پارليامينٽري نظام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مختلف پارليامينٽري نظامن جو نقشو
  پارليامينٽري ريپبلڪ جتي پارليامينٽ رياستي سربراھ کان سريم آهي.
  پارليامينٽري ريپبلڪجنھن ۾ ھڪ ايگزيڪيٽو صدر پارليامينٽ جي ٽيڪ تي ڪم ڪندو آهي.
  آئيني بادشاھت جنھن ۾ اختيار پارليامينٽ وٽ ھوندا آھن.

پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام(انگريزي: parliamentary system) خودمختيار رياست جي حڪومت جو جمھوري نظام ھوندو آھي جتي انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ جي تائيد سان حاصل ڪندي آھي ۽ پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندي آھي.پاريامينٽري سسٽم ۾ رياست جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ الڳ الڳ ھوندا آھن. اھو ھن نظام جي ۽ صدارتي نظام ۾ فرق ھوندو آھي . صدارتي نظام ۾ رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو ھوندو آھي ۽ انتظامي حڪومت جمھوري استحقاق پارليامينٽ کان ناھي وٺندي. پارلياماني جمهوريت وارا ملڪ آئيني بادشاهت وارا بہ ٿيندا آهن جنھن ۾ رياست جو سربراھ بادشاھ ھوندو آھي ۽ حڪومت جو سربراھ وري پارليامينٽ مان ٿيندو آهي . آئيني بادشاهت وارن ملڪن ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم، ڊينمارڪ،سوئيڊن ۽ جاپان شامل آهن. جتي آئيني بادشاهت ناھي اتي رياست جو سربراھ صدر ھوندو آھي.اھڙن ملڪن ۾ پاڪستان، انڊيا، جرمني،اٽلي، آئرلينڊ. ڪجهه پارليامينٽري سسٽم يا پارلياماني نظام وارا ملڪ اھڙا آھن جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ساڳيو آهي پر اھو پارليامينٽ جي آڏو جوابده ھوندو آھي.انھن ملڪن ۾ بوٽسوانا، ڏکڻ آفريڪا ۽ سري نام شامل آهن.

دنيا جي ملڪن جو رنگن ذريعي حڪومتي نظام ڏيکاريل1
      مڪمل صدارتي ريپبلڪون2       نيم صدارتي ريپبلڪون2
     اگزيڪيوٽو صدر رکندڙ ريپبلڪون جيڪو مقننه ذريعي نامزد يا چونڊيو ويندو آهي ۽ ان جو پارليامينٽٽ کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لک لازمي ھوندو يا نہ ھوندو آھي       پارلياماني ريپبلڪون2
     پارلياماني آئيني بادشاھتون      الڳ حڪومتي سربراھ رکندڙ آئيني بادشاھتون جتي شاھي سربراھ بہ قانونسازي ۽ ايگزيڪيوٽو وارا اھم اختيار رکندڙ
     مطلق العنان بادشاھتون      ھڪ جماعتي رياستون
     فوجي آمريت وارا ملڪ      مٿين سڀني نظامن شمار نہ ٿيندڙ ملڪ
1 ھي نقشو وڪيپيڊيا جي ملڪن جي حڪوتي نظامن واري فھرست مطابق ٺھيل آھي2 ڪافي رياستون آئيني لحاظ کان ڪثيرالجماعت ريبلڪ ھجڻ باوجود آمراڻيون رياستون سڏجن ٿيون. ھن نقشي ۾ حڪومت جو ڊي جيور نمونو ڏيکاريو ويو آھي. ان م جمھوريت جو ڊي فيڪٽو درجو ناھي ڏيکاريل

حوالا[سنواريو]

.