ديھ بائو ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ بائوديرو
Deh Baudero
فائل:بائوديرو.jpg
ديھ بائوديرو جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا سيکاٽ ٿاڻو
تپو سيکاٽ
سروي نمبر 1 کان 503
مشهور ڳوٺ شھمير جي وسي، بائوديرو
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1883ع
لاڳاپيل ديهون ديھ جاکري، ديھ پنو، ديھ ابڙيجاڻي، ديھ سيکاٽ

ديھ بائوديرو: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪو سيکاٽ تپي ۾ واقع آهي. جنھن ۾ ڳوٺ بائوديرو ۽ ڳوٺ شھمير جي وسي واقع آھن. پراڻي نقشن مطابق ھتي پنھورن جو ڳوٺ، لشڪري ڳوٺ، ڳوٺ احمد ميمڻ پڻ واقع آھن . ھن ديھ جي اڪثر ايراضي زرعي زرخيز زرعي زمينن تي مشتمل آهي. ۽ انبن جا باغ پڻ آھن . ھن ديھ جون حدون ديھ سيکاٽ ۽ ديھ ابڙيجاڻي،ديھ پنو، ديھ جاکري جاگير سان ملن ٿيون. پراڻن نقشن جي رڪارڊ مطابق ھي ديھ 1883 ۾ قائم ٿي ۽ ان ۾ ھڪ کان 503 روينيو سروي نمبر آھن.[1] پراڻو نصير واھ پڻ ھن ديھ مان وھندو ھو جيڪو ھاڻي ڦٽل حالت ۾ آھي ۽ اھو ديھ جاکري مان ھن ديھ ۾ داخل ٿي وري ديھ ابڙيجاڻي ڏي وھندڙ ھيو. مٽياري مائينر ھن ديھ مان گذرندڙ آهي جيڪا ديھ سيکاٽ کان ديھ ابڙيجاڻي طرف وھندڙ آھي. ھن ديھ جي پراڻين بائونڊرين ۾ ڪڙيو سيد قطب شاھ جو، ڪسي عمر شاھ، ڪڙيو واري وارو شامل آهن. ھن ديھ جي سيکاٽ ديھ واري بائونڊري نيشنل ھاء وي 5 سان ملي ٿي جتان گيس جي پائيپ لائين مٽياري کان دولتپور طرف وڃي ٿي ان مان سروي نمبر 217 ۾ گيس جو ڪنيڪشن المدينه پيٽروليم سروس کي سي اين جي لاءِ مليل آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. {Gas & Oil Pakistan Limited - OgraPDFwww.ogra.org.pk › download}