ذات
ذات (Surname)، ڪٽنب نالو يا آڪهه يا ڪجهه جائن تي خانداني نالو يا آخري نالو، ڪنهن جي ذاتي نالي جو حصو هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪٽنب، قبيلي يا برادري کي ظاهر ڪري ٿو.[1] هڪ آڪھه جو نالو ڪنهن جي ذاتي نالي جو گهڻو ڪري موروثي حصو هوندو آهي، جيڪو ڪنهن جي خاندان کي ظاهر ڪري ٿو.[2] اهو عام طور تي هڪ ڏنل نالي سان گڏ ڪيو ويندو آهي ته جيئن هڪ شخص جو پورو نالو ٺهي. جيتوڻيڪ مڪمل نالي ۾ ڪيترائي ڏنل نالا ۽ لقب ممڪن آهن. جديد دور ۾ گهڻا آڪھه موروثي آهن. جيتوڻيڪ گھڻن ملڪن ۾ هڪ شخص کي پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ جو حق آهي.
آڪھه ڪنهن شخص جي نالي جي شروعات ۾ يا آخر ۾ رکي سگهجي ٿو، اها مقامي ثقافت تي منحصر ڪري ٿو. هڪ فرد کي ڏنل آڪھه جي نالن جو تعداد پڻ مختلف آهي. گھڻن ڪيسن ۾ اهو صرف هڪ آهي، پر پرتگالي ڳالهائيندڙ ملڪن ۽ ڪيترن ئي اسپيني ڳالهائيندڙ ملڪن ۾، قانوني مقصدن لاءِ ٻه نالا، هڪ ماءُ کان ۽ ٻيو پيءُ کان ورثي ۾ ملندڙ، استعمال ڪيا ويندا آهن. هم ئي طرح ڪجهه معاشرن ۾ خاندان جي سڀني ميمبرن کي هڪجهڙا نالا رکڻ جي ضرورت ناهي. ڪجهه ملڪن ۾، نالا جنس ۽ هڪ شخص جي خانداني ميمبرشپ جي حيثيت جي لحاظ کان تبديل ڪيا ويندا آهن. مرڪب آڪھه الڳ الڳ نالن مان ٺهيل ٿي سگهن ٿا.[3]
نالن جو استعمال قديم ترين تاريخي رڪارڊن ۾ به دستاويز ڪيو ويو آهي. 11هين صدي ۾ انگلينڊ ۾ نوابن پاران خانداني نالن جا مثال دستاويز ڪيا ويا آهن. انگريزي خانداني نالا ان فرد جي هڪ خاص پهلوءَ، جهڙوڪ انهن جو ڌنڌو، پيءُ جو نالو، مقام جي حوالي سان ٺهڻ شروع ٿيا.[4] خاندان يا جڳهن جي لحاظ کان، آڪھن يا ذاتن جي مطالعي کي اونومئسٽڪس (Onomastics) سڏيو ويندو آهي.
سنڌ ۾ آباد ماڻهن جي ذاتيون
[سنواريو]سنڌي ذاتيون
[سنواريو]- آئلاڻي
- آئلسنگاڻي
- آبڙ
- آبڙيجا
- آخوند
- آرائين
- آريجا
- آسواڻي
- آڏواڻي
- آڳڙيا
- باقراڻي
- باگڙي
- ٻرڙو
- ٻيجل
- ٻگهيو
- ڀٽو
- ڀٽي
- ڀاٽيا
- ڀاڳت
- ڀرڳڙي
- ڀيل
- پتافي
- پلهه
- پنهور
- ڦلپوٽو
- ٿهيم
- ٽالپر
- جتوئي
- جمالي
- جوڳي
- جوکيو
- ڄاموٽ
- ڄامڙو
- ڄيٺملاڻي
- ڄٻير
- چارا
- چارڻ
- چاچڙ
- چنا
- خاصخيلي
- دائودپوٽا
- ڏاھر
- ڏﺍﻫﺮﻱ
- راجپوت
- راٺوڙ
- راڄپر
- ساند
- سماٽ
- سولنگي
- سومرو
- سيد
- عارباڻي
- علوي
- ڪلمتي بلوچ
- ڪلھوڙا
- ڪولھي
- ڪُنڀار
- کتري
- کهڙو
- کوکر
- گبول
- گلڙي
- لاشاري
- لغاري
- لوهاڻا
- ملاح
- مهر
- ميد
- ميرالي
- ميمڻ
- مگسي
- مڱريو
- مڱڻهار
- نظاماڻي
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Surname". Britannica (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 17 March 2023 تي محفوظ ڪيل. 11 April 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "surname". Oxford Dictionaries. اصل نسخو مان 20 January 2017 تي محفوظ ڪيل. 3 October 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "surname". Oxford Dictionaries. اصل نسخو مان 20 January 2017 تي محفوظ ڪيل. 3 October 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "BBC – Family History – What's in a Name? Your Link to the Past". BBC History (برطانوي انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 September 2020 تي محفوظ ڪيل. 21 September 2020 تي حاصل ڪيل.