ديھ اڏيرولال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديھ اڏيرو لال: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو جنھن ۾ اڏيرولال وليج نالي ٽائون ڪاميٽي واقع آهي.ان کان علاوه ھن ديھ ۾ ڳوٺ ابوبڪر موريجا، ڳوٺ ڀوريون ۽ ڳوٺ خضريون پڻ واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي جتي بصر، ڪيلو ،وونئڻ، ، ڪمند ۽ ڪڻڪ جا فصل ٿين ٿا. ھن ديھ جون حدون ديھ کورکاڻي، ديھ ٺوڙھا ، ديھ ننديرو، ديھ ڍانڍو ۽ ديھ سدري سان ملن ٿيون.