ديھ مٽياري
| فائل:مٽياري ديھ.jpg ديھ مٽياري جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | مٽياري ٿاڻو |
| تپو | مٽياري |
| مشهور ڳوٺ | خشڪن جو ڳوٺ |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| آبادي | 18795[1] |
| قيام | 1939 کان اڳ |
| لاڳاپيل ديهون | ديھ چارج 19، ديھ صاحب سمان، ديھ ٻيلو مٽياري ، ديھ ٻيلو جاکري ، ديھ پوراٺ ،ديھ ابڙيجاڻي |
ديھ مٽياري : (انگريزي ٻولي: Deh Matiari)، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ مٽياري شھر واقع آھي. شھر جي چوڌاري زرعي زمينون آھن. ھن ديھ جي ٻھراڙيءَ ۾ خشڪن جو ڳوٺ واقع آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ پوراٺ، ديھ صاحب سمان ۽ چارج 19،ابڙيجاڻي جيڪا اڳ ديھ ستر ھئي سان ملن ٿيون[2].ھن ديھ مان مٽياري بچاء بند گذري ٿو جنھن کي ھن پار ديھ ٻيلو مٽياري ۽ ديھ ٻيلو جاکري واقع آھن جيڪي ڪچي جو علائقا آهن ۽ درياءَ لڳ واقع آھن. ھن ديھ جو قيام 1939 کان آڳ ٿيو ھو ان وقت مٽياري جو شھر ھڪ وڏو ڳوٺ ھوندو ھو[3]. ھي ديھ مٽياري ٿاڻي جي انتظامي حدن ۾ شامل آهي.ھن ديھ ۾ چوڌاري روڊن جو ڄار آھي جيڪو مٽياري شھر کان مختلف ننڍن ۽ وڏن شھرن سان ملندڙ آھن. سڀ کان وڏو رستو جيڪو ھتان گذري ٿو اھو نيشنل ھاء وي 5 آھي جيڪو ديھ صاحب سمان واري دنگ کان داخل ٿي ديھ ابڙيجاڻي واري دنگ کان نڪري ٿو.ھن ديھ ۾ ضلعي ۽ تعلقي جا صدر مقام واقع اھن . مٽياري جڊيشل ڪامپليڪس بہ ھن ديھ ۾ آهي.ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 9383-28 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري موجب ھن ديھ جي آبادي 18795 ھئي.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.nasarpur.com/citysurround.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ http://www.nasarpur.com/citysurround.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)