اختر مينگل
سردار اختر مينگل | |
---|---|
اختر مینگل | |
بلوچستان جو 9 هون وڏو وزير | |
عهدو سنڀاليو 22 فيبروري 1997ع – 15 جون 1998ع | |
پيشرو | نوابزاده ذوالفقار علي مگسي |
جانشين | میر جان محمد جمالي |
پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو ميمبر | |
دفتر سنڀاليو 29 فيبروري 2024ع | |
حلقو | اين اي-256 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 13 آگسٽ 2018ع – 10 آگسٽ 2023ع | |
حلقو | اين اي-269 (خضدار) |
بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر | |
عهدو سنڀاليو 2013ع – 2018ع | |
حلقو | پي بي-37 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 2008ع – 2013ع | |
حلقو | پي بي-35 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 2002ع – 2007ع | |
حلقو | پي بي-38 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 1997ع – 1999ع | |
حلقو | پي بي-38 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 1993ع – 1996ع | |
حلقو | پي بي-27 (خضدار) |
عهدو سنڀاليو 1990ع – 1993ع | |
حلقو | پي بي-27 (خضدار) |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | آڪٽوبر 1962 (عمر 61 سال) وڍ، خضدار، بلوچستان، پاڪستان |
سياسي جماعت | بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) |
ٻار ٻچا | بناري مينگل، گرگين مينگل، براهم مينگل |
پيءُ | سردار عطاءُ الله مينگل |
سردار اختر مينگل (Sardar Akhtar Mengal) (پيدائش 6 آڪٽوبر 1962ع) بلوچستان سان تعلق رکندڙ هڪ پاڪستاني سياستدان آهي جيڪو بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جو چيئرمين آهي. اختر مينگل نامياري سياستدان عطاءُ الله مينگل جو پٽ آھي. هو فيبروري 2024ع کان پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ آهي، هن کان اڳ 1997ع کان 1998ع تائين بلوچستان جو وڏو وزير ۽ بعد ۾ بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو.[1] مينگل آگسٽ 2018ع کان آگسٽ 2023ع تائين پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو.[2]
سيپٽمبر 2008ع ۾ اختر مينگل کي اٽڪل 700 ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ جو هو مشرف حڪومت خلاف لانگ مارچ جي تياري ڪري رهيو هو. 9 مئي 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ حڪومت ۾ اچڻ تي کين آزاد ڪيو ۽ سندس خلاف سمورا الزام واپس ورتا ويا.[3]
زندگي جو احوال
[سنواريو]پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي خضدار ضلعو جي وڍ تعلقو جي شهر وڍ ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل جي گهر ۾ پيدا ٿيو جيڪو به هڪ سياسي رهنما ۽ بلوچستان جو وزير اعلي رهيو آهي.[4] اختر مينگل 2018ع جي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
سياسي شروعات
[سنواريو]اختر مينگل 1997ع ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ وزير اعلي جو قلمدان سنڀاليائين.[5] اختر مينگل 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Aamir, Adnan. "Exclusive Interview Of Akhtar Mengal – Balochistan Point". The Balochistan Point. حاصل ڪيل 2019-09-14.
- ↑ Correspondent, The Newspaper's Staff. "BNP-M chief Akhtar Mengal to retain his NA seat". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-09-15.
- ↑ اختر مينگل : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ Cowasjee, Ardeshir. "The man in the iron cage". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-10.
- ↑ Shah, Syed Ali. "Sardar Mengal to take oath as Balochistan MPA today". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-07-10.
- ↑ "National Assembly of Pakistan". na.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-07-10.