ديھ جيندل ڪوٽ
فائل:جيندل ڪوٽ.jpg ديھ جيندل ڪوٽ جو نقشو | |
ضلعو | مٽياري |
---|---|
تعلقو | مٽياري |
صوبو | سنڌ |
پوليس ٿاڻا | مٽياري ٿاڻو |
تپو | ساڳيو -- جيندل ڪوٽ |
سروي نمبر | 1 کان 462 |
مشهور ڳوٺ | جيندل ڪوٽ، ڳوٺ دليل مڱريو ۽ ڳوٺ مشتاق حاجاڻو. |
صوبائي تڪ | PS-59 |
قومي تڪ | NA-223 |
آبادي | 4036 [1] |
قيام | 1883ع |
لاڳاپيل ديهون | ديھ صاحب سمان ، ديھ ڀورڪو، ديھ ٻارچاڻي، ديھ آرائين، تعلقي حيدرآباد جي ديھ اميلپر ۽ ديھ ملڪي |
ديھ جيندل ڪوٽ: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪا خود ھڪ تپو پڻ آهي. ان ۾ ڳوٺ شيخ ٽيھڙ ، جيندل ڪوٽ، ڳوٺ دليل مڱريو ۽ ڳوٺ مشتاق حاجاڻو واقع آھن. ھن ديھ جي اڪثر زمين زرعي آھي.ھن ديھ جون حدون مٽياري ضلعي ۾ ديھ ٻارچاڻي، ديھ ڀورڪو ۽ ديھ صاحب سمان سان ملن ٿيون ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ تعلقي حيدرآباد جي ديھن اميلپر ۽ ملڪي سان ملن ٿيون. ھن ديھ جو قيام 1883 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار جي دؤر ۾ عمل ۾ آيو. 1962 عيسويءَ جي ديھ جي نقشن مطابق ھن ديھ جي روينيو سروي نمبرن جو تعداد 1 کان 462 تائين ھيون[2] انتظامي طور تي ھيء ديھ مٽياري ٿاڻي جي حدن ۾ آھي.ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر 223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 جو حصو آهي. روينيو کاتي جي پراڻن نقشن مطابق ساندن واري ريلوي اسٽيشن کان ھڪ روڊ ھن ديھ مان گذري مٽياري طرف وڃي ٿو . ديھ ٻارچاڻي مان مٽياري طرف ھڪ رستو ھن ديھ مان گذرندو ھو جيڪو روينيو کاتي جي 1962 واري نقشي ۾ ڦٽل ڏيکاريو ويو آهي. ھن ديھ ۾ ٻيا ڳوٺ راضي وگھايل، ڳوٺ نورخان وگھايل، سروي نمبر 340 ۽ 363 جي وچ ۾ چنڊن جو ڳوٺ، سروي نمبر 101 ,106, 100 جي وچ ۾ درزين جو ڳوٺ، ڳوٺ لعل ڏنو، ڳوٺ ڏاتر ڏنو 1962 واري نقشي ۾ موجود ڏيکاريل آھن. ديھ آرائين واري دنگ تي ڦٽل نصير واھ واقع اٿس. ديھ ڀورڪو واري دنگ تي ڀورڪو واھ وھندڙ اٿس[3] ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 2999-34 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري موجب ھن جي آبادي 4036 ھئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد)