سيج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيج هيءَ انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستاني مالهي سِج ڪري سڏيندا آهن. هن جا پن ٻيءَ ڀاڄيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. هن جو ٻج سياري ۾ پوکبو آهي. نومبر کان اڳي شروع ڪجي ۽ ڀليءَ زمين ۾ پوکجي. ڀاڻ ججهو ڏجي. اُس ۽ مينهن کان پناهه گهرجيس. جڏهن سلن ۾ چار يا ڇهه پن ٿين تڏهن ڪڍي چئن چئن انچن تي ڇڊا ڪري رکجن. فيبروريءَ ڌاري وري ڪڍي ڪنهن پناهه جهڙيءَ جاءِ تي زمين ۾ رکجن. هن جا پن سڪائي ٻاٽلين ۾ وجهي رکندا آهن..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو