ديھ کيبراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديھ کيبراڻي:خيبراڻي : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ جمعو شھوڪ، ٽائون ڪاميٽي کيبر، ڳوٺ عطر فقير ۽ ڳوٺ رشيد کيبر واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ مان نيشنل ھاء وي جو گزر ٿئي ٿو ۽ کيبر شھر مان لنڪ روڊ ٽنڊو ادم طرف ويندڙ آھي. ھن جون حدون ديھ ڪتڪي، ديھ ريڇل، ديھ ٻيلو مريد ، ديھ ڀاڻوڪي، ديھ ٺوڙھا، ديھ وساڻ ۽ ديھ چارج 20 سان ملن ٿيون.