ديھ شاھپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ شاھپور
Deh Shahpur
فائل:شاھپور.jpg
ديھ شاھپور جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا شاھپور ٿاڻو
تپو شاھپور
سروي نمبر 1 کان 268
مشهور ڳوٺ شاھپور
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 5266 [1]
قيام 1935ع کان اڳ
لاڳاپيل ديهون ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي ، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي

ديھ شاھپور: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي شاھپور جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ شاهپور ۽ لوريڙن جو ڳوٺ واقع آھن.ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي ۽ زرخيز آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي سان ملن ٿيون. ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 3293-28 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي آبادي 5266 آهي[1]. ھن ديھ جو قيام 1935کان اڳ ٿيو ۽ 1979 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 268 تائين ھيا.[2] ھن ديھ جي چئن ديھن سوھڪي، پليجاڻي، ڪيٽي ۽ پنھورڪي ديھن جي دنگن تي چوڌاري نصير واھ وھندو ھيو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو . شاھپور مائنر، سومرا مائينر ۽ روھڙي ڪئنال پڻ ھن ديھ مان وھندڙ ٿا. شاھپور ڳوٺ ۽ مٽياري لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آھن. نصر پور مٽياري لنڪ روڊ بہ ھن ديھ مان گذري ٿو.ھي ديھ انتظامي طور تي شاھپور ٿاڻي جي حدن ۾ واقع آهي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 ۾ شامل آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)