبول آهي.[4]

پوشاڪ جي تاريخ

[سنواريو]

يورپي تصور، ته تهذيب پاڻمرادو “وحشي” حالت مان “مهذب” حالت ڏانهن ترقي ڪندي رهي ٿي، ان مان اهو خيال پيدا ڪيو ويو ته ٿورو يا ڍرو لباس، خاص طور اگهاڙپ وارو، لازمي طور “وحشي” حالت جي علامت آهي، اھڙي طرح وڪٽورين دور جي ڳري ۽ گهڻي ڍڪيندڙ يورپي لباس کي ترقيءَ جي علامت ۽ مقصد طور پيش ڪيو ويو. ان خودمرڪوز ۽ تنگ نظر يورپي تعصب، لباس جي تاريخ جي سائنسي تجزيي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ڇو ته سڌيون ۽ واضع حقيقتون اسان کي ان جي بلڪل ابتڙ سبق سيکارين ٿيون[5].قديم مصري، ڪريٽ، آرين کان اڳ جا هندستاني ۽ شروعاتي سامي قومون، يوناني، رومي ۽ هندستاني ٻڌ مت جا پوئلڳ، حقيقت ۾ دنيا جي وڏين تاريخي تهذيبن جا سڀئي باني، ساڳئي قسم جو ڍرو ۽ “اڌ اگهاڙو” لباس پائيندا هئا، جيڪو سندن ملڪن جي موسمي حالتن سان بلڪل مناسب هو. ٻئي پاسي، وچ ايشيا مان آيل اسڪٿ، هن، ٽيوٽن، منگول ۽ ٻيا خانہ بدوش حمله آور سخت ٿڌي سائبيرين علائقن جي آبهوا موجب تنگ ۽ مڪمل ڍڪيندڙ لباس پائيندا هئا. پر اهي پنهنجي حملن جي شروعاتي دور ۾ تهذيب جا تعمير ڪندڙ نه، پر وڌيڪ تباهي آڻيندڙ هئا. تنهن ڪري اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته تنگ ۽ مڪمل ڍڪيندڙ لباس اعليٰ تهذيب جي نشاني آهي، يا ڍرو ۽ اڌ اگهاڙو لباس “وحشت” جي علامت آهي[6].

قديم يوناني، پنهنجي صاف سٿري، سهڻي ۽ سادي لباس ۾، جيڪا سندن ملڪ جي ذيلي اُستوائي موسم سان بلڪل موزون هئي، اسڪٿين ۽ پارسين جي تنگ ۽ سِليل ڪپڙن کي وحشت (بربريت) جي نمايان نشاني سمجهندا هئا. پر رڳو ڪجهه سؤ ورهين کان پوءِ، مقدونيَن ۽ رومنن طرفان يونان جي فتح کان پوءِ، ۽ وچ ايشيائي ثقافتي اثر جي وڌڻ سان، اهوئي لباس پاڻ يونانين اختيار ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح جيئن برطانوي ماڻهن نارمنن جو تنگ لباس اختيار ڪيو، ۽ جيئن ڪِلٽ (kilt) صرف اسڪاٽلينڊ جي جبلن ۾ ۽ فوج جي ڪجهه دستن ۾ باقي رهيو، اهڙيءَ طرح ڪِلٽ جهڙو لباس رڳو ايپيروس (يعني يونان جي جبلائتي علائقي) ۽ ايفزون (Ephzons) جي فوجي دستن ۾ بچي رهيو. قديم يوناني تهذيب کان وچئين دور جي بازنطيني تهذيب ڏانهن منتقلي واري دور ۾، درٻاري عورتن لاءِ چهري کي اڌ ڍڪڻ فيشن بڻجي ويو، جنهن سان سندن قدرتي حسن ۾ رازداريءَ جو ڪشش ۽ تجسس پيدا ٿيو. هي فيشن پوءِ بازنطين جي عام عورتن پڻ اختيار ڪيو، جتان اهو اولهه ڏانهن ڦهلجي راهبائن جو سرڪاري لباس بڻيو، جيڪو اڄ به ڪجهه تبديلي سان موجود آهي. ان کان گهڻو پوءِ، يعني ترڪن جي حملي کان پوءِ، عورتن جو پردو—جيڪو اصل ۾ غير اسلامي هو—اوڀر ڏانهن، ۽ ايتري قدر جو هندستان تائين پهتو[7].

گئلري

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Cosgrave, Bronwyn (2000). The complete history of costume & fashion : from ancient Egypt to the present day. New York: Checkmark Books. ISBN 0-8160-4574-7. https://archive.org/details/completehistoryo00cosg.
  2. "A Woman's Letter from London". The Sydney Morning Herald. 31 December 1900. 12 October 2015 تي حاصل ڪيل Trove وسيلي.
  3. Bishop, Catherine (2015). Minding her own Business – Colonial businesswomen in Sydney. Sydney: NewSouth Publishing.
  4. 1 2 3 4 5 {رسالو: سرتيون؛ مضمون :پوشاڪ يا لباس ؛از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ آپريل 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  5. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 281; Edited by: Dr.Mubarak Ali; Gautam Publishers 27-Temple Road Upper U.B.L Building Lahore
  6. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 282; Edited by: Dr.Mubarak Ali
  7. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 286; Edited by: Dr.Mubarak Ali