مواد ڏانھن هلو

پاڪستان جي وزيراعظمن جي فهرست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جو وزيراعظم هڪ سياسي اڳواڻ ۽ حڪومت جو سربراه هوندو آهي ۽ اهو پابند هوندو آهي ته هو ڪابينا ۽ ٻين اهم سرڪاري عهديدارن جي چونڊ ڪري ۽ اهو فيصلو ڪري ته قومي اسيمبليءَ لاءِ عام چونڊون ڪرايون وڃن يا نه. 1947 ۾ آزاد ٿيڻ کان پوء، هندستان جي آزاديء واري ايڪٽ 1947 جي تحت، هي پوسٽ پاڪستان جي قيام کان فوري طور تي پيدا ڪيو ويو.

پاڪستان جي گورنر جنرل سال 1947ع ۾ لياقت علي خان کي پاڪستان جو پهريون وزيراعظم چونڊيو، کيس 1951ع ۾ قتل ڪيو ويو. 1951ع کان 1958ع تائين ڇهه ماڻهو وزيراعظم جي عهدي تي رهيا ۽ 1958ع ۾ پاڪستان جو صدر اسڪندر مرزا ان جي جاءِ تي ويٺو. پوءِ يحيٰ خان 1971ع ۾ نورالامين کي ان عهدي لاءِ نامزد ڪيو پر هو صرف 13 ڏينهن ان عهدي تي رهيو. 1973ع جي نئين قانون موجب ان کي ٻيهر بڻايو ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سيٽ سنڀالي. هن کي ضياءُ الحق حڪومت تان هٽايو ۽ 1977ع ۾ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. پوءِ 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم چونڊيو پر 1988ع ۾ آئين جي اٺين ترميم تحت کيس هٽائي ڇڏيو.

ٻئي نواز شريف (1990-93 ۽ 1997-99) ۽ بينظير (1988-90 ۽ 1993-96) 1988 ۽ 1999 جي وچ ۾ لڳاتار ٻه ڀيرا ان عهدي تي رهيا. پاڪستان جي آئين ۾ 13 هين ۽ 14 هين ترميمن نواز شريف کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو طاقتور ترين وزيراعظم بڻايو. پنج سال چار مهينا اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ نواز شريف سڀ کان وڌيڪ عرصو خدمت ڪندڙ شخص آهي. سال 1998ع ۾ پرويز مشرف جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل فوجي بغاوت ۾ کيس حڪومت تان هٽايو ويو، نواز شريف 5 جون 2013ع تي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي ويو ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي.

2002ع جي چونڊن کانپوءِ مير ظفر الله خان جمالي عهدو سنڀالڻ بعد مشرف جي بغاوت سبب اهو عهدو خالي رهيو، يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو ويو. پرويز اشرف کان پوءِ مير هزار خان کوسو نگران وزيراعظم ٿيو. چونڊن کانپوءِ نواز شريف ٽيون ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو، جنهن کي عدالت 2017ع ۾ نااهل قرار ڏنو هو. ان کانپوءِ شاهد خاقان عباسي مئي 2018ع تائين وزير اعظم رهيو. سندس جاءِ تي نگران وزيراعظم ناصر الملڪ آيو ۽ عمران خان 17 آگسٽ 2018ع تي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو، هو 3 اپريل 2022 تائين وزيراعظم رهيو. پاڪستان جو موجود وزیراعظم میان محمد شھباز شریف کی چونڊيو ویو آھی۔

پاڪستان جي وزيراعظمن جي فھرست

[سنواريو]

ڪنجي

[سنواريو]
وزيراعظمن جي فهرست لاءِ ڪنجي
پارٽي جو نالو
مسلم ليگ / پاڪستان مسلم ليگ
عوامي ليگ
ريپبلڪن پارٽي
پيپلز پارٽي
نيشنل پيپلز پارٽي
پاڪستان مسلم ليگ (ن)
پاڪستان مسلم ليگ (ق)
پاڪستان تحريڪ انصاف
آزاد

فهرست

[سنواريو]
پاڪستان جي وزيراعظمن جي فهرست
نمبر تصوير نالو
(پيدائش–وفات)
عهدو سنڀاليو عهدو ڇڏيو مدو چونڊ سياسي پارٽي
(اتحاد)
نوٽ قومي اسيمبلي
1 لياقت علي خان
(1895–1951)
14 آگسٽ 1947 16 آڪٽوبر 1951 † 4 سال، 63 ڏينهن مسلم ليگ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم طور عهدو سنڀاليو۔ پهرين
عهدو خالي 16 آڪٽوبر 1951 17 آڪٽوبر 1951 1 ڏينهن عبوري عرصي دوران عهدو خالي رهيو۔
2 خواجه ناظم الدين
(1894–1964)
17 آڪٽوبر 1951 17 اپريل 1953 1 سال، 182 ڏينهن مسلم ليگ لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ وزيراعظم ٿيو۔
3 محمد علي بوگرا
(1909–1963)
17 اپريل 1953 12 آگسٽ 1955 2 سال، 117 ڏينهن مسلم ليگ گورنر جنرل طرفان حڪومت برطرف ڪئي وئي۔
4 چوڌري محمد علي
(1905–1982)
12 آگسٽ 1955 12 سيپٽمبر 1956 1 سال، 31 ڏينهن مسلم ليگ اندروني سياسي تڪرارن سبب استعيفيٰ ڏني۔
5 حسين شهيد سهروردي
(1892–1963)
12 سيپٽمبر 1956 17 آڪٽوبر 1957 1 سال، 35 ڏينهن عوامي ليگ اتحادي حمايت وڃائڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏني۔ ٻي
6 ابراهيم اسماعيل چندريگر
(1897–1960)
17 آڪٽوبر 1957 11 ڊسمبر 1957 55 ڏينهن مسلم ليگ عدم اعتماد جي تحريڪ سبب مختصر مدتي حڪومت ختم ٿي۔
7 فيروز خان نون
(1893–1970)
16 ڊسمبر 1957 7 آڪٽوبر 1958 295 ڏينهن ريپبلڪن پارٽي 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ حڪومت ختم ٿي۔
عهدو خالي 8 آڪٽوبر 1958 6 ڊسمبر 1971 مارشل لا ۽ صدارتي نظام سبب وزيراعظم جو عهدو خالي رهيو۔
8 نورالامين
(1893–1974)
7 ڊسمبر 1971 20 ڊسمبر 1971 13 ڏينهن 1970 پاڪستان مسلم ليگ 1971ع جي عام چونڊن کان پوءِ وزيراعظم مقرر ٿيو۔ پاڪستان جو واحد نائب صدر پڻ رهيو۔ پنجين
عهدو خالي 21 ڊسمبر 1971 13 آگسٽ 1973 صدارتي نظام هيٺ وزيراعظم جو عهدو خالي رهيو۔
9 ذوالفقار علي ڀٽو
(1928–1979)
14 آگسٽ 1973 5 جولاءِ 1977 3 سال، 325 ڏينهن 1977 پاڪستان پيپلز پارٽي 1973ع جي آئين بعد پارلياماني نظام بحال ٿيو۔ 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق اقتدار سنڀاليو۔ ڇهين
عهدو خالي 6 جولاءِ 1977 23 مارچ 1985 مارشل لا نافذ ٿيڻ سبب وزيراعظم جو عهدو معطل رهيو۔
10 محمد خان جوڻيجو
(1932–1993)
24 مارچ 1985 29 مئي 1988 3 سال، 66 ڏينهن 1985 آزاد غير جماعتي چونڊن کان پوءِ وزيراعظم بڻيو۔ بعد ۾ صدر ضياءُ الحق حڪومت برطرف ڪئي۔ ستون
عهدو خالي 30 مئي 1988 1 ڊسمبر 1988 عبوري دور۔
11 بينظير ڀٽو
(1953–2007)
2 ڊسمبر 1988 6 آگسٽ 1990 1 سال، 247 ڏينهن 1988 پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم۔ صدر غلام اسحاق خان حڪومت برطرف ڪئي۔ اٺين
عهدو خالي 6 آگسٽ 1990 6 نومبر 1990 عبوري حڪومت۔
12 نواز شريف
(ڄم 1949)
6 نومبر 1990 18 جولاءِ 1993 2 سال، 254 ڏينهن 1990 اسلامي جمهوري اتحاد صدر غلام اسحاق خان سان تڪرار بعد استعيفيٰ ڏني۔ نائين
11 بينظير ڀٽو
(1953–2007)
19 آڪٽوبر 1993 5 نومبر 1996 1 سال، 247 ڏينهن 1993 پاڪستان پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو ٻيھر پاڪستان جي وزيراعظم جو عھدو ماڻيو. صدر فاروق لغاري سندس حڪومت برطرف ڪئي۔ ڏھين
13 فائل:Mir Zafarullah Khan Jamali.jpg مير ظفرالله خان جمالي
(1944–2020)
23 نومبر 2002 26 جون 2004 1 سال، 216 ڏينهن 2002 پاڪستان مسلم ليگ (ق) جنرل مشرف جي دور ۾ معاشي پاليسين کي جاري رکيو، پر مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏني۔ ڏهين
26 جون 2004 30 جون 2004 4 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ق) عبوري طور عهدو سنڀاليو۔
14 فائل:Chaudhry Shujaat Hussain.jpg چوڌري شجاعت حسين
(ڄم 1946)
30 جون 2004 23 آگسٽ 2004 54 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ق) مختصر ترين مدو رکندڙ وزيراعظمن مان هڪ۔ يارهين
15 شوڪت عزيز
(ڄم 1949)
28 آگسٽ 2004 15 نومبر 2007 3 سال، 79 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ق) جنرل پرويز مشرف جي حمايت سان وزيراعظم رهيو۔ ٻارهين
عبوري وزيراعظم 15 نومبر 2007 25 مارچ 2008 4 مهينا، 10 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ق) عبوري حڪومت۔
16 فائل:Yousaf Raza Gillani.jpg يوسف رضا گيلاني
(ڄم 1952)
25 مارچ 2008 19 جون 2012 4 سال، 86 ڏينهن 2008 پاڪستان پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنو ويو۔ تيرهين
17 فائل:Raja Pervaiz Ashraf.jpg راجا پرويز اشرف
(ڄم 1950)
22 جون 2012 24 مارچ 2013 275 ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني کان پوءِ وزيراعظم مقرر ٿيو۔ چوڏهين
عبوري وزيراعظم 24 مارچ 2013 5 جون 2013 2 مهينا، 12 ڏينهن آزاد عبوري حڪومت۔
18 شاهد خاقان عباسي
(ڄم 1958)
1 آگسٽ 2017 31 مئي 2018 303 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي نااهلي کان پوءِ وزيراعظم چونڊيو ويو۔ پندرهين
عبوري وزيراعظم 31 مئي 2018 18 آگسٽ 2018 2 مهينا، 18 ڏينهن آزاد عبوري حڪومت دوران وزيراعظم رهيو۔
19 عمران خان
(ڄم 1952)
18 آگسٽ 2018 10 اپريل 2022 3 سال، 235 ڏينهن 2018 پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي عام چونڊن کان پوءِ حڪومت ٺاهي۔ 2022ع ۾ بي اعتمادي رٿ ذريعي عهدي تان هٽايو ويو۔ سورهين
20 فائل:Shehbaz Sharif.jpg شهباز شريف
(ڄم 1951)
11 اپريل 2022 14 آگسٽ 2023 1 سال، 125 ڏينهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) گڏيل مخالف ڌر جي حمايت سان وزيراعظم چونڊيو ويو۔ سترهين
عبوري وزيراعظم 14 آگسٽ 2023 4 مارچ 2024 6 مهينا، 19 ڏينهن بلوچستان عوامي پارٽي عبوري دور ۾ حڪومت سنڀالي۔
21 فائل:Shehbaz Sharif 2024.jpg شهباز شريف
(ڄم 1951)
4 مارچ 2024 موجوده 2 years, 130 days 2024 پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2024ع جي عام چونڊن کان پوءِ ٻيهر وزيراعظم چونڊيو ويو۔ ارڙهين

وزيراعظمن جي فهرست لاءِ نشانيون

[سنواريو]
پارٽي جو نالو
مسلم ليگ / پاڪستان مسلم ليگ
عوامي ليگ
ريپبلڪن پارٽي
پيپلز پارٽي
نيشنل پيپلز پارٽي
پاڪستان مسلم ليگ (ن)
پاڪستان مسلم ليگ (ق)
پاڪستان تحريڪ انصاف
آزاد



چاٻي