ديھ راڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ راڻو
Deh Rano

ديھ راڻو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو سعيدآباد
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا سعيدآباد ٿاڻو
تپو زير پير
سروي نمبر 1 کان 230
مشهور ڳوٺ طيب ڏاھري ۽ منصورہ
صوبائي تڪ PS.58
قومي تڪ NA.223
قيام 1949ع
لاڳاپيل ديهون ديھ بنگلو، ديھ تارا، ديھ سھراب پور، ديھ فتح پور، ديھ ڀنڀري
اهم مقام منصورہ ۾ جماعت اسلامي جو مڪتب جيڪو ديھ جو اھم تعليمي مرڪز آھي.

ديھ راڻو (انگريزي ٻولي: Deh Ranoپاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيدآباد جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪا زير پير تپي ۾ واقع آهي. ڪجهه ھن جنھن ۾ ڳوٺمنصورہ جتي جماعت اسلامي جو مشھور مدرسو به آھي ۽ ڳوٺ طيب ڏاھري. ديھ جي 1976 واري نقشي مطابق ان ۾ ڳوٺ ڪوڙو ڏاھري، ڳوٺ ڏيپر پڻ واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ فتح پور، ديھ سھراب پور، ديھ تارا، ديھ ڀنڀري ۽ ديھ بنگلو سان لڳن ٿيون.ھن ديھ جو قيام 1949 ۾ عمل ۾ آيو. ھن ۾ 1 کان 230 روينيو سروي نمبر آھن.[1] ھن ديھ جي سھراب پور ديھ واري دنگ تي آوت واھ هوندو هو جيڪو ڦٽي ويو.ديھ بنگلو واري دنگ تي ڏني جو ڦٽل ڪڙيو ھوندو ھو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)