ديھ شاھپور
| فائل:شاھپور.jpg ديھ شاھپور جو نقشو | |
| ضلعو | مٽياري |
|---|---|
| تعلقو | مٽياري |
| صوبو | سنڌ |
| پوليس ٿاڻا | شاھپور ٿاڻو |
| تپو | شاھپور |
| سروي نمبر | 1 کان 268 |
| مشهور ڳوٺ | شاھپور |
| صوبائي تڪ | PS-59 |
| قومي تڪ | NA-223 |
| آبادي | 5266 [1] |
| قيام | 1935ع کان اڳ |
| لاڳاپيل ديهون | ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي ، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي |
ديھ شاھپور: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي شاھپور جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ شاهپور ۽ لوريڙن جو ڳوٺ واقع آھن.ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي ۽ زرخيز آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي سان ملن ٿيون. ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 3293-28 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي آبادي 5266 آهي[1]. ھن ديھ جو قيام 1935کان اڳ ٿيو ۽ 1979 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 268 تائين ھيا.[2] ھن ديھ جي چئن ديھن سوھڪي، پليجاڻي، ڪيٽي ۽ پنھورڪي ديھن جي دنگن تي چوڌاري نصير واھ وھندو ھيو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو . شاھپور مائنر، سومرا مائينر ۽ روھڙي ڪئنال پڻ ھن ديھ مان وھندڙ ٿا. شاھپور ڳوٺ ۽ مٽياري لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آھن. نصر پور مٽياري لنڪ روڊ بہ ھن ديھ مان گذري ٿو.ھي ديھ انتظامي طور تي شاھپور ٿاڻي جي حدن ۾ واقع آهي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 ۾ شامل آھي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 http://www.nasarpur.com/citysurround.html۔ خالي يا غائب
|title=(مدد) حوالي جي چڪ: Invalid<ref>tag; name "nasarpur.com" defined multiple times with different content - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/۔ خالي يا غائب
|title=(مدد)