دھشتگردي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسلام آباد جي ميريئٽ هوٽل تي بم ڌماڪو. پاڪستان ۾ 35000 کان وڌيڪَ ماڻهو دھشتگرد حملن ۾ اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن [1]

دھشتگردي: ٽيررزم: Terrorism: ڪنھن بہ ماڻھو، اداري يا حڪومت وغيره جي عمل يا پاليسي تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ بيقصور شھرين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ يا نشاني بڻائڻ لاءِ ڌمڪي ڏيڻ کي دھشتگردي چيو ويندو آهي.[2] انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ماڻھن ۾ ڊپ جو عام ماحول يا عام احساس پيدا ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان تشدد جو ھڪ اھڙو عمل جنھن جو محرڪ سياسي مقصد جي حاصلات ھجي ان کي دھشتگردي چئبو آهي .تاريخ ۾ دھشتگردي جو سھارو وٺندڙن ۾ اھڙيون سياسي تنظيمون بہ شامل رھيون آھن جيڪي کاٻي ڌُر واريون، ساڄي ڌر واريون، قومپرست، مذھبي ء انقلابي سڏبيون ھيون. ان کان علاوه رياستي ادارا: فوج؛ پوليس؛ ۽ انٽيليجنس ايجنسيون, بہ اھڙين ڪارواين ۾ شامل رھيا آھن . [3] تاريخ ۾ خيال آھي ته دھشتگردي جي ابتدا رومي شھنشاھن کان ٿي. تبرس (14 کان 37 عيسوي) ۽ ڪالي گولا (37 کان 41 عيسوي) ٻہ اھڙا بادشاھ ھيا جيڪي پنھنجي خلاف ڪا ڳالھ ٻڌڻ پسند نہ ڪندا ھئا. مخالفن جون ملڪيتون ضبط ڪندا ھئا۽ ٻئي ڀيري مخالفت تي ماڻھن کي مارائي ڇڏيندا هئا. فرانس ۾ 1793 ۾ سياسي انتقام جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو پنج سال جاري رهيو. 1894 ۾فرانس جو صدر سادي ڪارنوٽ، 1897 ۾ آسٽريا جي شھزادي ايلزبيٿ، 1899 ۾ اسپين جو وزيراعظم ڪارنوواس، 1901 ۾ آمريڪي صدرميڪنلي دھشتگردن جي گولين جو کاڄ ٿي ويا.مخالفن کي دٻائڻ لاء جرمني جي ھٽلر، اٽليءَ جي مسوليني ۽ سوويت يونين جي اسٽالن بہ دھشتگردي جو سھارو ورتو. فلسطين ۾ تسلط قائم رکڻ لاءِ اسرائيل دھشتگردي جو سھارو ورتو. برطانوي حڪمراني جو نادرن آئرلينڊ ۾ خاتمو آڻڻ لاءِ ريپبلڪن آئرش آرمي دھشتگردي جي شروعات ڪئي. سريلنڪا جي اترين علائقن ۾ پنھنجو تسلط قائم رکڻ لاءِ تامل ايلام دھشتگردي جي شروعات ڪئي. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ آمريڪي سرپرستي ۾ قائم ڪيل نامنھاد جھادي تنظيمن دھشتگردي جو آغاز ڪري ھزارين ماڻھن کي دھشتگردي جو کاڄ بڻايو. 1860 ۾ آمريڪا جي اڇي چمڙيء وارن ماڻھن ٽرپل ڪي KKK نالي تنظيم يا ڪو ڪلس ڪلان (Ku Klus Klan) ٺاھي جنھن اتان جي ڪاري رنگ جي ماڻھن کي دھشتگردي جو نشانو بڻايو ۽ اھا تنظيم اقليتي ماڻهن جي خلاف ھئي ۽ گورن ۾ ان کي پذيرائي ھئي.جرمني ۾ بادمنحاف تنظيم، جاپان جي تنظيم ريڊ آرمي، اٽليءَ جي تنظيم ريڊ برگيڊ ۽ ٻيون تنظيمون: پيوريٽو جي فالن، پيرو جي شاننگ پاٿ، ۽ فرانس جي ڊائريڪٽ ايڪشن دھشتگرد تنظيمون سمجھيون وينديون آهن ۽ انھن جون دنيا جي مختلف حصن ۾ ماتحت شاخون پڻ آهن. ھڪ تنظيم جو نالو مافيا آهي جيڪا 1600 ۾ اٽليءَ ۾ قائم ٿي ۽ ان وقت اٽلي اسپين جي حڪمرانيءَ ۾ ھيو ۽ 1800 ۾ ان تنظيم کي پوري دنيا ۾ وڌايو ويو . ان تنظيم ۾ گينگ کي فيملي چيو ويندو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ آمريڪا ۾ ھن وقت بہ ان جا 6000 ميمبر موجود آھن ۽ اھا تنظيم ھر سال 50 ارب ڊالرن جو فنڊ گڏ ڪندي آھي جيڪو جسم فروشي، منشيات ، ڌاڙن ء قتل جي وارداتن ذريعي حاصل ٿيندو آھي. اسرائيل به موساد نالي تنظيم ٺاھي دھشتگردي شروع ڪئي جيڪا پوء ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسي بڻجي وئي.[4]

يونائٽيڊ ايئرلائينز جي فلائيٽ نمبر 175نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٽاور سان ٽڪرجڻ سان لڳندڙ باھ

حوالا[سنواريو]

  1. "Pakistan: A failed state or a clever gambler?". BBC News. 7 May 2011.
  2. Wisnewski, J. Jeremy, ed (18 December 2008). Torture, Terrorism, and the Use of Violence (also available as Review Journal of Political Philosophy Volume 6, Issue Number 1). Cambridge Scholars Publishing. p. 175. ISBN 978-1-4438-0291-8. https://books.google.com/books?id=QbALBwAAQBAJ&pg=PA175. 
  3. "Terrorism". Encyclopædia Britannica. صفحو. 3. حاصل ڪيل 2015-01-07. 
  4. { ڪتاب: گلشن مضامین ؛ از: ڈاکٹر صلاح الدین، رضا الحق بدخشانی، محمد ثقلین بھٹی؛ اظہر پبلشرز، لاہور }