ديھ صاحب سمان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ صاحب سمان
Deh Sahib Saman
فائل:صاحب سمون ديھ جو نقشو.jpg
ديھ صاحب سمان جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا مٽياري ٿاڻو
تپو مٽياري
سروي نمبر 1 کان 573
مشهور ڳوٺ صاحب سمان، ميمڻ جي وسي، سومار چنڊ
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 6692[1]
قيام 1905ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ مٽياري ، ديھ چارج 19 ، ديھ ڀورڪو ، ديھ ستر ، ديھ اميلپر ، ديھ گھلئي
اهم مقام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ، کيبر-مٽياري بچاء بند،


ديھ صاحب سمن: Deh Sahib Saman: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ ميمڻ جي وسي ۽ ڳوٺ صاحب سمان ۽ ڳوٺ سومار چنڊ، ڳوٺ ٻڍو مجيداڻو واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ جيئندل، ديھ مٽياري ، ديھ چارچ 19، ديھ ڀورڪو، ديھ ستر، ديھ مٽياري ۽ تعلقي حيدرآباد جي ديھ اميلپر ۽ ديھ گھلئي سان ملن ٿيون.[2] ھن ديھ مان نيشنل ھاء وي 5 گذري ٿو. ديھ جي تعلقي حيدرآباد واري دنگ سان سرفراز واھ وھندڙ ھيو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو. ھن ديھ جي سروي نمبر 543 ۾ نيشنل ھاء وي 5 لڳ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واقع آهي. ھن ديھ مان کيبر مٽياري بچاء بند پڻ واقع آهي. ھن ديھ جو جاگرافيائي محل وقوع 4192-15 آھي ۽ 1998 جي هڪ آدمشماريءَ موجب ھن جي آبادي 6692 آھي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)