ديھ ڪيريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديھ ڪيريا: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ لقمان ڪوريجو ڳوٺ محمد حسن ڪيريو پراڻو ڳوٺ رمضان ڪيريو ڳوٺ ٻڍل ميمڻ ڳوٺ قادو ڪوريجا ڳوٺ جمال حاجاڻو ڳوٺ الھ بچايو ماڇي ،ڳوٺ گل محمد ماڇي ڳوٺ خدا آباد مير فتح علي خان جو مقبرو ۽ ميرن جي تاريخي قبرستان سميت موجن شاھ جو صديون پراڻو قبرستان بہ واقع آھن ٽالپرن جي دور جو ڦٽل شھر خدا آباد بہ ھن ديھ ۾ واقع آھي.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي ۽ زرخيز زمينن تي مشتمل آهي.ڪيريہ ديھ ۾ ٽوٽل ايراضي 2282 ايڪڙ آھي ديھ ۾ 1 کان 439 سروي نمبر آھن انھن جو جوڙ 1993 ايڪڙ ۽ باقي ايراضي ڳوٺن واھن ڪڙين رستن ۽ مقامن جي آھي ھن ديھ جون حدون ديھ ڊڀري، ديھ ھالا نوان، ديھ جھرڪي، ديھ ٻنڌ ، ديھ ڀاڻوٺ ۽ ديھ پير بلاولي سان ملن ٿيون