ديھ بھريون
| فائل:ٻھيريون.jpg ديھ بھريون جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | اڏيرولال وليج ٿاڻو ۽ اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻو |
| تپو | نوبت مري |
| سروي نمبر | 1 کان |
| مشهور ڳوٺ | شھدادجت |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| قيام | 1920ع کان اڳ |
| لاڳاپيل ديهون | چارج 20، ديھ سيکاٽ ، ديھ صادري ، ديھ اڏيرولال جاگير ، ديھ کڏي ، ديھ ھڪڙا |
| اهم مقام | ايريگيشن کاتي جو بنگلو-ڏھ دري |
ديھ بھريون : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي نوبت مري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ شھداد جت ۽ ايريگيشن کاتي جو بنگلو-ڏھ دري واقع آھن.ھن ديھ جون حدون ديھ کڏي ، ديھ چارج 20 يا جاکري جاگير، ديھ صادري،پ ديھ اڏيرو لال جاگير، ديھ سيکاٽ ۽ ديھ ھڪڙا سان ملن ٿيون.[1] ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي آھي. قدرتي گيس جي پائيپ لائين ھن ديھ ۾ اڏيرولال جاگير مان داخل ٿي جاکري جاگير ۾ نڪري ٿي. ھن ديھ ۾ مختلف واھ يا شاخون وھندڙ ٿيون جن ۾ روھڙي ڪئنال ديھ سيکاٽ کان ديھ صادري طرف وھي ٿو،سلطان پور مائينر ۽ نصير برانچ، ڀونقار ڊسٽريبيوٽري ۽ خالق واھ ديھ کڏي کان ديھ صادري طرف وھن ٿا. گھلو واھ پڻ ھن ديھ ۾ وھندو ھو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو.ھي ديھ مٽياري جي قومي اسيمبلي واري تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ PS-59 ۾ شامل آھي.انتظامي طور تي ھي ديھ اڏيرولال وليج ٿاڻي ۽ اڏيرولال اسٽيشن نالي جي حدن ۾ واقع آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)