پارليامينٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پارليامينٽ: اهڙي قانون ساز مجلس جنهن جي ميمبرن کي عوام آزاد راءِ شماريءَ ذريعي چونڊيو هجي، تنهن کي ”-پارليامينٽ-“ چئبو آهي. -پارليامينٽ- جي اهم فرضن ۾ قانون سازي ڪرڻ، بجيٽ تيار ڪرڻ، ٽئڪس عائد ڪرڻ ۽ ملڪي حالتن کي امن امان ۾ رکڻ شامل آهي. برطانوي -پارليامينٽ- کي ”دنيا جي -پارليامينٽ- نظام جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو، ڇوته دنيا جون سموريون پارليامينٽون برطانوي -پارليامينٽ- جي طرز تي ٺاهيون ويون آهن. پاڪستاني -پارليامينٽ- ٻن حصن تي مشتمل آهي: هڪ قومي -اسيمبلي-، جنهن کي ’لوئر هائوس‘ به چيو ويندو آهي، ۽ ٻيو سينيٽ، جنهن کي ’اَپر هائوس‘ به چيو وڃي ٿو. -ان- ۾ هن وقت 87 ميمبر آهن. -ان- کان اڳ سينيٽ ۾ 63 ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو تعداد 200 هو. اهو اضافو جنرل اليڪشن آرڊر (چيف ايگزيڪيوٽوِ آرڊر نمبر: 7-2002) تحت ڪيو ويو. پارليامينٽري نظام حڪومت ۾ وقت جي حڪومت عام چونڊن ۾ کٽي آيل ميمبرن ذريعي عوام اڳيان جوابدار هوندي آهي. پارليامينٽري حڪومت ۾ راءِ جي -آزادي- ۽ مخالف ڌر جو هئڻ لازمي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. encyclopediasindhiana.org