ديھ صاحب سمان
ڏيک
(ديھ صاحب سمن کان چوريل)
| فائل:صاحب سمون ديھ جو نقشو.jpg ديھ صاحب سمان جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | مٽياري ٿاڻو |
| تپو | مٽياري |
| سروي نمبر | 1 کان 573 |
| مشهور ڳوٺ | صاحب سمان، ميمڻ جي وسي، سومار چنڊ |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| آبادي | 6692[1] |
| قيام | 1905ع کان اڳ |
| لاڳاپيل ديهون | ديھ مٽياري ، ديھ چارج 19 ، ديھ ڀورڪو ، ديھ ستر ، ديھ اميلپر ، ديھ گھلئي |
| اهم مقام | ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ، کيبر-مٽياري بچاء بند، |
ديھ صاحب سمن: Deh Sahib Saman: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ ميمڻ جي وسي ۽ ڳوٺ صاحب سمان ۽ ڳوٺ سومار چنڊ، ڳوٺ ٻڍو مجيداڻو واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ جيئندل، ديھ مٽياري ، ديھ چارچ 19، ديھ ڀورڪو، ديھ ستر، ديھ مٽياري ۽ تعلقي حيدرآباد جي ديھ اميلپر ۽ ديھ گھلئي سان ملن ٿيون.[2] ھن ديھ مان نيشنل ھاء وي 5 گذري ٿو. ديھ جي تعلقي حيدرآباد واري دنگ سان سرفراز واھ وھندڙ ھيو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو. ھن ديھ جي سروي نمبر 543 ۾ نيشنل ھاء وي 5 لڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واقع آهي. ھن ديھ مان کيبر مٽياري بچاء بند پڻ واقع آهي. ھن ديھ جو جاگرافيائي محل وقوع 4192-15 آھي ۽ 1998 جي هڪ آدمشماريءَ موجب ھن جي آبادي 6692 آھي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.nasarpur.com/citysurround.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ http://www.nasarpur.com/citysurround.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)