جمھوريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھڪ عورت ووٽ ڏيندي

لفظ جمهوريت (Democracy) جي معنيٰ آهي عوام جي حڪمراني يا جمهور جو راڄ.

تاريخ[سنواريو]

هن سياسي نظام جو آغاز يونان کان ٿيو. لفظ ’ڊيموڪريسي‘ ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آهي: ڊيموس (Demos) معنيٰ عام ماڻهو ۽ ڪريٽوس (Kratos) جو مطلب آهي راڄ، سرڪار يا حڪومت. يونان ۾ هن نظام تحت عام ماڻهو، حڪومت جي قاعدن قانونن ٺاهڻ توڙي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ سڌيءَ طرح پاڻ حصو وٺندا هئا. ان کان اڳ اُتي هڪ مخصوص ٽولو يا ڪو هڪڙو ’ڏاڍو مڙس‘ راڄ ڀاڳ تي حڪمراني ڪندو هو. انهيءَ طرح جتي نيارپ يا استثنيٰ کان سواءِ رڳو ڏاڍ جو راڄ هلندو هو، اتي يوناني جمهوريت واري نظام بهترين تبديلي آندي. جمهوريت هڪ اهڙي سياسي نظام کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان چونڊيل حڪومت کي اقتدار جو موقعو ڏين.

تفصيل[سنواريو]

جديد جمهوريت ۾ عوامي ووٽ سان ئي چونڊيل نمائندا ڪي اختيار حاصل ڪندا آهن. اهي عوامي نمائندا عام چونڊن، ريفرينڊم يا راءِ شماريءَ ذريعي به چونڊجي سگهن ٿا.

جمهوريت بابت ابراهام لنڪن لکيو هو ته:

”Government of the people, by the people, for the people.“
يعني ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن ذريعي ۽ ماڻهن لاءِ.

جيڪڏهن جمهوريت کي سياسي ميدان ۾ ڏسبو ته اها سياسي حڪومت جنهن ۾ آزاد خيال ماڻهو اقتدار ۾ هجن، انهن جي ذريعي حڪومت هلي ۽ ماڻهن جي مرضيءَ مطابق ۽ مثبت رخ ۽ طريقي سان نتيجا ڏئي ته ان کي جمهوري نظام چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر هڪ ماڻهوءَ جي حقن جو خيال رکيو ويندو هجي. شروع کان وٺي جمهوريت ۽ آمريت جو هڪ ٻئي سان ٽڪر هلندو پيو اچي، جيئن ظاهر ۽ باطن، ڀلائي ۽ برائي جو اڻ کٽ ۽ اڻ ٽٽ ٽڪراءُ آهي.

حقيقت ۾ حڪومتي نظام هلائڻ لاءِ جمهوريت هڪ بهتر سياسي طريقو آهي، جنهن سان معاشري ۾ ماڻهن جي حقن ۽ خود معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني طرح سان مثبت رنگ ۾ رڱيو ويندو آهي. حقيقي جمهوريت ۾ قدرت جي قانون جي جهلڪ پئي نظر ايندي آهي. جمهوري نظام هر انسان جي حقن جو پاسدار هوندو آهي، جنهن ۾ مستحق کي پنهنجو حق ۽ غير مستحق کي ان جي معيار مطابق صلو ملندو آهي. آمريت جو مطلب ته ماڻهن تي اعتبار ڪرڻو ئي ناهي، صرف انهن تي حڪومت ڪرڻي آهي، جنهن سان زندگيءَ جي نااميديءَ جي نمايان تصوير نظر ايندي آهي ۽ جمهوريت موجب ماڻهن کي پنهنجي حڪمراني پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي موقعا ملڻ گهرجن ته جيئن هو پنهنجي حقن جي حاصلات پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪري سگهن. دنيا ۾ بهتر جمهوري نظام رکندڙ ملڪن ۾ انگلينڊ، چين، ڀارت ۽ آمريڪا ڳڻي سگهجن ٿا.[1]

جمھوريت تي تنقيد[سنواريو]

والٽيئر بادشاهت کي جمهوريت کان وڌيڪ چڱو سمجهندو هو. هن جو خيال هو ته بادشاهت ۾ رڳو هڪ ماڻهوءَ کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته جمهوريت ۾ لکين ماڻهن کي تعليم ڏيڻي پوندي آهي جن مان اڃا رڳو ڏهه سيڪڙو ماڻهو مس تعليم پرائي سگهندا آهن ته اجل جو کين سڏ اچي ويندو آهي. اسان کي اندازو ئي نه آهي ته ڄم جو انگ اسان جي نظرين ۽ دليلن تي ڪيتري قدر اثر انداز ٿيندو آهي. جيڪي ٿورائي ۾ آهن. انهن جا خاندان ننڍا آهن ۽ اهي تعليم پرائيندا آهن. جيڪي گهڻائيءَ ۾ آهن انهن جا خاندان وڏا آهن ۽ انهن وٽ تعليم پرائڻ لاءِ وقت ڪونهي. هر نسل جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو غريب گهراڻن ۾ پئدا ٿين ٿا. جيڪي علم حاصل ڪرڻ جي عياشي ڪري نٿا سگهن. ان ڪري سياسي سوچ جي آزادي اجائي ٿي ثابت ٿئي. جنهن تيزيءَ سان جهالت ٿي وڌي ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ذهانت وڌائڻ لاءِ زور ڀرڻ اجايو آهي. پروٽيسٽنٽ، مذهب جي اهائي وڏي ڪمزوري آهي. مذهب کي قومن وانگر جنگ ڪري بچائي نٿو سگهجي. مذهب کي چڱو نسل پئدا ڪري بچائي سگهجي ٿو.[2]. ان ڪري جمهوريت قدامت پرست هوندي آهي، اناطول فرانس ان ڳالهه تي سخت افسوس ڪندو هو ته گروهه نئن شين کان ڊڄندا آهن. بسمارڪ جي خيال ۾ عام ماڻهن کي ووٽ جو حق ملڻ سان بادشاهي پاليسين جي حمايت حاصل ٿيندي آهي. شين جو اونداهو رُخ ڏسڻ واري ان پوڙهي چيو هو ته ”منهنجي خيال ۾ ڪنهن به قدامت پرستيءَ واري قدم کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سڌي سنئين چونڊ جو طريقو ۽ عام ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق اسيمبليءَ جي ٺاهيل قانون کان وڌيڪ ڪارائتا آهن.“ عورتن ان ڪري سولائيءَ سان ووٽ جو حق حاصل ڪري ورتو جو جدا جدا جماعتن جي اڳواڻن جي خيال هو ته عورتون قدامت پرستيءَ جي حمايت ڪنديون. سئزرلينڊ ۾ فرد جي خودمختياري جي حمايت ڪرڻ وارن ڪي سڌارا ڪيا جن ۾ هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جي حق وارو سڌارو به شامل هو. قدامت پرستن اهي سڌارا ووٽ لاءِ عوام آڏو پيش ڪيا ۽ عوام هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جي حق سوڌو سڀ سڌارا رد ڪري ڇڏيا.[2] 1918ع ۾ انگلستان ۾ هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ جو حق مليو ته اَڌ صديءَ اندر هڪ رجعت پسند حڪومت قائم ٿي وئي. آسٽريليا ۾ زوري ووٽ ڏيڻ جي قانون جي ڪري اهڙن ماڻهن جو انگ، جيڪي ووٽ ڏيئي ٿي سگهيا، 1912ع ۾ سٺ سيڪڙو هو 1925ع ۾ نوي سيڪڙو ٿي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو قدامت پرستن وڏي انگ ۾ حڪومت حاصل ڪري ورتي. آمريڪا ۾ ووٽ جو حق وڌيڪ ماڻهن کي ڏيڻ جي باري ۾ سرهينري مين اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته اها ڳالهه اجائي آهي ته ووٽ جو حق وڌيڪ ماڻهن کي ملڻ سان ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيندو. نئين سوچ، نوان انڪشاف، نيون ايجادون، کوجناؤن ۽ زندگيءَ جا نوان فَنَ وڌندا پر ان ڳالهه جو انديشو آهي ته ان سان هڪ قسم جي هاڃيڪار قدامت پرستي پکڙبي. اسان کي ان تعصبي انگريز سان اتفاق ڪرڻو پوندو ته جمهوريت عظيم دماغن جي دشمن آهي ۽ فن سان ان جو ڪو تعلق ڪونهي. جمهوريت انهن شين جو قدر ڪندي آهي جيڪي وچولي ذهن جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اينديون آهن. هوءَ اهڙا محلات ٺاهيندي آهي جيڪي فلمن ۾ نظر ايندا آهن ۽ سمجهندي آهي نه هن پارٿينون ٺاهيو آهي. جيڪڏهن ايٿنز اسيمبليءَ جي ڳالهه مڃي ها ته پارٿينون ڪڏهن ٺهي نه سگهي ها.[2]ڪروزيئر CROZIER چيو آهي ته جيڪي عيوضي مقرر ڪندا آهن اصل ۾ اهي ئي حڪومت ڪندا آهن. عوام جيئن ته بدنظمي ۽ جهالت ۾ ڦاٿل هوندي آهي انڪري هر ڪنهن کي نامزد ڪري نه سگهندو آهي. ماڻهن تي ايترو اعتماد ڪري سگهجي ٿو ته هو نوازشون ڪرڻ مهل انصاف کان ڪم وٺندا. هڪ ننڍي ۽ منظم اقليت سڀ ووٽ هڪ پاسي وجهي ڪنهن معاهدي، اهم مسئلي ۽ چونڊ ۾ فيصلو ڪرڻ واري طاقت حاصل ڪري سگهي ٿي. اها مشين انڪري ڪامياب ٿيندي آهي جو اها هڪ ورهايل اڪثريت جي ڀيٽ ۾ منظم اقليت هوندي آهي. ڪارلائل جو اشارو شايد ته ان ڳالهه ڏانهن هو جڏهن هن چيو هو ته ”جمهوريت جي اها فطرت آهي ته اها پاڻ پنهنجو پاڻ کي رد ڪندي آهي ۽ آخر ۾ ان جو نتيجو ٻڙي نڪرندو آهي“ روسيو، جيڪو جوشيلو جمهوريت پرست هو جو چوڻ آهي ته: حقيقي جمهوريت ڪڏهن به وجود ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن اچي سگهندي ڇاڪاڻ ته اهو فطري نظام جي خلاف آهي ته اڪثريت اقليت تي حڪومت ڪري. ساري سياست منظم اقليتن جي پاڻ ۾ رقابت تي ٻڌل آهي. ووٽ ڏيڻ وارا رڳو تماشو ڏسندا آهن. کٽڻ واري جي همت افزائي ۽ هارڻ واري تي ٺٺولي ڪندا آهن. جماعتن جي جنگ ۾ هنن جو ڪو حصو نه هوندو آهي.“[2]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو