ديھ مري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ مري
Deh Mari
فائل:مري.jpg
ديھ مري جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا اڏيرولال وليج ٿاڻو
تپو اڏيرولال
سروي نمبر 1 کان 331 تائين
مشهور ڳوٺ غلام شاھ مري ۽ ڳوٺ درس
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1883ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ کورکاڻي، ديھ ڍنڍو،ديھ ننڌيرو ديھ ھڪڙا، ديھ ڪھڪي ، شھدادپور تعلقي جي ديھ گلر، ديھ درماہ ۽ ديھ ڌموئي

ديھ مري: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي اڏيرولال جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ غلام شاھ مري، ڳوٺ درس، سروي نمبر 24 ۽ سروي نمبر 224 ۾ پڻ ٻہ ڳوٺ واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ کورکاڻي، ديھ ڍنڍو ، ديھ ھڪڙا، ننڌيرو،ديھ ڪھڪي، سانگھڙ ضلعي جي تعلقي شھدادپور جون ٽي ديھون ديھ گلر، ديھ درماہ ۽ ديھ ڌموئي سان ملن ٿيون. ھي ديھ انتظامي طور تي اڏيرولال وليج ٿاڻي جي حدن۾واقع آهي. ھن جو قيام 1883 کان اول عمل ۾ آيو ۽ 1983 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 331 تائين ھيا.ھن ديھ مان اڏيرولال ۽ ٽنڊوآدم لنڪ روڊ گذري ٿو.ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 ۾ شامل آھي.

حوالا[سنواريو]