ديھ بائو ديرو
| فائل:بائوديرو.jpg ديھ بائوديرو جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | سيکاٽ ٿاڻو |
| تپو | سيکاٽ |
| سروي نمبر | 1 کان 503 |
| مشهور ڳوٺ | شھمير جي وسي، بائوديرو |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| قيام | 1883ع |
| لاڳاپيل ديهون | ديھ جاکري، ديھ پنو، ديھ ابڙيجاڻي، ديھ سيکاٽ |
ديھ بائوديرو: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪو سيکاٽ تپي ۾ واقع آهي. جنھن ۾ ڳوٺ بائوديرو ۽ ڳوٺ شھمير جي وسي واقع آھن. پراڻي نقشن مطابق ھتي پنھورن جو ڳوٺ، لشڪري ڳوٺ، ڳوٺ احمد ميمڻ پڻ واقع آھن . ھن ديھ جي اڪثر ايراضي زرعي زرخيز زرعي زمينن تي مشتمل آهي. ۽ انبن جا باغ پڻ آھن . ھن ديھ جون حدون ديھ سيکاٽ ۽ ديھ ابڙيجاڻي،ديھ پنو، ديھ جاکري جاگير سان ملن ٿيون. پراڻن نقشن جي رڪارڊ مطابق ھي ديھ 1883 ۾ قائم ٿي ۽ ان ۾ ھڪ کان 503 روينيو سروي نمبر آھن.[1] پراڻو نصير واھ پڻ ھن ديھ مان وھندو ھو جيڪو ھاڻي ڦٽل حالت ۾ آھي ۽ اھو ديھ جاکري مان ھن ديھ ۾ داخل ٿي وري ديھ ابڙيجاڻي ڏي وھندڙ ھيو. مٽياري مائينر ھن ديھ مان گذرندڙ آهي جيڪا ديھ سيکاٽ کان ديھ ابڙيجاڻي طرف وھندڙ آھي. ھن ديھ جي پراڻين بائونڊرين ۾ ڪڙيو سيد قطب شاھ جو، ڪسي عمر شاھ، ڪڙيو واري وارو شامل آهن. ھن ديھ جي سيکاٽ ديھ واري بائونڊري نيشنل ھاء وي 5 سان ملي ٿي جتان گيس جي پائيپ لائين مٽياري کان دولتپور طرف وڃي ٿي ان مان سروي نمبر 217 ۾ گيس جو ڪنيڪشن المدينه پيٽروليم سروس کي سي اين جي لاءِ مليل آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) - ↑ {Gas & Oil Pakistan Limited - OgraPDFwww.ogra.org.pk › download}