ڪنوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنوار جي شاديءَ کي ظاھر ڪندڙ جوڙو پھريل آھي، آمريڪا 1929ع.

ڪنوار اھا عورت ھوندي آھي جنھن جي شادي ٿيڻ واري ھوندي آھي يا جيڪا تازو پرڻيل ھوندي آھي.

جڏھن شادي ٿيندي آھي، ڪنوار جي ٿيڻ واري جيون ساٿي، (جيڪڏھن مرد ھجي) تہ ان کي عام طور تي گھوٽ چيو ويندو آھي. اولاھين ثقافت ۾، ڪنوار سان ھڪ يا وڌيڪ ڪنوار سرتيون ھونديون آھي.

ڪُنوارِ جا ويسَ وَڳا (لباس)[سنواريو]

دنيا جي مخلتف ڏيھن ۽ قوميتن جي سماجن ۾ ريتن رسمن موجب ڪُنوار جا ويسَ وَڳا مختلف ھوندا آھن.

ننڍو کنڊ[سنواريو]

سنڌي ڪُنوار ۽ گھَوٽُ

ننڍي کنڊ انڊيا پاڪستان، بنگلاديش ۾ ھندو، مسلم، سک، عيسائي، جين، ٻُڌمت ڌرمن جي سماجن ۾ ڪُنوار جو لباس تيز رنگ وارو ھوندو آھي، عام طور اھو ڳاڙھو (سُرخ) رنگ جو ھوندو آھي. مسيحي ڪُنوار جو شاديءَ جو وڳو اڇو رنگ جو ھوندو آھي.

اولھ جا مُلڪ[سنواريو]

اولھ جي ڏيھَن ۾ ڪُنوار اڇو رنگ جو وڳو پائيندي آھي.


درشن خانو[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]