قومي رياست

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سانچو:حڪومت جا بنيادي قسم

قومي رياست (Nation state) ان رياست کي چئبو آهي جنهن ۾ عوام جي اُمنگن جي مطابق فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ حڪومتون پڻ عوام جي خواهش جي مُطابق بڻجنديون آهن. قومي رياست (Qoumi riyaasat) يا نيشن اسٽيٽ (Nation State) هڪ بااختيار ۽ خودمختيار سياسي ايڪو آهي، جنهن کي رياستي ۽ جاگرافيائي وجود هجي، ان کي ’قومي رياست‘ سڏيو ويندو آهي . قوم کي رڳو ثقافتي يا نسلي وجود هوندو آهي، پر ’قومي رياست‘ مطابق ڪو به خاص علائقو ٻنهي، يعني جاگرافيائي ۽ سياسي (توڙي ثقافتي ) لحاظ کان بااختيار ۽ فيصلن ڪرڻ ۾ آزاد آهي. جديد قومي رياست جو بنياد ٽن اصولن آجپي (Sovereignty)، علاقائي ڳانڍاپو (Territorial Integrity) ۽ قانوني برابري (Legal Equality) تي بيٺل آهي. ’آجپي‘ ذريعي ڪنهن به رياست جا قانون جوڙيندڙ ادارا ۽ حڪومت قانون/پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن کي لاڳو ڪرائڻ ۾ آزاد هوندا آهن ، مٿن ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ نه هوندو آهي . ’علائقائي ڳانڍاپي‘ مطابق ڪنهن به ٻاهرين قوت کي اها اجازت نه هوندي، ته اها ڪنهن به قومي رياست جي علائقي تي طاقت جي زور تي قبضو ڪري ڇڏي . منجهانئن ڪن رياستن ۾ ڪا اڻبڻت هجڻ جي صورت ۾ سڀ معاملا سفارتڪاريءَ ۽ مذاڪرات ذريعي حل ڪيا ويندا. جڏهن ته’قانوني برابريءَ‘ ذريعي دنيا جي ننڍين توڙي وڏين قومن جي حيثيت هڪ جيتري هوندي ۽ عالمي برادريءَ ۾ سندن حقن کي علائقي ، آباديءَ، فوجي سگهه ، معاشي وڏائيءَ ۽ ذريعن وغيره جي بنياد تي طئي نه ڪيو ويندو . ’قومي رياست‘ جي ابتدا ’ويسٽفيليائي معاهدي‘ (1648ع) سان ٿئي ٿي ، جڏهن يورپ جي حاڪمن هڪٻئي جي رياستي سرحدن جو قيام عمل ۾ آند ۽ رياستي معاملن ۾ پوپ يا رومي بادشاهن جي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو . ان کان سواءِ يورپي حاڪمن اهو به طئي ڪيو ته مستقبل ۾ سڀ اختيار رياست ۽ ان جي حاڪمن کي حاصل هوندا ۽ اهي قومي وسيلن ۽ آباديءَ کي ملڪي مفادن موجب استعمال ڪري سگهندا . ان تسلسل ۾ ’قومپرستيءَ‘ جو جذبو جوان ٿيو ۽ ان رياستي سرشتي کي قومي مفادن سان اڃا وڌيڪ سلهاڙي ڇڏيو.[1]



حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد