ديھ مٽياري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ مٽياري
Deh Matiari
فائل:مٽياري ديھ.jpg
ديھ مٽياري جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا مٽياري ٿاڻو
تپو مٽياري
مشهور ڳوٺ خشڪن جو ڳوٺ
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 18795[1]
قيام 1939 کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ چارج 19، ديھ صاحب سمان، ديھ ٻيلو مٽياري ، ديھ ٻيلو جاکري ، ديھ پوراٺ ،ديھ ابڙيجاڻي


ديھ مٽياري : (انگريزي ٻولي: Deh Matiariپاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ مٽياري شھر واقع آھي. شھر جي چوڌاري زرعي زمينون آھن. ھن ديھ جي ٻھراڙيءَ ۾ خشڪن جو ڳوٺ واقع آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ پوراٺ، ديھ صاحب سمان ۽ چارج 19،ابڙيجاڻي جيڪا اڳ ديھ ستر ھئي سان ملن ٿيون[2].ھن ديھ مان مٽياري بچاء بند گذري ٿو جنھن کي ھن پار ديھ ٻيلو مٽياري ۽ ديھ ٻيلو جاکري واقع آھن جيڪي ڪچي جو علائقا آهن ۽ درياءَ لڳ واقع آھن. ھن ديھ جو قيام 1939 کان آڳ ٿيو ھو ان وقت مٽياري جو شھر ھڪ وڏو ڳوٺ ھوندو ھو[3]. ھي ديھ مٽياري ٿاڻي جي انتظامي حدن ۾ شامل آهي.ھن ديھ ۾ چوڌاري روڊن جو ڄار آھي جيڪو مٽياري شھر کان مختلف ننڍن ۽ وڏن شھرن سان ملندڙ آھن. سڀ کان وڏو رستو جيڪو ھتان گذري ٿو اھو نيشنل ھاء وي 5 آھي جيڪو ديھ صاحب سمان واري دنگ کان داخل ٿي ديھ ابڙيجاڻي واري دنگ کان نڪري ٿو.ھن ديھ ۾ ضلعي ۽ تعلقي جا صدر مقام واقع اھن . مٽياري جڊيشل ڪامپليڪس بہ ھن ديھ ۾ آهي.ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 9383-28 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري موجب ھن ديھ جي آبادي 18795 ھئي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)